منهنجي شاعري

shaheen latif
نثري نظم۔۔۔دٻڻ
دولت جي َانبارتي
گهڻي ملڪيت جي نشي ۾
هڪ انسان
ٻي کي معمولي سڏيندي
پاڻ کي
غير معمولي انسان سمجهندي
پاڻ کي پنهنجي سطح کان
ڪيڏو هيٺ ڪري
غرور جي دٻڻ ۾
هوريان هوريان لهندو وڃي ٿو
پر هي امير ماڻهون
خبر ناهي
ڪڏهن انسان جو تقدس سمجهندا؟
دولت جا غلام اميري جا جانشين
هن غريبي جي ڇانوَ۾
پلجندڙ۽ پيٽ بکائيلن کي
جئيڻ جو هق ڏيندا
پاڻ جيان ڪڏهن سمجهندا
هنن پٺي اُگهاڙن کي؟
 
گهرا خيال، اوهان جو مشاهدو ۽ تصور وڻيو۔

اميد ته ائين ئي لکندا رهندا۔
 
گهرا خيال، اوهان جو مشاهدو ۽ تصور وڻيو۔

اميد ته ائين ئي لکندا رهندا۔
 
Back
Top