جواني

جواني اچڻ سان ،عجب رنگ لاتو
ٿيو روح ڪنهن سان ملڻ لاءِ آتو

اچي دل ۾ ۔ ڪنهن دلربا پير پاتو

ڪنهن سنگدل سان . لڳو نينهن ناتو

ويا ياد وسري ، خوشئ جا ترانا

ٿيا خواب ،سڀ هم جليسن جا گانا

اچانڪ ٿيو دل ۾ طوفان پيدا

خوشي جي جڳه رنگ و حر مان پيدا

عجب انتظاري ۽ ارمان پيدا

ٿيا بيقراري جا سامان پيدا

اسان ۽ جدئي جون راتيون ۽ دانهون

صبح شام آه و فغان سرد آهون :(

جنهن بيوفا لاءِ گهر مان لٽايو

انهئ سنگدل ڪين ناتو نڀايو

مون پنهنجي هٿن ساڻ سڀ ڪجه وڃايو

ڏکئي وقت ۾ سوڀي مگر ڪم نه آيو

ڇڏي ويو اچانڪ ڪري بيوفائي

ڏيئي ويو شڪيل اچانڪ سو درد جدائي ؟:(

 
اچي دل ۾ ۔ ڪنهن دلربا پير پاتو
ڪنهن سنگدل سان . لڳو نينهن ناتو
ويا ياد وسري ، خوشئ جا ترانا

واهه واهه ۔۔۔۔ خوبصورت خيال
 
Back
Top