منهنجو تعارف منهنجو نالو مسيح مگسي آهي،منهنجو ديس مون کان کسجي ويو آهي، ان کي ڳولڻ لا مان 65 سالن کان سرگردان آهيان
ادا مسيح مگسي اسلام عليڪم۔دل جي گهرائين سان اوهان کي هن ڪکائين محبتي ڀريل اڳڻ تي ڀليڪارچئون ٿا۔هي فورم هر باشعورانسان کي هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ٿوڪري تاڪي هو پنهنجا خوبصورت ويچار ۽ سنڌي ٻولي سان محبت جو اظهارکليل لفظن ۾ ڪري سگهي۔هن اڳڻ جو هر ڀاتي پيار۔محبت،خلوص ۽ وفاشعاري جي لڙي ۾ پرويل آهي۔توهان جي ميمبر ٿيڻ سان اميد ته هڪ سٺي ڀاتي جو اضعافو ٿيندو،توهان جي ليکن ۽ رائي جو انتظار رهندو۔هميشه خوش رهو۔
محترم مسيح مگسي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ هن اڱڻ تي پير پاتو۔ دوستو مسيح مگسي شاعر آهي ۽ سنڌ سلامت تي اچڻ جي کيس گهڻي تانگهه ۽ اڪير هئي۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
محترم مسيح مگسي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ اميد ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي ڀيرو ڀريندا رهندا ۽ پنهنجن لکڻين سان سنڌ سلامت جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سدائين گڏ
گم ٿيل ديس جي ڳولائو محترم مسيح مگسي کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اڙي منهنجا ڀا، اسين به ته اوهان سان گڏ ان ڪم ۾ رڌل آهيون، مطلب گم ٿيل ديس جي ڳولا ۔۔۔ جيتوڻيڪ ڌرتي تي پير آهن پر ڌرتي جو مال متا ٻين جي هٿ ۾ آهي، جيتوڻيڪ مٺڙي ٻولي زبان تي آهي پر ان جو حق ادائي نٿي ٿئي، جيتوڻيڪ سنڌ اسانجي آهي پر پو به ڌارين جي قبضي سبب قيد آهي ۔۔ الله مالڪ آهي: جي پٽ سجاڳ ٿيندا ته امڙ جا ڏک ڏور ٿيندا ضرور سنڌ سلامت اوهانجي ساٿ تي خوشين سان ٽمٽار آهي جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا مگسي توهان کي سنڌ سلامت کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تي سٿ سلامت رهندو۔ 1275 اٽيچمينٽ ڏسو
سائين قبلا مسيح مڱسي صاحب ، ڀلي ڪري آيا ، جي آيا ، نِچ آيا ڀلا ٿين اوهانجا پيرَ جي هن اڱڻ تي آيا۔ نه ته اسانجو ديس وڃايل آهي نه ئي کسيل آهي ، اسان ڀَٽڪيل آهيون اسانجون راهون سڌيون نه آهن ، اچو سڀ مِڙي مُچ ٿيون پنهنجا ويڇا وساريون نه ڪو جمالي هجي نه ڪو مڱسي هجي نه هجي ڪو ابڙو نه ئي ڪو وساڻ يا ميمڻ نه سومرو نه ڪلهوڙو پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو پنهنجي پليت اک کڻي اسان ڏي ڏسي؟؟؟ هِت هرڪو پاڻ کي پَڏائڻ ۾ ۽ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ ۾ رُڌل آهي ، پوءِ دشمنَ ته فائدو وٺندا ئي وٺندا ۔
دوستن جون محبتون ۽ منهنجون هنن لا شڀ ڪامنائون ````````````````````````````````````````` ساٿ هلندو، جيستائين لاٽ ٻرندي رهندي۔ويڇا اسان ۾ ناهن،اڄ به اسان اهنج ۽ انيا تي گڏيل، اجتماعي احتجاج ڪريون ٿا۔اها ٻي ڳالهه آهي ته برادري تنظيمن سنڌ جي قومي شعور جي رستي روڪ ڪئي،اصل ويري ڪير آهي، ان بابت هاڻي مام ۾ ڳالهائڻ جو دور ناهي۔اسان سنڌي نه پاڻ کي نيچ سمجهون، محسوس ڪيون ٿا نه وري ڦڏي ۾ رهڻ پسند ڪريون ٿا۔اصل ڳالهه شعور جي اڻاٺ جي آهي، جيڪڏهن اپکنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ته شايد سنڌ نه اغوا ٿئي ها نه مان ۽ مون جهڙا دانهون ڪن ها ته منهنجو ديس مون کان گم يا کسجي ويو آهي۔اهو الميو جنهن جا ذميوار لاشعوري طور اسان جا پرمتڙيا وڏڙا آهن جن سياسر، رياست ۽ مذهب جي ڳٺ جوڙ کي نه ڄاتو نه پروڙيو سنڌ ان ڏينهن ئي اغوا ٿي وئي، جنهن ڏينهن گڏيل ڀارت ۾ کاري ٺاهي وئي، مذهبي مت ڀيد ۾ اچي اسان پنهنجو نڪ وڍي ڇڏيو نتيجي ۾ اسان بي نڪا ٿي وياسين علم، شعور، ادراڪ فهم ۽ فصاحت سنڌ بدر ٿي وئي،جاهلن جو جٿو مت موڙهيل لشڪر پيدا ڪندو رهيو۔68 سالن کان ااسان وٽ تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻڻ واري روايت رائج آهي۔
مسيح مگسي صاحب توھان جھڙن گھڻگھرن ۽ سڄڻن جو ھن سفري ٻيڙي ۾ شامل ٿيڻ ۽ سنڌ امڙ جي پيرين ۽ پُٺن اًگھاڙن ماروئڙن جي حقن جي حاصلات لا جاکوڙ واري عمل کي سگھ ملندي ۽ ساڳيو سفر کي روان رکڻ واري چاھ ۾ نوان چنڊ لڳندا ۔
دوست مسيح مگسي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔