ها حقيقت آهي ته احساسن جي تفسير نا ممڪن آهي۔الفاظ صرف ترجماني ڪري سگهن ٿا۔ پوءِ اهي احساس خوشي جا هُجن يا غمي جا ۔ ڳوڙها ته ٻنهي صورتن ۾ اکين مان نڪري ايندا آهن ۔ ڏکن جا اثر بنسبت سکن جي اثر کان انتهائي ڪربناڪ ٿيندا آهن ۔لطيف سائين ته ڏکن کي سکن جي سونھن چيو آهي ۔واقعي جي سک نه هجن ها ته ڏکن جي ڪل ئي ڪانه پوي ها ۔ ڪئي شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ته ننڍڙيون هونديون آهن پر حقيقت ۾ اهي جڏهن احساسن تي وڄ بڻجي ڪرنديون آهن ته راتن جون نڊون ڦٽي پونديون آهن انسان ذهني امراضن جي ور چڙهي ويندو آهي ۔ جيڪو انسان هميشه جي زندگي چاهيندو آهي پر شايد ان جي تڪليف ايتري ته شديد هوندي آهي جو انسان ان زندگي جو ڏيئو به اجهائي ڇڏيندو آهي ۔تڪيلف غيرن جي رَوين جي ته ناهي ٿيندي شايد دنيا جي اندر ڪي گهٽ ئي آهڙا واقعا هُجن جن دشمن جي دشمني جي ڪارڻ خودڪشي ڪئي هجي بنسبت ان جي ته ماڻهون جڏهن پنهنجن کان ڏکائبو آهي ته ان قدم ڏانهن نه چاهيندي به قدم اٿي ويندا آهن ۔ مونکي چڱي طرح سان ياد آهي هڪ ڀيري مونکي ڏاڏي اهو چيو هو پُٽ ڏاڏل ماڻهون بُک وگهي ناهي مرندو بلڪه انسان کي رَوَيا ماريندا آهن سندس جملا اڄ به منهنجي لاءِ رهبر جيان آهن۔ ائين ته عاشقن ۽ سالڪن اها ڳالھ ناهي ڪئي ته ڊاھ دي مسجد ڊاه دي مندر ڊاح دي جو ڪُڇ ڊهندا اي پر هڪ بندي دا دل نا ڊاهين ڪه رب دلان وچ رهندا اي۔ هي تڪليف تڏهن اڃان به وڌي ويندي آهي جڏهن انسان کي اهو ماڻهون تڪليف ڏئي جنهن لاءِ ان وقت پنهنجي سڀني خواهشن کي قربان ڪري ڇڏيو هجي ۔ جنهن زماني جي مخالفت کي پنهنجو وتيرو بڻائي ڇڏيو هجي ۔جڏهن اهو ماڻهون وري وڃي انهن جي صحبت ۾ ويهي ۽ پنهنجي جذباتن کي قربان ڪندڙن ڏانهن نهاري به نه ڏسي۔يقينن ان وقت انسان تي زندگي تنگ ٿي ويندي آهي ۽ اهو ماڻهون انتهائي قدم کڻڻ کان ڪيٻائيندو ناهي ۔جڏهن جذبات پامال ٿين ٿا ته سڏڪا ئي انسان جو سهارو بڻجي ان جي دوا ٿي سگهن ٿا۔ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جن لاءِ مئا سين سي ڪانڌي به ڪي نه ٿيا۔يقينن ان دور کان گذرندڙ انسان ئي پنهنجو حال ڄاڻي ٿو ان جي اندر ۾ اٿندڙ طوفان ڪنهن سونامي کان گهٽ ناهن هوندا جيڪي ان جي هستي کي اٿلائي پُٿلائي رکي ڇڏيندا آهن۔ جڏهن اوهان ڪنهن کي پنهنجو سڀ ڪٍجھ ارپي ڇڏيو ۽ بعد ۾ هو اوهان کي بيوقوف چئي ٺڪرائي ته ان احساسن تفسير الفاظ ڪٿان ڪري ٿا سگهن۔ وسلام
سهڻا، مٺڙا ۽ ڏاها ڏاڏل، تڏهن ته چيو ويو آهي ته ايترو پيار، اعتبار يا ڀروسو ڪيو جيترو انجي وڃائڻ سان اوهان ۾ برداشت جو مادو هجي ۔۔۔ هڪ گانو ٻڌاندا هياسون اردو ۾، جنهن جي معنى ڪجهه هن طرح سان ٿئي ٿي ته: ”سڀ ڪجهه لٽائي هوش ۾ آيس ته ڇا ڪيم“ انڪري خيال سان ۔۔۔ هوشيار باش ۔۔۔ سماجي ۽ انساني رشتن ۾ سڀ ڪجهه لٽائڻ کان اڳ ئي هوش ۾ اچڻو پوندو آهي ۔۔۔ هڪ ٻيو عرض (جي دل ۾ نه ڪريو ته) ماشاء الله توهان ڪيتري عرصي کان سنڌي لکو ٿا، ۽ ڪيترن جاين تي ته ايتري خوب لکو ٿا جو اصل واه واه پر ڪٿي ڪٿي وري ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ڪري سڄي جملي جي سونهن وڃائي وجهو ٿا ۔۔۔ هڪ ٻي ڳالهه ته سنڌي ۾ لفظُ پيش سان واحد ۽ لفظَ زبر سان جمع ٿين ٿا ۔۔ انڪري اوهانجو عنوان ٿيو ” ڪاش جي لفظَ لفظن جي تفسير ڪن ها“ اهو آهي سنڌي طريقو ۔۔۔ باقي اردو يا عربي طريقي سان لفظن کي الفاظ ڪري لکجي ٿو ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان شايد پنجابي ۽ اردو اثر ۾ پنهنجن ليکن ۾ ڪيترائي لفظ پنجابي يا اردو پڻ استعمال ڪريو ٿا، انڪري جيڪڏهن ڪوشش ڪري نج سنڌي لفظ استعمال ڪندا ته ليک انتهائي سهڻا ٿي پوندا ۔۔۔ ليک جي چاشني لفظن ۽ اکرن جي صًحي استعمال سان وڌندي آهي ۔۔۔ باقي ڳالهائڻ وقت ڪم ٽپي ويندو آهي ۔۔۔ ڀائرانه مشورو آهي اميد ته اگهندو ۔۔۔۔ لک قرب سهڻا سائين ۔۔۔
بحرحال لفظن جا سهڻا احساس چٽيل آهن، ان ڪري ٿورڙي گهڻي غلطي معافي طلب آهي، باقي سائين نثار ابڙو صاحب جن جا مشورا اکين تي۔ اهڙي ريت رهنمائي ڪندا رهندا۔ ۔۔وڏا وڙ۔
ٻولي جو بڻ بڻياد ليکاري لا سمجهڻ پروڙڻ ۽ اپٽارڻ لازم ملزوم آهي ؤ ليکاري تي ته اهو فرض اوس عائد ٿئي ٿو ته هو ٻولي کي زميني حقيقتن جي نسبت رنگ ۽ سٽا ڏي۔هن ليک ۾ تلفظ آڏا ابتا به آهن، جن جي درستگي عين ممڪن آهي۔ٻولي جي واڌ ويجهه (اوسر) ۾ ليکاري جو هاڪاري ۽ هيڪاند ڀريو ڪردار ٿئي ٿو، ان ڏس ۾ ٻولي جي بڻ بڻياد بابت اڀياس ڪرڻ گهرجي، جڏهن اڀياس ٿيندو ته مشاهداتي انداز به اسلوب جي شڪل ۾ نرالي ڏيک سان سامهون ايندو، اهڙي طرح اها پيشڪش سڀني کي موهي وجهندي
ادا ٻولي ڪيو عام ڪنهن کي ڪا جهل پل ته ڪانهي اسان کي جيو لکڻ اچي ٿو سو لکون ويٺا ۔20 سال مسلسل اردو لکڻ سان شايد ڪي غلطيون آهن ۔ اسان وري هيمشه اهو سکيو ته دانا ڪڀي الفاظون ۾ اُلجها نيهن ڪَرَتَي غواص ڪو گوهر سي مطلب ڪي صدف سي باقي سڀ راز جا راڻا آهيوجو سمجهو اسان جو حال اهڙو ئي آهي ۔ پسند و ناپسند ڪرڻ جون مهربانيون۔ وسلام
ڏاڏل! ڏات جي ڏيهه ۾توهان جيڪي ڏيئا ٻاريو ٿا، سچ پڇو اهي ويروتار تائين روشن رهندا، اوهان جي لکڻي ۾ پختگي آهي، سٺو اسلوب به آهي پر بيانيه انداز ۾ واقعي به اردو جو اثر ليئا پائيندي نظر اچي پيو، اهو اثر ئي ته آهي ته هم عصر ٻولي ۽ ادب جو۔اردو به ته معتبر ۽ شيرين ٻولي آهي، ان ٻولي کي جتي غالب هان بخشي اتي ميراجي به ته جلا بخشي آهي۔فهميده رياض، ڪشور ناهيد، سارا شگفته، مسلم شميم، احمد هميش، منصوره احمد، انتظار حسين ۽ انيڪ نالا آهن،جن اردڳ سان نڀا ڪيو آهي، ٻولي کي منوهر بڻائي اسان کي جڳ کي موهي وڌو آهي
هٿ ٻڌي اوهان جي بارگاه ۾ مجرمن جيان حاضر آهيون ۔ ادا در حقيقت وقت جي انتهائي قلت جي ڪري وڏي مشڪل سان پروف ريڊنگ ڪرڻ جو ٽائيم ڪڍندو آهيان بس اوهان سنگت جا وڏا وڙ ٿيندا جواسان جي غلطين جي نشاندهي ڪندا رهندا ۔ وسلام
ڏاڏل! پروف ئي ته مواد جو مرڪزي حسن ٿئي ٿو، جيڪڏهن پروفن جي غلطي هوندي ته پوٰ اهو ليک زيبائتو اثر وڃائي ويهندو پڙهندڙ کي مزو نه ايندو ،ان جو تاثر به اڌ ۾ رهجيو ويندو۔سو پروف بنيادي مرڪز آهي مواد جي سونهن جو۔