ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ها حقيقت آهي ته احساسن جي تفسير نا ممڪن آهي۔الفاظ صرف ترجماني ڪري سگهن ٿا۔ پوءِ اهي احساس خوشي جا هُجن يا غمي جا ۔ ڳوڙها ته ٻنهي صورتن ۾ اکين مان نڪري ايندا آهن ۔ ڏکن جا اثر بنسبت سکن جي اثر کان انتهائي ڪربناڪ ٿيندا آهن ۔لطيف سائين ته ڏکن کي سکن جي سونھن چيو آهي ۔واقعي جي سک نه هجن ها ته ڏکن جي ڪل ئي ڪانه پوي ها ۔
ڪئي شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ته ننڍڙيون هونديون آهن پر حقيقت ۾ اهي جڏهن احساسن تي وڄ بڻجي ڪرنديون آهن ته راتن جون نڊون ڦٽي پونديون آهن انسان ذهني امراضن جي ور چڙهي ويندو آهي ۔ جيڪو انسان هميشه جي زندگي چاهيندو آهي پر شايد ان جي تڪليف ايتري ته شديد هوندي آهي جو انسان ان زندگي جو ڏيئو به اجهائي ڇڏيندو آهي ۔تڪيلف غيرن جي رَوين جي ته ناهي ٿيندي شايد دنيا جي اندر ڪي گهٽ ئي آهڙا واقعا هُجن جن دشمن جي دشمني جي ڪارڻ خودڪشي ڪئي هجي بنسبت ان جي ته ماڻهون جڏهن پنهنجن کان ڏکائبو آهي ته ان قدم ڏانهن نه چاهيندي به قدم اٿي ويندا آهن ۔
مونکي چڱي طرح سان ياد آهي هڪ ڀيري مونکي ڏاڏي اهو چيو هو پُٽ ڏاڏل ماڻهون بُک وگهي ناهي مرندو بلڪه انسان کي رَوَيا ماريندا آهن سندس جملا اڄ به منهنجي لاءِ رهبر جيان آهن۔
ائين ته عاشقن ۽ سالڪن اها ڳالھ ناهي ڪئي ته
ڊاھ دي مسجد ڊاه دي مندر ڊاح دي جو ڪُڇ ڊهندا اي
پر هڪ بندي دا دل نا ڊاهين ڪه رب دلان وچ رهندا اي۔
هي تڪليف تڏهن اڃان به وڌي ويندي آهي جڏهن انسان کي اهو ماڻهون تڪليف ڏئي جنهن لاءِ ان وقت پنهنجي سڀني خواهشن کي قربان ڪري ڇڏيو هجي ۔ جنهن زماني جي مخالفت کي پنهنجو وتيرو بڻائي ڇڏيو هجي ۔جڏهن اهو ماڻهون وري وڃي انهن جي صحبت ۾ ويهي ۽ پنهنجي جذباتن کي قربان ڪندڙن ڏانهن نهاري به نه ڏسي۔يقينن ان وقت انسان تي زندگي تنگ ٿي ويندي آهي ۽ اهو ماڻهون انتهائي قدم کڻڻ کان ڪيٻائيندو ناهي ۔جڏهن جذبات پامال ٿين ٿا ته سڏڪا ئي انسان جو سهارو بڻجي ان جي دوا ٿي سگهن ٿا۔
سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جن لاءِ مئا سين سي ڪانڌي به ڪي نه ٿيا۔يقينن ان دور کان گذرندڙ انسان ئي پنهنجو حال ڄاڻي ٿو ان جي اندر ۾ اٿندڙ طوفان ڪنهن سونامي کان گهٽ ناهن هوندا جيڪي ان جي هستي کي اٿلائي پُٿلائي رکي ڇڏيندا آهن۔
جڏهن اوهان ڪنهن کي پنهنجو سڀ ڪٍجھ ارپي ڇڏيو ۽ بعد ۾ هو اوهان کي بيوقوف چئي ٺڪرائي ته ان احساسن تفسير الفاظ ڪٿان ڪري ٿا سگهن۔
وسلام