ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان سال جي مليل ڊائري هڪ ئي ڏينهن ۾ لکي وٺان، لکڻ جي اها سگهه ڌڻي پاڪ طرفان مون لا تحفو آهي، اندر جي سمورن احساسن جي اهڙي ته چٽسالي ڪيان جئين لطيف جي مزار تي ڪاشي جو ڪم چٽيل آهي، سونهن ۽ سندرتا سان ڀريل منهنجا پنهنجا احساس جيڪي منهنجي ميراث آهن جن تي منهنجي حڪومت آهي پر اها ميراث پروردگار پاران مليل آهي ان ڪري مان ان ميراث جو بادشاهه به نٿو بڻجي سگهان، مان ته هڪ گيڙو فقير آهيان جيڪو پنهن من جي اٿاهه رڻ ۾ رلندو رهي ٿو۔ مان اهو فقير آهيان جو پنهنجي ئي وجود ۾ پنهنجا ڏک، سک، پنهنجي اذيت ،پيڙا ، ڪوفت، ماڻهن پاران مليل ذلت، بي حيائي، بڇڙائپ۔ علم جي شوق، ذوق، فڪر، ذڪر، رب ڌڻي جي عبادت، ان جي حبيب صه جي عشق، علم مان عطا ٿيل ڏاهپ ۽ محبوب جي هڪڙي مرڪ ۽ ان جي بدن واري سڳنڌ سان واسيل جذبن جي خيرات پنندو وتان ٿو ۽ اهو ئي منهنجو ڪل سرمايو آهي جنهن کي مون سانڍي رکيو آهي۔
بهترين خيال، خوبصورت سٽون مون ۾ تون موجود ۔۔۔۔۔ بس پاڻ کي سڃاڻيو ۽ تڪبر نه ڪيو ۔۔۔۔ يقينن اوهان ڪامياب رهندا۔
لک قرب پسند ڪرڻ تي اوهان سڀني دوستن جا۔۔۔ مان پنهنجي زندگي ۾ لکيل سڀني سالن جي ڊائرين جا چونڊ ورق اوهان سان شيئر ڪندس۔
مان پنهنجي زندگي سان لاڳاپيل سمورا لمحا جيڪي مون پنهنجي ڊائري ۾ لکيا آهن اهي پنهنجي محبت تائين پهچائڻ ٿو گهران، جئين ته زندگي جي ڊوڙ ۾ ۽ دنيا جي بلدجندڙ حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مجبورين سببان اهو مونکا ڏور ٿي ويو آهي پر ان جي وڇوڙي ظاهري وجود کان ته ڌار ڪري ڇڏيو آهي پر روح جي گهرائي ۾ اڄ به هوءَ منهنجي ويجهو آهي، جا ويجهڙائي ويتر ان جي محبت کي منهنجي من ۾ سانڍي رکيو ٿي اچي.۽ مونکي ويساهه آهي ته هوءَ به ان ئي ويساهه کي سانڍي جيئندي هوندي.جهڙي ريت مان جيء رهيو آهيان۔