منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان سال جي مليل ڊائري هڪ ئي ڏينهن ۾ لکي وٺان، لکڻ جي اها سگهه ڌڻي پاڪ طرفان مون لا تحفو آهي، اندر جي سمورن احساسن جي اهڙي ته چٽسالي ڪيان جئين لطيف جي مزار تي ڪاشي جو ڪم چٽيل آهي، سونهن ۽ سندرتا سان ڀريل منهنجا پنهنجا احساس جيڪي منهنجي ميراث آهن جن تي منهنجي حڪومت آهي پر اها ميراث پروردگار پاران مليل آهي ان ڪري مان ان ميراث جو بادشاهه به نٿو بڻجي سگهان، مان ته هڪ گيڙو فقير آهيان جيڪو پنهن من جي اٿاهه رڻ ۾ رلندو رهي ٿو۔ مان اهو فقير آهيان جو پنهنجي ئي وجود ۾ پنهنجا ڏک، سک، پنهنجي اذيت ،پيڙا ، ڪوفت، ماڻهن پاران مليل ذلت، بي حيائي، بڇڙائپ۔ علم جي شوق، ذوق، فڪر، ذڪر، رب ڌڻي جي عبادت، ان جي حبيب صه جي عشق، علم مان عطا ٿيل ڏاهپ ۽ محبوب جي هڪڙي مرڪ ۽ ان جي بدن واري سڳنڌ سان واسيل جذبن جي خيرات پنندو وتان ٿو ۽ اهو ئي منهنجو ڪل سرمايو آهي جنهن کي مون سانڍي رکيو آهي۔