شيرين
سينيئر رڪن
منهنجو نالو شيرين آهي آئون ضلعي سانگهڙ جي هڪ ننڍڙي شهر جهول ۾ رهندي آهيان منهنجي پيدائش صبح جي وقت 1 جولائي 1998ع تي جهول شهر ۾ ٿي هن وقت مان نائين ڪلاس ۾ آهيان منهنجي فيملي ۾ ماشا الله 6 ڀاتي آهن مان سڀ کان ننڍي آهيان، هن ڪري گهڻو پيار مونکي ملندو آهي، ۽ اهو چوڻ چاهيندس ته مونکي سنڌ سلامت ۾ اچي ڏاڍي خوشي ٿي مونکي اميد نه هئي ته مان هڪ اهڙي ويب سائٽ به ڏسندس تمام خوش آهيان جو پنهنجا خيال مان پاڻ سنڌ سلامت ۾ لکي سگهان ٿي ۽ پنهنجو آواز کڻي سگهان ٿي اميد آهي ته سنڌ سلامت هميشه قائم ۽ دائم رهندي ۽ مان گهڻو ڪجهه سکي ۽ سمجهي سگهندس، مونکي پنهنجي سڌ سان تمام پيار اهي مان فخر ٿي محسوس ڪيان جو مان سنڌي آهيان منهنجي ٻولي مونکي تمام گهڻي پياري آهي اميد آهي ته هر سنڌي سنڌسلامت ۾ اچي پنهنجا خيالات ظاهر ڪري، ۽ پنهنجي پاڻ کي سنڌي ثابت ڪري ڏيکاري،