اسلام عليڪم دوستو منهنجو نالو شعيب محمد ميمڻ آهي ۽ منهنجي رهائش سکر ۾ آهي منهنجي تعليم بي ايس ڪمپيوٽر سائنس سنڌيونيورسٽي جامشورو مان آهي مان ٻه سال نادرا ۾ ملازمت کان بعد گذريل سال ڪميشن پاس ڪئي آهي ۽ هن وقت اسلاميه آرٽس ڪامرس ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار آهيان مون کي ادب سان ڪافي دلچسپي آهي ان ڪري اخبارن ۾ آرٽيڪل به لکندو آهيان هي فورم منهنجو من پسند آهي سائين احمد علي صاحب هن فورم تي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ هي فورم ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي هي منهنجو بلاگ آهيwww.sindhiadab.wordpress.com
سکر جي محترم شعيب محمد ميمڻ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔خوشي ٿي جو اوهان به پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ هن اڱڻ تي پير پاتو۔ اوهان جا ڪالم اڳ به فيسبوڪ ذريعي پڙهيا هئا، اوهان جي خيلان جي اڏار باڪمال لڳي هئي۔ اڄ اوهان جي بلاگ جو به ڀيرو ڀريم نه صرف سٺو لڳو پر دلي خوشي ٿي۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون ۽ نڪور خيال فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادب ۽ علم سان سلهاڙيل سهڻي دوست شعيب محمد ميمڻ کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجي ڏاهپ ۽ علمي خدمتون، سنڌي قوم جو سرمايو آهن، اميد ڪريون ٿا ته اوهان سنڌي نوجوانن ۾ علم جي لاٽ ٻاري سندن زندگي ستارن جيئان چمڪائي وجهندا ۔۔۔ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استاد پنهنجيون خدمتون ان جذبي سان ادا نه پيا ڪن جيئن کين ڪرڻ گهربيون آهن ۔۔۔ پر پو به اوهان جهڙا علم دوست موجود هوندا ته روشن ٿيڻ جي اميد رهندي ۔۔۔ لک قرب، اوهانجي اچڻ سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هڪ ڏاهي دوست جو اضافو ٿيو ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادب دوست ۽ ڏاها هن اڱڻ جا ميمبر ٿيا تمام گهڻي خوشي ٿي توهان جو سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيڻ اسان لاء اعزاز آهي هڪ بهترين ساٿي مليو۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو۔ توهان کي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ تي دل سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔۔ 1283 اٽيچمينٽ ڏسو