• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خدارا سنڌي قوم جي معصوميتن سان نه کيڏو!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڏسڻ م اچي پيو ته ڪي چالاڪ ۽ خود غرض ۽ قومي بيغيرت سنڌي پيرن، ميرن، شاهن، سعيدن، ڪامورن، رئيسن، جاگيردارن، وڏيرن، ايم اين ايز، منسٽرن ۽ سرڪاري بيوروڪريسيءَ جي ميل ميلاپ جا حوالا ڏئي يا انهن جا وواقعي ڇاڙتا جن کي حڪومت پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ نوڪريءَ جي ڪوٽا ڏني آهي اُهي انهن علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ اهي سموريون نوڪريون پٽيوالي کان وڏي عهدي تائين ۽ مهنن جي اندر ڏيارڻ جي آعت تي چئن لکن کان ويهن لکن تائين آفر ۽ آفر ليٽر ڏئي رهيا آهن ۔
ا هي ڇاڙتا يا پاڻ گهڙيل انهن سان نسبت رکندڙ ، يا انهن جي حوالي سان سنڌ گورنمنٽ يا فيڊرل گورنمينت ۾ مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ لکن رُپين جي رشوت بي سان آسرا ڏئي کين مهني اندر نوڪري وٺائي ڏيڻ
جا آسرا ۽غلط هٿ گهڙيا اپوائنٽمينٽ آرڊر ڏيارڻ جا آسرا ڏئي کين لُٽي رهيا آهن. ۽ ضرورت مند سمجهندي ٻوجهندي ته متان واقعي نوڪري آهي جي آسرن تي پاڻ لٽائي اهي ڪوڙا يا سڇا آفر ليٽر ڳريون رقمون ڏئي وٺي رهيا آهن۔


مشاهدي ۾ آيو آهي ته هڪ کان چار لک ايڊوانس باقي نوڪريءَ ملڻ کان پوءَ جو آفرون ڏئي هزارين غريب پرور سنڌي پنهنجون زمينون، گهر گروي رکي ڪوڙا اپوائنٽمينٽ ارڊر وٺي رهيا آهن. مهرباني ڪري انهن ٺڳن کان پاسو ڪيو وڃي. اول جي اهڙيون نوڪريون مليون ته ممڪن آهي ته ٻي گورنمينٽ اچي انهن کي ڪڍي ڇڏي يا اهي آرڊر ڪوڙا آهن ۽ جيسين ڪا جانچ ٿئي تيسين اهي شاهينگ جي عام انسان آهن ته رفوگر ٿي ويندا جي اثر رسوخ آهن ته ڍيٺ ٿي پيا گهمندا ۽ توهان پنهنجي حلال جي پونجي اجهو وڃائي به ڪجهه نه ڪري سگهندا. سنڌي عوام کي اهڙن ٺڳن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو اطلاغ يا ان جي خبرگيري جانچ ادارن کي ڏئي معصوم سنڌي جيڪي اڳئي بک ۽ غربت جي ڪري بيوسي جو عڪس آهن کي بچايو وڃي۔

اهڙيءَ طرح اهي ساڳيا سنڌي ڳنڍي ڇوڙ ٺڳ جيڪي خاص طور اسڪول، ڪاليج جي بورڊ آفيسن يا يونيورسٽين ۾ ملازم آهن فرسٽ ڪلاس ۾ مارڪ شيٽ ڏيارڻ، مارڪ شيٽ تبديل ڪرڻ، ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل يا روينيو کاتي جي ڪن ملازمن سان ملي ڪوڙيون زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن۔


 
هائو سائين ايندڙ اليڪشن جو خرچ به ته ڪڍڻو آهي ۔۔۔ تيل ته ترن مان ئي نڪرندو آهي ۔۔۔ عوامي نمائيندن جي اها ڪرت ڪا اڄ جي ته ناهي ۔۔۔ هميشهه ائين ئي ٿيندو آهي ۔۔۔!!!

جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن ۔۔۔ واري مثال آهي ۔۔۔ جڏهن اسين سڀ پنهنجي اهليت کان مٿي چڙهي ڪجهه حاصل ڪنداسون ته معاشري ۾ بي ايماني نه ڦهلندي ته ٻيو ڇا ٿيندو ۔۔۔؟؟؟؟

الله پناهه ۾ رکي سنڌ ۽ سنڌين کي ۔۔۔
 
Back
Top