سنڌي بلاگنگ : بلاگر تي پيج (صفحا) لڳائڻ

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سلام دوستو، سنڌي بلاگنگ جي سلسلي ۾ بلاگر جي سکيا جي نئين موضوع سان اوهان جي سامهون آهيان۔ ڪجهه ڏينهن جي وٿي لاءِ معذرت۔ اميد ته اوهان کي پهريان موضوع سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي هوندي۔ چڱو، يادگيري لاءِ ٻڌايان ٿو ته اسان گذيل موضوعن ۾ پهرين حصي ۾ بلگر يا بلاگ اسپاٽ تي بلاگ رجسٽر ڪرڻ سکيو۔ ٻئين حصي ۾ بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر جي سهولتن جو جائزو ورتو۔ ان کان پو ءِ بلاگر کي سنڌي بلاگنگ لاءِ موزون بنائڻ لاءِ سکيو سين ته بلاگر جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ڪيئن ڪجي۔ ۔۔۔ ڳانڍاپا هيٺ آهن۔

    بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو ٻيون)
    بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو ٻيون)
    سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگر جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ڪرڻ

    اڇا! اڄوڪي موضوع تي ٿا اچون۔ بلاگر جا پيج (صفحا) جي سهولت جي ذريعي اوهان بلاگ تي ڪو اضافي صفحو لڳائي سگهو ٿا يا بلاگ تي ڪنهن ويب پيج کي ڳنڍي سگهو ٿا يعني ڪنهن اهم ويب سائيٽ ڏانهن لنڪ ڏئي سگهو ٿا۔ جهڙوڪ ”سنڌ سلامت پلانيٽ“ وغيره.

    بلاگر تي ٺهيل بلاگ تي پيج لڳائڻ جو طريقو هيٺ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو..

    پهريون مرحلو آهي ته بلاگر تي صفحا ظاهر ڪرڻ..
    [​IMG] * بلاگر blogger.com تي لاگ ان ٿي، ڊيش بورڊ تي پنهنجي بلاگ تي ڪلڪ ڪريو.

    * Pages واري لنڪ تي ڪلڪ ڪريو..

    * show pages as واري حصي ۾ ڀر واري ننڍڙي تير تي ڪلڪ ڪريو.

    * هاڻي Top Tabs واري لنڪ کي ڪلڪ ڪريو.

    دوستو هاڻي اوهان جي بلاگ تي پيجن جي پَٽي ظاهر ٿي چڪي آهي.
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بلاگر تي Pages تي لنڪ يا پيج جو اّضافو ڪرڻ لاءِ New Pages تي ڪلڪ ڪريو۔

    ان کان پوءِ اوهان وٽ ٻه چونڊون آهن :
    [​IMG]

    1) اوهان ڪو پيج لڳائڻ چاهيو ٿا تهBlank page کي ڪلڪ ڪريو، جنهن کان پوءِ اوهان وٽ پوسٽ ايڊيٽر کلندو جنهن ۾ اوهان گهربل معلومات لکي سگهو ٿا۔۔

    2) web address هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان پنهنجي بلاگ جي پَٽيءَ تي ڪنهن به ٻئي پيج جي لنڪ ڏئي سگهو ٿا۔
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    پيج ته لڳي ويا پر اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته اهي پيج کاٻي پاسي کان ٿا ظاهر ٿين۔۔ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي بلاگ تي پيج ساڄي طرف کان شروع ٿين ته اوهان هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو۔۔


    1۔ لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ ڊيش بورڊ تي پنهنجي بلاگ کي ڪلڪ ڪريو،​
    [​IMG]
    2۔ هيٺين تصوير مطابق Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    2۔ ڪسٽمائز تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    [​IMG]

    هاڻي اوهان جنهن پيج تي موجود آهيو، انهي کي ٽيمپليٽ ڊزائنر چئجي ٿو۔

    هاني هيٺين تصوير موجب پهريان Advanced تي ڪلڪ ڪريو،
    Add CSS تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوء سامهون ايندڙ باڪس ۾ هيٺيون ڪوڊ وڌايو۔
    ڪوڊ:
    .PageList {text-align:right !important;}
    .PageList li {display:inline !important; float:none !important;}
    #Attribution1 {display: none;}
    هاڻ Apply to blog واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو۔
    هاڻي اوهان جي بلاگ جي صفحڻ جي ترتيب ساڄي کان کاٻي طرف واري ٿي چڪي آهي۔
    [​IMG]

    دوستو، جيڪڏهن سمجهائڻ ۾ ڪي اوڻائيو رهجي ويو هجن ته نشاندهي ضرور ڪجو۔۔


    سنڌ سلامت ۔۔ ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک ٿورا ۔۔۔۔ بلڪل آساني سان سمجهايل

    اوهان جي اهڙي سولي انداز سان سمجهاڻي سبب اسان جهڙا ڪمپيوٽر جا اڻ واقف به اڳرا آهن۔ تجربي طور منهنجو بلاگ حاضر آهي۔

    سليمان وساڻ جو بلاگ
     
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا اوهان جي بلاگ جي ترتيب هاڻي ساڄي کان کاٻي ناهي رهي، لڳي ٿو ته اوهان CSS واري حصي ۾ پراڻو ڪوڊ جنهن جي ڪري بلاگ جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ٿيل هئي، اهو ڊليٽ ۡڪري ڇڏيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو