شيرين
سينيئر رڪن
ديس ڏني دلداري دل کي،
ديس ڏني دلداري۔
ڏور ٿيا سڀ ڏک ڏولاوا،
سک جي ٿي سرداري۔۔۔دل کي،
ديس ڏني دلداري۔
مينهن وٺا ۽ ٿيون گلزاريون،
هر جا آهن ناغ نهاريون،
خوش ڏسجن ٿا هاري۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري
۔
مارو مرد متارا مانجهي،
محنت موکن صبح ۽ سانجهي،
بار کڻن ٿا باري۔۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري۔
ديس جي پکڙيل پڌر پٽن ۾،
جهنگلن جبلن ٿرن برن ۾،
لعل لڌا لاشاري۔۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري۔
(رشيد احمد لاشاري)