ديس ڏني دلداري دل کي(قومي نغمو)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
ديس ڏني دلداري دل کي،​
ديس ڏني دلداري۔​
ڏور ٿيا سڀ ڏک ڏولاوا،​
سک جي ٿي سرداري۔۔۔دل کي،​
ديس ڏني دلداري۔​
مينهن وٺا ۽ ٿيون گلزاريون،​
هر جا آهن ناغ نهاريون،​
خوش ڏسجن ٿا هاري۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري​
۔​
مارو مرد متارا مانجهي،​
محنت موکن صبح ۽ سانجهي،​
بار کڻن ٿا باري۔۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري۔​
ديس جي پکڙيل پڌر پٽن ۾،​
جهنگلن جبلن ٿرن برن ۾،​
لعل لڌا لاشاري۔۔۔۔دل کي ديس ڏني دلداري۔​
(رشيد احمد لاشاري)​
 
Back
Top