نثارابڙو
نائب منتظم
چڱن سان ڪري هرڪو چڱائي
نثار ابڙو

چڱن سان هر ڪو ڪري چڱائي پر ڪري ڪوئي ڪوئي برن سان ڀلائي ...
ڪمال ان ۾ ناهي ته سونهن کي سونهن چئجي پر ڪمال اهو آهي ته بي ڊولائيءَ ۾ سونهن پئدا ڪري وجهجي ...
ڪمال اهو ناهي ته منگل مان مزو ماڻجي پر ڪمال اهو آهي ته جهنگل ۾ منگل پئدا ڪجي...
ڪمال اهو ناهي ته پرسڪون سمنڊ ۾ ٻيڙي هلائجي پر ڪمال اهو آهي ته مڇريل ۽ ڪاوڙيل سمنڊ ۾ پنهنجي ناءِ پار لڳائجي...
سٺا انسان ته هونءَ ئي محبت جي لائق هوندا آهن پر وڌيڪ محبت ۽ توجهه جا مستحق اهي انسان هوندا آهن جيڪي ڀٽڪيل هوندا آهن ...
ياد ڪر! جڏهن تون ڀليل هنئين ته اسين توکي دڳ لاتو، جڏهن تون يتيم ۽ مسڪين هئين ته اسين توکي غني ڪري ڇڏيو ....
اهڙا قرب صرف خلقڻهار نه پر خلقڻهار جو خليفو ڪري ته ڳالهه ئي نرالي ٿي پوي ....