دوستو بلاگنگ هڪ اونهو مضمون آهي۔۔ جنهن کي سکڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي۔۔ خالص ايڇ ٽي ايم ايل ۽ پي ايڇ پي جهڙي خشڪ مضمون سان لڳاتار سمجهڻ هڪ ٿڪائيندڙ ڪم پڻ آهي... ان کان وڌيڪ مشڪل ان کي سمجهائڻ ۽ سيکارڻ آهي...
مان نه صرف پنهنجي طرفان پر پوري سنڌ سلامت ٽيم طرفان ادا سجاد علي چنا جو مشڪور آهيان جو پاڻ ان جستجو ۾ رڌل آهي۔۔ سندس سمجهائڻ جي طريقي دوستن کي مجبور ڪري وڌو ته هو به پنهنجا بلاگ ٺاهين ۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر انتهائي محنت سان تيار ڪيل سندس مواد کي تڪڙو ياد ڪري به ورتو آهي۔۔۔ ۽ پنهنجي پنهنجي بلاگز تي ان جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي۔۔۔
جنهن کان پوءِ دوستن جو بار بار اسرار رهيو آهي ته ڪم کي تڪڙو اڪلايو وڃي ۽ کين بنيادي ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ بجاءِ عملي ڳالهين ڏانهن آندو وڃي۔۔۔ يا وري ڪو شارٽ طريقو ڏسيو وڃي جنهن تي عمل ڪندي هو پنهنجا بلاگ بهتر بڻائين ۔۔۔
هوئن ته ادا سجاد علي چنا سان ڪيل مشوري تحت تڪڙو تڪڙو ڪم اڪلائڻ سان گهڻيون ڳالهيون سمجهائڻ کان رهجي وڃڻ جو خدشو آهي جنهن سان سنڌي بلاگنگ کي اڳتي وڌائڻ جي هن پروجيڪٽ کي نقصان جو انديشو پڻ آهي۔۔ پر دوستن جي بار بار اسرار کان پوءِ ڪافي ڪم کي باء پاس ڪندي سنڌي بلاگنگ جي پهرين ٽيمپليٽ کي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔
هن جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔۔
مڪمل بلاگ بشمول سموريون تحريرون ۽ تبصرا جو ساڄي کان کاٻي هجڻ۔۔
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ايم بي لطيفي جو ڊيفالٽ طور هجڻ۔۔۔
تبصرن لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو بلٽ ان رکڻ۔۔۔
انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔
موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔
نوٽ:

حاضر آهي سنڌ سلامت بلاگر ٽيمپليٽ 0۔1
هي ٽيمپليٽ بلاگر جي بلٽ ان سٽور تان کنيل آهي۔۔ جيڪو دوستن وڌيڪ پسند هجڻ کي نظر ۾ رکندي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔ هن ٽيمپليٽ جي انگريزي ورجن کي اڳ ئي محترم احمد علي مڱريو پنهنجي بلاگ ۽ محترم عبدالحفيظ لغاري پنهنجي بلاگ جي زينت بڻايو آهي۔۔۔هن جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔۔
مڪمل بلاگ بشمول سموريون تحريرون ۽ تبصرا جو ساڄي کان کاٻي هجڻ۔۔
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ايم بي لطيفي جو ڊيفالٽ طور هجڻ۔۔۔
تبصرن لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو بلٽ ان رکڻ۔۔۔
انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔
موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔
نوٽ:
- ٽيمپليٽ کي 90 سيڪڙو سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ باقي 10 سيڪڙو اهو حصو آهي جتي انگريزي هجڻ ضروري آهي۔۔ ها البته البته توهان جي طرفان بلاگ تي سجايل گڊگيٽ جي سيٽنگ ۾ موجود لفظن کي سنڌي بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
- جن دوستن کي بيڪ گرائونڊ تصوير پسند نه اچي اهي ۔۔ ٽيمپليٽ جي ڪسٽمائيزيشن سيڪشن منجهان تبديل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
- ٽيمپليٽ جي پسنديدگي بابت پنهنجي راءِ ڊيمو صفحي تي ووٽ طور پڻ موڪلي سگهجي ٿي۔۔۔
- ٽيمپليٽ جي فوٽر ايريا ۾ (سنڌ سلامت سان لنڪ ٿيل ترجمو: رشيد سمون) کي اخلاقي تقاضو سمجهي چاهيو ته لڳايو نه ته پابندي نه آهي۔۔