ڪجهه دوستن فون تي شڪايت ڪئي ته کين هن ٽيمپليٽ جي بيڪ گرائونڊ تي رکيل تصوير نه ٿي وڻي۔۔۔
ان بابت عرض ته توهان بيڪ گرائونڊ جي تصوير پنهنجي مرضي مطابق تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔ ان لاءِ ڊيش بورڊ تي اچي پنهنجو بلاگ چونڊيو ۽ کاٻي پاسي موجود ٽيمپليٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڪسٽمائيز پني تي اچو۔۔۔
هاڻي بيڪ گرائونڊ تي پهچندي موجوده تصوير کي ريموو ڪريو ۽ نئين تصوير لاءِ بيڪ گرائونڊ ڀرسان ننڍي تير تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ توهان اڳيان هڪ ونڊو ظاهر ٿيندي جتان يا ته اڳ موجود تصويرن مان چونڊ ڪريو يا وري مٿي مٿي موجود بٽڻ اپلوڊ اميج تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ جنهن کان پوءِ برائوز بٽڻ پريس ڪري پنهنجي پسند جي تصوير جي پنهنجي ڪمپيوٽر مان لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي چاهيوته تصوير جي الائين مينٽ درست ڪريو يا وري سڪرولنگ سيٽ ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ مٿي ساڄي پاسي ڪنڊ تي نارنگي بٽڻ اپلائي ٽو بلاگ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
پنهنجو بلاگ چيڪ ڪريو ۔۔۔ توهان جي مطلوبا تصوير توهان جي بلاگ جو بيڪ گرائونڊ بڻجي چڪي هوندي۔۔۔ بلڪل ائين جيئن مون پنهنجي عارضي بلاگ جو بيڪ گرائونڊ تبديل ڪيو آهي۔۔