بس سائين ڪير چوي۔۔ پنجابين جي جتي دل چوندي۔۔ هُل هنگامو ڪندا ۽ هر ڪو ان شور ۾ خوش۔۔
جيڪڏهن ڪو سنڌي غلطي سان ڪو سٺو ڪم به ڪري ته ان کي چور ۽ ڌاڙيل ثابت ڪندا۔۔
هن همراه نه ڪا ورلڊ چيمپين شپ کٽي آهي ۽ نه ئي محمد يوسف کٽي هئي۔۔ هن صرف IBSF World Snooker Championship کٽي آهي جيڪا نان پروفيشنل ٽورنامينٽ آهي۔۔ اها ٽورنامينٽ ڪراچي ۾ به 2 دفعا منعقد ٿي چڪي آهي۔۔(1966 ۽ 1993)۔۔ ۽ 2006 ۾ به ٿيڻي هئي پر زلزلي جي ڪري ڪينسل ٿي وئي۔۔
هن ٽورنامينٽ کٽڻ سان پاڻ کي ورلڊ چيمپين سڏرائيندڙ نام نهاد ميڊيا ته پنهنجي سمجهه کان بالاتر آهي جيڪا صحيح خبر هلائڻ ۾ الائي ڇو لنوائي پئي۔۔ هروڀرو قوم جي اکين ۾ ڌوڙ پئي وجهي۔ ڪالهه تائين ان ٽورنامينٽ جي نه ڪنهن کي خبر هئي ۽ نه ڪنهن اسپورٽس چينل تي ان جي ڪوريج۔۔ پوء اوچتو ئي اوچتو ايڏو شور اٿيو جو لڳو ته پوري دنيا پنهنجا ڪم ڪار ڇڏيو هي ميچ پئي ڏٺو۔۔ توبه۔۔
World Snooker Championship ته هن سال مئي ۾ انگلينڊ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ انگلينڊ جو رانديگر روني چيمپين ٿيو۔۔
چون ٿا ته هي ميڊيا جو دور آهي جنهن ۾ هر شي وائکي آهي۔۔ هاڻي ڏيو خبر۔۔ ڪيتري نه انڌير نگري آهي۔۔ سوشل ميڊيا تي خلق لٿي پئي آهي۔۔ خوشيون ۽ مبارڪون۔۔ پر الائي ڇا جون ۔۔۔ پاڻ ڄاڻن۔۔۔