محمد آصف اسنوڪر جو عالمي چيمپين بڻجي ويو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    پاڪستان جي محمد آصف بلغاريه جي شهر صوفيا ۾ ٿيندڙ عالمي اسنوڪر جي ورلڊ ڪپ م انگلينڊ جي گيري ولسن کي شڪست ڏئي عالمي ڪپ کٽي ورتو آهي۔ ياد رهي ته پاڪستان 18 سالن کانپوء هن راند ۾ ٻيهر چيمپين ٿيو آهي۔ ان کان اڳ محمد يوسف 1994ع ۾ اهو اعزاز کٽي چڪو آهي۔

    پاڪستاني رانديگر محمد آصف ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهندي فائنل ميچ 8 جي مقابلي ۾ 10 فريمن تان کٽي ورتي۔ محمد آصف بغير ڪنهن حڪومتي سرپستي ۽ ڪوچ جي ٽورنامينٽ ۾ حصو ورتو هو ۽ پنهنجي خرچ تي کيڏڻ ويو هو۔ کيس ويزا ملڻ ۾ گهڻيون ڏکيائيون سامهون آيون ۽ هو ٽي ڏينهن دير سان روانو ٿيو هو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بس سائين ڪير چوي۔۔ پنجابين جي جتي دل چوندي۔۔ هُل هنگامو ڪندا ۽ هر ڪو ان شور ۾ خوش۔۔
    جيڪڏهن ڪو سنڌي غلطي سان ڪو سٺو ڪم به ڪري ته ان کي چور ۽ ڌاڙيل ثابت ڪندا۔۔

    هن همراه نه ڪا ورلڊ چيمپين شپ کٽي آهي ۽ نه ئي محمد يوسف کٽي هئي۔۔ هن صرف IBSF World Snooker Championship کٽي آهي جيڪا نان پروفيشنل ٽورنامينٽ آهي۔۔ اها ٽورنامينٽ ڪراچي ۾ به 2 دفعا منعقد ٿي چڪي آهي۔۔(1966 ۽ 1993)۔۔ ۽ 2006 ۾ به ٿيڻي هئي پر زلزلي جي ڪري ڪينسل ٿي وئي۔۔
    هن ٽورنامينٽ کٽڻ سان پاڻ کي ورلڊ چيمپين سڏرائيندڙ نام نهاد ميڊيا ته پنهنجي سمجهه کان بالاتر آهي جيڪا صحيح خبر هلائڻ ۾ الائي ڇو لنوائي پئي۔۔ هروڀرو قوم جي اکين ۾ ڌوڙ پئي وجهي۔ ڪالهه تائين ان ٽورنامينٽ جي نه ڪنهن کي خبر هئي ۽ نه ڪنهن اسپورٽس چينل تي ان جي ڪوريج۔۔ پوء اوچتو ئي اوچتو ايڏو شور اٿيو جو لڳو ته پوري دنيا پنهنجا ڪم ڪار ڇڏيو هي ميچ پئي ڏٺو۔۔ توبه۔۔
    World Snooker Championship ته هن سال مئي ۾ انگلينڊ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ انگلينڊ جو رانديگر روني چيمپين ٿيو۔۔

    چون ٿا ته هي ميڊيا جو دور آهي جنهن ۾ هر شي وائکي آهي۔۔ هاڻي ڏيو خبر۔۔ ڪيتري نه انڌير نگري آهي۔۔ سوشل ميڊيا تي خلق لٿي پئي آهي۔۔ خوشيون ۽ مبارڪون۔۔ پر الائي ڇا جون ۔۔۔ پاڻ ڄاڻن۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي خوشي ٿي جو اهڙين خبرن تي اوهان جو رد عمل ضرور ايندو آهي۔ ان باهني اوهان جي راء ته ملي ۔۔۔۔

    اميد ته سنڌ سلامت تي اوهان جي راء ملندي رهندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو