ننڍڙي لاءِ هڪ گيت ٻڌندا هياسون ... سنڌ جي سدا حيات راڳي استاد يوسف جي آواز ۾ ... اهو گيت ان وقت تمام مشهور ٿيو هو ... ڪنهن فلم ۾ به فلمايو ويو هيو ۽ ان وقت جي هيرو مشتاق چنگيزيءَ تي فلمايو ويو هو ... گيت جا ٻول ڪجهه هن طرح سان هيا ... سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيــان، راهن ۾ سر نمائي، قدمن تي سلامي ٿيان. ديـــــدار مٺــــا تنهنجو، بهــــارن جــي مثل آهي، تـــو ناز جوانيءَ جـــو، نظارن کــــي ٿو شرمائي، دل گهوريان تجليءَ تي، جلون جو سلامي ٿيان. نٿو ڀانيان وڇــــوڙو ، تون ساهه سان گـــڏ آهيـن، منهنجي پيار جي دنيا، روشن ڪئي تو سدائين، واه واه هـــي قرب تنهنجـا، قربن جو سلامي ٿيان. صـورت ڏسي ٿـــو ڀانيان، ڌرتيءَ تي چنڊ آهي، تـــارن جي روشنـــيءَ کي، محبـــوب ٿو وڌائي، سهڻين اکين ۾ سهڻو، اکڙين جو سلامي ٿيـان. نوٽ؛ دوستن کي ڪنهن ٻول ۾ ڪا درستگي ڪرڻي هجي ته واه واه ..
فلم مٺڙا شال ملن جو گيت آهي ، هن فلم جا گيت مرحوم رشيد احمد لاشاري لکيا هيا جڏهن ته موسيقي غلام علي ترتيب ڏني هئي۔ چڪوري ۽ مشتاق چنگيزي مرڪزي ڪردار ادا ڪيا، گلوڪارن ۾ محمد يوسف، رونا ليليٰ ۽ فقير عبدالغفور، ۽ دين محمد شيخ به شامل هئا. فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جي مشهور ڪلام، “سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“، کي وڏي ڪاميابي ملي۔ مونکي ان ئي حوالي سان ملندڙ هڪ ٻيو غزل پيو ياد اچي۔ پيش ڪيان ٿو : بيوس بازيد پوريغزل اڱڻ منهنجي هلي آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا،سجايا ٿي ويا لايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. ڪيا دک دور سڀ سڄڻن، اڱڻ تي پير پائي اڄُ،ڪروڙين ڪرم فرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. ڏسڻ سان تيرِ مزگان واه! ڪيا سيني مٿي سٽڪا،اڃا وَڌِ پئي ڪيئون سعيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. ماہِ انور جي پيچيدن، وڌا وَرَ ڄڻ ته واسينگن،اڻانگا پيچ تن پايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. سڄڻ جا ڏند سنهڙا هوبهو موتين مثل آهن،ڏسو محبوب مرڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. هزارين حُسن وارا مون ڏٺا پر هِتِ نه آ حُجت،لکين هن لال لڙڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. ڏسو خورشيد ڌرتيءَ تي لهي آيو آ ڇا يارو،ڪٿان هي اولڙا آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا. ڀلا خورشيد سان هن کي ڏيان تشبيہ ڪيئن ”بيوس“،سڄڻ ڪئين شمس شرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
1973ع ۾ اها فلم مٺڙا شال ملن رليز ٿي هئي ۽ ان وقت نثار ابڙو صاحب جي گهر ڀرسان هڪ سئنيما ايمپائر ٽاڪيز ۾ لڳي هئي ۔ ان ئي فلم جو سدا حيات نغمو سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار جيڪو شيخ اياز جو لکيل ۽ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ڳايل هو ۔
سليمان وساڻ، منهنجي يار ته اهڙو غزل پيش ڪيو جو ور ور ڪري ويٺو پڙهان ۔۔۔ رضوان علي جمالي، پياري ننڍپڻ جي ساٿي ته گهر ڀر ۾ ايمپائر سئنيما ياد ڏياري اصل ڪيترين گهڙين تائين ايمپائر واري روڊ تي گهمائي ڇڏيو ۔۔۔۔ لک قرب دوستن جا ۔۔۔ واه واه ٿي وئي ۔۔۔۔