سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيــان

'سنڌي موسيقي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ننڍڙي لاءِ هڪ گيت ٻڌندا هياسون ... سنڌ جي سدا حيات راڳي استاد يوسف جي آواز ۾ ... اهو گيت ان وقت تمام مشهور ٿيو هو ... ڪنهن فلم ۾ به فلمايو ويو هيو ۽ ان وقت جي هيرو مشتاق چنگيزيءَ تي فلمايو ويو هو ... گيت جا ٻول ڪجهه هن طرح سان هيا ...

    سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيــان،
    راهن ۾ سر نمائي، قدمن تي سلامي ٿيان.
    ديـــــدار مٺــــا تنهنجو، بهــــارن جــي مثل آهي،
    تـــو ناز جوانيءَ جـــو، نظارن کــــي ٿو شرمائي،
    دل گهوريان تجليءَ تي، جلون جو سلامي ٿيان.

    نٿو ڀانيان وڇــــوڙو ، تون ساهه سان گـــڏ آهيـن،
    منهنجي پيار جي دنيا، روشن ڪئي تو سدائين،
    واه واه هـــي قرب تنهنجـا، قربن جو سلامي ٿيان.

    صـورت ڏسي ٿـــو ڀانيان، ڌرتيءَ تي چنڊ آهي،
    تـــارن جي روشنـــيءَ کي، محبـــوب ٿو وڌائي،
    سهڻين اکين ۾ سهڻو، اکڙين جو سلامي ٿيـان.

    نوٽ؛ دوستن کي ڪنهن ٻول ۾ ڪا درستگي ڪرڻي هجي ته واه واه ..​
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فلم مٺڙا شال ملن جو گيت آهي ، هن فلم جا گيت مرحوم رشيد احمد لاشاري لکيا هيا جڏهن ته موسيقي غلام علي ترتيب ڏني هئي۔ چڪوري ۽ مشتاق چنگيزي مرڪزي ڪردار ادا ڪيا، گلوڪارن ۾ محمد يوسف، رونا ليليٰ ۽ فقير عبدالغفور، ۽ دين محمد شيخ به شامل هئا. فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جي مشهور ڪلام، “سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“، کي وڏي ڪاميابي ملي۔


    مونکي ان ئي حوالي سان ملندڙ هڪ ٻيو غزل پيو ياد اچي۔ پيش ڪيان ٿو :

    بيوس بازيد پوري
    غزل
    اڱڻ منهنجي هلي آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا،
    سجايا ٿي ويا لايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    ڪيا دک دور سڀ سڄڻن، اڱڻ تي پير پائي اڄُ،
    ڪروڙين ڪرم فرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    ڏسڻ سان تيرِ مزگان واه! ڪيا سيني مٿي سٽڪا،
    اڃا وَڌِ پئي ڪيئون سعيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    ماہِ انور جي پيچيدن، وڌا وَرَ ڄڻ ته واسينگن،
    اڻانگا پيچ تن پايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    سڄڻ جا ڏند سنهڙا هوبهو موتين مثل آهن،
    ڏسو محبوب مرڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    هزارين حُسن وارا مون ڏٺا پر هِتِ نه آ حُجت،
    لکين هن لال لڙڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    ڏسو خورشيد ڌرتيءَ تي لهي آيو آ ڇا يارو،
    ڪٿان هي اولڙا آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
    ڀلا خورشيد سان هن کي ڏيان تشبيہ ڪيئن ”بيوس“،
    سڄڻ ڪئين شمس شرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    1973ع ۾ اها فلم مٺڙا شال ملن رليز ٿي هئي ۽ ان وقت نثار ابڙو صاحب جي گهر ڀرسان هڪ سئنيما ايمپائر ٽاڪيز ۾ لڳي هئي ۔ ان ئي فلم جو سدا حيات نغمو سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار جيڪو شيخ اياز جو لکيل ۽ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ڳايل هو ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سليمان وساڻ، منهنجي يار ته اهڙو غزل پيش ڪيو جو ور ور ڪري ويٺو پڙهان ۔۔۔
    رضوان علي جمالي، پياري ننڍپڻ جي ساٿي ته گهر ڀر ۾ ايمپائر سئنيما ياد ڏياري اصل ڪيترين گهڙين تائين ايمپائر واري روڊ تي گهمائي ڇڏيو ۔۔۔۔
    لک قرب دوستن جا ۔۔۔ واه واه ٿي وئي ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو