اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو! ڇا توهان وٽ هنن سوالن ۽ سوچن جا جواب آهن؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو! ڇا توهان وٽ هنن سوالن ۽ سوچن جا جواب آهن؟
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ اوهان هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ شاعرن ۽ ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي صورت ۾ موجود رهيا آهيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي خيالن ۽ افڪار کان آگاهي ڏيندا پيا اچو. اوهان مشاعرن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ سُرهيون سانجهيون، شامون توڙي خاص ڏينهن ملهائڻ ۾ به خود ڪفيل رهيا آهيو. ڪانفرنسن جي کوٽ ڪڏهن رهڻ نه ڏني اَٿوَ ۽ سيمينار به اوهان جي کٻي هٿ جو کيل رهندا آيا آهن. اوهان موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياهه تي سال جي ويندڙ سج کي الوداع ڪرڻ جي اجتماعي ڪارگذاري به ڏيکاري آهي ته نئين سال جي پهرئين صبح جو اڀرندڙ سج جون سلاميون به ڀريون آهن. ادبي ميڙاڪن ۾ ڳاهٽ به ٿيا آهيو ۽ گڏجاڻين جي گونج به هميشه رهي آهي.

    ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود هن ڌرتيءَ علم ۽ ڏاهپ جو ڪو عروج ڪونه ڏٺو. اخلاقي قدرن جي ڪا آبياري ڪانه ٿي. مهارتن جي ڪا ترقي ڪانه ٿي. مثالي ماڻهن جي ڪا نرسري ڪانه جڙي. سک لاءِ سرگردان ماڻهن کي اطمينان جي ڪا واٽ ڪانه ملي. نه ڪي سگهارن فڪري روين جا بنياد پيا، نه ڪو سماجي ترقيءَ جون وٿون نروار ٿيون، نه ڪا ويڳاڻپ ختم ٿي، نه ڪا صحتمند چٽاڀيٽي شروع ٿي سگهي، نه ڪو ڪلفتن جو زوال آيو، نه ڪو محبتن جو عروج ٿيو، نه اجتماعي ڌارا سگهاري ٿي سگهي ۽ نه عمل جو آغاز ٿيو!

    ها، البت ڄُنڊاپٽ جي ڪاروبار جو عروج ٿيو. تنقيد ۽ تعريف جو نرالو ڪلچر متعارف ٿيو. هڪ ٻئي جي پٽڪي لاهڻ واري رسم جي آبياري ٿي، گروپ بندي جي ترقي ٿي، جڳاڙين جا فصل لٿا. ماڻهن کي ڀٽڪڻ جا رستا مليا. نشستن جي اختتام تي پيئڻ پيئارڻ جا بنياد پيا ۽ هڪ ٻئي لاءِ هروڀرو مهانتائن مڃڻ جي ترقي ٿي!

    ورهاڱي کانپوءِ اسان سان رياست جو رويو سڄڻائپ وارو ڪونه هو. ان صورت ۾ اسان جي صاحبان علم ۽ دانش کي ترتيب ۽ تنظيم سان ادارا جوڙي پنهنجي ماڻهن جي تربيت ڪرڻي هئي. سگهاري فڪر، مهذب ڪلچر ۽ جٽادار روايتن جي پاسداري ڪرڻي هئي. اجتماعي ڌارا کي سگهارو ڪرڻو هو ۽ ماڻهن جي عزم ۽ عمل کي ميلاپ ڏياري شاندار بنائڻو هو ليڪن بدقسمتيءَ سان انهن مان ڪو هڪ ڪم به تحريڪي ۽ مشنري انداز ۾ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪونه ٿيو.

    اي اديبو ۽ دانشورو!

    قومي مزاج ۾ جذبن ۽ عقليت جو توازن قائم رکڻ لاءِ اوهان کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو ليڪن ائين ممڪن نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اوهان پاڻ ئي ان توازن جي شعور کان عاري رهيا ۽ نه رڳو پاڻ ٺلهي جذباتيت جي وهڪري ۾ وهندا رهيا بلڪه قوم کي به ان وهڪري ۾ غوطا کارائيندا رهيا. اوهان وٽ ڪُل ڏاهپ جو سرچشمو اوهان جي پنهنجي ذات، داخلي محرومين تي مبني شاعري ۽ پنهنجون لکڻيون هيون. اوهان کي هر قسم جي سنجيده تقريب ۾ راڳ رنگ به گهرجي پيو ۽ هر مهذب تصور سان گڏ پيگ پيالو ۽ کيل تماشو به کپي پيو. ڏيئا ٻاري ويندڙ سال کي الوداع ڪرڻ ۽ ايندڙ سال جي اڀرندڙ سج جي سلامي ڪنهن خاص هنڌ تي ڪرڻ اوهان لاءِ وڏي ۾ وڏي اجتماعي سرگرمي هئي. علمي رويا، علمي طريقا ۽ علمي جهد اوهان جي ائپروچ ۽ اڻ تڻ ۾ ئي شامل نه هئا.

    وڏي بدقسمتي ته اوهان وٽ سائنس جي علمن جي حاصلات لاءِ ڪابه ديوانگي نه هئي، جنهن سان اوهان قوم جي اجتماعي مهارتن ۽ قابليتن کي سگهارو بنائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهو. اوهان وٽ فلسفي جي ذريعي زندگي جي حسناڪين کي ترتيب ۾ آڻي انهن کي منظم ڪرڻ جي تڙپ ۽ جستجو نه هئي، جنهن سان اوهان نوجوانن مان ويڳاڻپ ختم ڪري انهن ۾ زندگي، حسن ۽ حق جو ادراڪ ۽ عمل سگهارو ڪري سگهو. اوهان رياضيءَ جي مشقن ۽ فارمولن ذريعي زندگيءَ جي مادي حقيقتن کي سائنٽيفڪ ۽ رياضياتي بنائڻ جي ڳڻ ڳوت ڪانه ڪئي، جنهن سان اوهان نوجوانن کي چٽاڀيٽي ۽ مهم جوئيءَ جي ميدانن ۾ ڊوڙائي سگهو. اوهان هر وقت رڳو بي مقصد شاعري، غيرمعياري راڳ ۽ اجاين نعرن جي صورت ۾ نوجوانن کي محبتن ۽ نفرتن جا بي منزل پيچرا پئي لِيڪي ڏنا. انڌين محبتن جي انهن بي منزل پيچرن تي روان رهي نوجوانن جو وڏو حصو رهبرن سان عقيدتون نباهڻ جو پتلو بڻجي ويو. ڪڏهن به اختلاف راءِ جي حق جو استعمال انهن جي لاءِ حرام بڻجي ويو ۽ هر اجتماعي عمل ۾ شرڪت جو بنياد شخصي وابستگيون ۽ ياري باشي وڃي رهيو. وري جڏهن نوجوان انڌين نفرتن جي ور چڙهي ويا ته اهي نفرتون ئي سندن هيرو ورشپ بڻجي ويون. نتيجي ۾ انهن عقل ۽ دليل جي ڪابه ڳالهه پنهنجي دل تي دستڪ ڏيڻ لاءِ پهچڻ نه ڏني ۽ ڪنهن به مسئلي تي غير جانبداريءَ سان سوچڻ لاءِ پنهنجن دماغن جي تالابندي ڪري ڇڏي.

    اي ديده ورو، اي دانشورو!

    اوهان ماضي پرستيءَ جي فضول روايتن کي اکيون ٻوٽي قوم جي مٿان مسلط ڪري ڇڏيو: اسين موهن جي دڙي جا وارث! اسين پٿر جي دور کان وٺي عظيم، دنيا جي سڀني قومن کان عظيم! دنيا جي سڀني کان وڏي ادبي تنظيم به اسان وٽ، دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو به اسان وٽ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان به اسانجي سنڌ ۾... اسين عظيم، اسين عظيم، اسين قديم! دنيا جي سڀني قومن کان برتريءَ جي اهڙي مهم جوئيءَ اوهان کي ڪڏهن هيءُ سوچڻ جو موقعو به نه ڏنو ته بحيثيت قوم جي ماضيءَ ۾ اسان کان ڪي غلطيون به ٿيون آهن. اسان جون ڪي اجتماعي ڪوتاهيون به آهن جيڪي روڳ بڻجي اسان جي مرحليوار بدحاليءَ جو ڪارڻ بڻيون آهن.

    توهان ڪڏهن اهو سوچيو ته ڪيتريون ڳالهيون، سلوگن ۽ فيصلا هئا جيڪي خوبصورت لفظن ۾ ويڙهي، دونهيندار انداز بيان ۾ هتان جي ماڻهن کي تجويزن ۽ تائيدن لاءِ مليا ۽ ماڻهو انهن جي سحر ۾ ليڊرن پٺيان ڳاهٽ ٿيندا رهيا ليڪن انهن غير عقلي فيصلن جا هتان جي ڪيترن نسلن کي ڪيتا لوڙڻا پئجي ويا.

    پنهنجي بدحاليءَ جو جڏهن به تذڪرو نڪتو ته ان جو الزام رڳو ٻين قومن ۽ ڌارين طاقتن تي لڳايو سين. بدحاليءَ جي پنهنجي اندروني سببن تي ويچار جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. نه سياسي سببن تي، نه اخلاقي ۽ معاشي ڪارڻن تي ۽ نه فڪري سببن تي ڪو غور ڪيو ويو. قومن جو بگڙڻ ۽ بنجڻ ڏهاڪن ۽ صدين جي سفر تي ڦهليل هوندو آهي، ان جي ذميداري ڪنهن هڪ واقعي، ڪنهن هڪ ڌارئي يا ڪنهن هڪ ذميدار تي نه هوندي آهي. ٻيو ته ڌارئي کي تسلط جو موقعو به تڏهن ملندو آهي جڏهن اها قوم اندروني طور تي ڪمزور ۽ بدحال هوندي آهي ۽ اوهان اها ڪمزوري ۽ بدحالي قوم کي ٻڌائڻ جي ڪڏهن تڪليف ئي گوارا ڪونه ڪئي. اها تڪليف گوارا نه ڪرڻ جيڪڏهن هن خيال کان هو ته بدحاليءَ بابت فڪري ۽ سماجياتي شعور ماڻڻ ماڻهن جو پنهنجو ذاتي مسئلو آهي ۽ ڇاڪاڻ جو هيءُ معلومات جو دور آهي، ماڻهو پاڻ عاقل بالغ آهن، پاڻ پنهنجي معلومات ذريعي پنهنجي بدحالي جا سبب ڄاڻي وٺندا... ته اها اوهانجي حد درجي جي ذهني سادگي هئي. اهو به ممڪن آهي اوهان ڄاڻي واڻي بدحاليءَ جي انهن سببن کي ڌارين جي کاتي ۾ هڻي ڪنهن به ذميوار ي کڻڻ کان لاتعلق ٿي پنهنجي جان خلاصي ڪرائڻ ٿي گهري. ڇاڪاڻ ته اوهان کي قومي بدحاليءَ جي فڪري ۽ سماجياتي سببن جي نشاندهيءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي عملي ڪردار جي مشقتن مان گذرڻو پئي پيو ۽ بدقمستيءَ سان اوهان قومي فڪري ڌارائن جي تشڪيل لاءِ ان عملي ڪردار جي پلصراط تان گذرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا.

    اوهان رڙيون ڪندا رهيا ته پنهنجي قوم ۾ غدار آهن پر اهو نه ٻڌايوَ ته جيڪڏهن پنهنجي قوم ۾ ڪي غدار پيدا ٿيا ته ڇو ٿيا؟ ۽ انهن غدارن کان ڇوٽڪاري جو رستو ڪهڙو آهي؟ اوهان اهو به ڪونه ٻڌايو ته قومي سفر ۾ جيڪي ناڪاميون پلئه پيون، انهن جا حقيقي ڪارڻ ڪهڙا هئا. زندهه قومون پنهنجي هر ناڪاميءَ جي رپورٽ مرتب ڪنديون آهن ليڪن هتي سنڌي قوم کي پنهنجي قومي وجود جي بقا لاءِ ٿيندڙ مزاحمتي ناڪامين جي سببن جي هڪ تفصيلي رپورٽ به ڪنهن دانشور جي پاران نه ملي سگهي! آمريڪا وارن ويٽنام ۾ پنهنجي شڪست جو يادگار ٺهرائي چوڪ تي سجائي ڇڏيو ته اهو يادگار هنن کي پنهنجي ناڪامين جي يادگيري ڏياري آئنده جي غلطين کان بچڻ جي علامت بڻيو رهي، ليڪن اوهان هتي غلطين جي سادي اعتراف جا به روادار نه رهيا.

    اوهان مان جيڪي ٻه چار اکر وڌيڪ پڙهيل هئا، انهن پنهنجي قابليتن کي ڪن به وڏي قومي مقصدن جي لاءِ ارپي ڇڏڻ بجاءِ سڻڀين سرڪاري نوڪرين جي حاصلات لاءِ پاڻ کي خواهشن جي رڃ ۾ ڊوڙائي رکيو ۽ جيستائين اهي سڻڀيون نوڪريون اوهان جي شهري اشرافيه واري مرتبي ماڻڻ واري حسرت جو پورائو ڪنديون پئي آيون، اوهان ڦرڻين ڪرسين ۽ آرامده ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن جي نشي ۾ غلطان پئي رهيا پر جيئن ئي اوهان کي انهن سڻڀين پوسٽن تان پاسيرو ڪيو ويندو هو ته اوهان جي ڪنن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿينديون هيون ۽ پوءِ اوهان جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڊرائنگ رومن ۾”سنڌ جي ڀلي“ جي نالي تي گڏجاڻيون شروع ٿي وينديون هيون.

    اوهان مان ڪيترن اديبن ۽ دانشورن جي انگريزي ۽ اردو ڪمال جي هئي ۽ وٽن لکڻ جو ڏانءُ به هو ليڪن افسوس جو اوهان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪيس انگريزي ۽ اردو لکتن جي ذريعي دنيا تائين پڄائڻ جي لاءِ ڪا مهم جوئي ڪانه ڏيکاري. ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن سنڌ مخلوط النسل صوبو بڻجي ويو ته اوهان پنهنجي دانش سان هتي هميشه لاءِ آباد ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوشبوءِ جو ديوانو نه بڻائي سگهيو.

    اوهان ڌرتي ڌڻين جي زندگي ۽ موت جي مسئلن ۽ سنڌ ڪيس جو سڄي سنڌ ۾ ڪو هڪڙو معلوماتي مرڪز به ڪونه جوڙيوَ، جتان دنيا جي ابلاغي ذريعن ۽ مختلف محاذن تي وڙهندڙ عملي ڪردارن کي انفارميشن فيڊنگ ڪري سگهجي.

    اوهان مان ڪيترا اهڙا هئا جن جا ڪالم جڏهن سنڌي اخبارن جي اندرين صفحن تي فوٽوئن سان ڇپجڻ لڳا ته اهي پاڻ کي مهان دانشورن ۾ شمار ڪرائي”دانشوريءَ جي قومي استحقاقي لسٽ“ ۾ شامل ٿي ويا. ان کانپوءِ اڳتي وڌي مڪالمن جي آغاز، تربيتي مرڪزن جي قيام، معلوماتي سينٽرن جي جوڙجڪ، تبديلين جي لاءِ عملي ڪردار ۽ فڪر جي اوسر جي اوهانکي ڄڻ ضرورت ئي نه هئي! هاڻي اهڙن مهان دانشورن جي لاءِ صدارت جون ڪرسيون ۽ خاص مهمان جا تمغا قومي ضرورت بڻجي ويا ۽ انهن ٻنهي مقصدن جي لاءِ آدم بو آدم بو جو سمان وڃي رهيو.

    ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جن زندگيءَ ۾ ڪو هڪ رسالو ڪڍيو يا ڪنهن رسالي ۾ ياري باشيءَ جي بنياد تي شريڪ ڪيا ويا هئا. ڪن ڪو هڪڙو متاثر ڪندڙ بيان ڪڍيو هو ۽ ڪن ڪنهن هڪڙي احتجاجي جلوس ۾ ئي شرڪت ڪئي هئي پر هاڻي انهن ماڻهن جو استحقاق بڻجي پيو ته اهي پنهنجي انهي”عظيم“ ڪارڪردگيءَ جو سڄي ڄمار کٽيو کائيندا رهن ۽ سنڌ جا مهان سڄڻ ليکيا وڃن، ڇو ته بظاهر سنڌ جي غم ۾ هميشه لاءِ سندن هانءُ ڦاٽي ٿو. سنڌ جي نالي تي جاري ڪيل ان هڪڙي بيان، رسالي، ڪهاڻي ۽ جلوس کان پوءِ انهن ماڻهن جو اهڙو ڪوبه اداره ساز ۽ شخصيت ساز ڪردار سامهون نه آيو پر رسمي لکڻيون لکڻ ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ اُٿڻ ويهڻ ڪري اهي هميشه لاءِ”مهان ماڻهو“ بڻجي ويا. ڇاڪاڻ جو انهن ماڻهن جون پنهنجيون پنهنجيون ڪئمپون ۽ لابيون هيون، انهيءَ ڪري هڪ ٻئي کي”قاضي ۽ حاجي“ چوڻ جي ريت خوبيءَ سان نڀائجندي رهي.

    اهڙن”حاجين“ ۽”قاضين“ جو پورو پروفائيل کولي ڏسو! انهن سنڌ ۾ هڪ به”شانتي نڪيتن“ ڪونه جوڙيو. انهن سنڌ ۾ هڪ به مڪالمي جو”ڪولوزيم“ برپا ڪونه ڪيو، انهن سنڌ ۾ ڪوبه”ندوه“ ۽”عليگڙهه“ وجود ۾ نه آندو. انهن مان ڪنهن به ائڊورڊ سعيد جيترو ڪم ته ٺهيو پر ارون ڌتي راءِ جيترو زائفاڻن حقن بابت تحرڪ به ڪونه ڏيکاريو.

    تحرڪ ۽ تحريڪ کي جنم ڏيڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي دور جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻو هو، پر اوهان ان ۾ به ناڪام رهيا. اوهان مان وڌ ۾ وڌ ذهين دانشور به چئن يارن جي چوياري جوڙي ڊرائنگ رومن ۾ سنڌ جي وقتي مسئلن تي فڪرمندي ڪندي سڄي عمر قراردادن پاس ڪرڻ کان اڳتي ڪونه وڌي سگهيا. اوهان پنهنجي فڪري ڌارائن کي عوام ۽ ڌرتيءَ جي روح سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ تبديليءَ جي لاءِ به ڪنهن به موثر فڪري سگهه کي وجود ۾ آڻي نه سگهيا. جڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيا ته پوءِ عوام جي مٿان مفاد ۽ غرضن جي غلامن پنهنجو وارو وڄايو. ايئن هتي ذهنن ۽ ويچارن کي ڀٽڪائيندڙ هچائون مٿي ۾ لڳنديون رهيون ۽ ڏينهون ڏينهن ڀٽڪڻ جو عمل سگهارو ٿيندو رهيو.

    اي سنڌ جا دانشورو ۽ اديبو!

    اوهان کي هميشه پنهنجي لکيتن ۾ سنڌ جو درد ۽ فڪر لاحق رهيو آهي، انهيءَ تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن. اوهان پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻوٽو ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيو، انهيءَ سان به اختلاف ڪونهي. پر اهڙين وکريل ڪوششن جو ٿورو گهڻو فائدو اوهان جي چوڌاري موجود ادبي دنيا معرفت اوهان کي ته ملندو رهيو آهي، پر اسان جي سماج کي اوهان جي جيتري موثر ڪردار ۽ عمليت جي ضرورت رهي آهي، اوهان کي اعتراف هئڻ گهرجي ته اوهان ان کان قاصر رهيا آهيو. اوهان جون جيتريون ذميداريون بڻجن ٿيون، ان حساب سان اوهان ۾ اهو ولولو ۽ اها مستعدي پيدا نه ٿي سگهي آهي. اوهان جي موثر ڪردار جي ادائيگيءَ ۾ رڪاوٽ اوهان جو فڪري بحران آهي. اوهان وٽ ڪابه فڪري وحدت ڪانهي ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهيو. اوهان جي ادبي صلاحيت ۽ اوهان جي ڄاڻ ڪنهن فڪر جي اوسر بجاءِ اوهان جي ذات جي قابليت ۽ علمي ادبي ڌاڪي ڄمائڻ تي استعمال ٿي رهي آهي. اوهان مان ڪيترن مهان دانشور ٿيڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي افلاطون، هيگل، ڊيڪارٽ ۽ فرائيڊ جو علمي وارث بنائڻ ۽ باور ڪرائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي تحريرن کي خواص جي مٿان رعب وجهڻ جو هٿيار بڻائي ڇڏيو. اوهان دنيا جي عملي سماج سڌارڪن ۽ مذهبن جي بانين ۽ ماضيءَ ۾ بنيادي تبديليون آڻيندڙ رهنمائن جي ذميدارين ۽ طور طريقن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪونه ڪري سگهيا. اوهان پنهنجي روحن کي روشن فڪري عطا نه ڪري سگهيا، جنهن سان اوهان پنهنجي لاءِ ذميداري ۽ شعور به پيدا ڪري سگهيا پئي ۽ عوام جي فڪري ۽ سماجي رهنمائي پڻ ڪري سگهيا پئي.

    اوهان سڀئي تخليقڪار هجڻ جا دعويدار آهيو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان مان اڪثريت جي ڄاڻ جو بنياد رڳو تقليدي آهي. گروپ جو گرو جيڪا سوچ رکي ٿو، چيلا اکيون ٻوٽي ان جي پوئواريءَ ۾ هلندا وتن ٿا. اهڙن ماڻهن جو تعداد بنهه گهٽ آهي جيڪي فڪر ۽فهم جي بنياد تي، دليل ۽ حجت سان هٿياربند ٿي زميني حقيقتن پٽاندڙ ميسر ماحول ۾ سماجي افڪار جي سگهه تي پنهنجو قبلو متعين ڪندا هجن.

    اوهان جي انفراديت پسندي اوهان جي سمورين صلاحيتن کي اڏوهي وانگر اندران ئي اندران کائي ناس ڪندي ٿي وڃي پر اوهان کي انهيءَ جو شعور ئي ڪونه ٿو رهي. هڪ باضمير اديب ۾ جيڪا اقدامي جرئت هئڻ گهرجي اها ڪمال اجتماعيت پسنديءَ جي رجحانن سان حاصل ٿيندي آهي ۽ بدقمستيءَ سان اجتماعيت گريزي جي رحجانن اوهان کي اقدامي جرئت جي جوهر کان محروم ڪري وڏن ۽ غيرمعمولي ڪمن جي سرانجاميءَ کان لاتعلق ۽ بيگانو ڪري ڇڏيو آهي.

    سماج جي لاءِ پنهنجي اندر مان اٿندڙ بي چينيءَ جي اڻهوند واري خال کي ڀرڻ لاءِ اوهان کي ڪابه اطمينان جي هوند گهرجي پئي پر اوهان جي تقليد پرستيءَ اوهان کي گروهن جو مجاور بڻائي ڇڏيو. پوءِ جڏهن انهن گروهن اکيون ٻوٽي هر ڳالهه ۾ مغرب جي پوئواريءَ جي واٽ اختيار ڪئي ته اوهان به ان قطار ۾ شامل ٿي ويوئ. مغرب ۾ سوويت يونين جو زوال ٿيو ته هتان جي سماجي ڏاهن جي سڄي هوا نڪري وئي. فرائيڊ ۽ سارتر اُتان جي سرمائيدارانه سوسائٽيءَ جي، مخصوص حالتن ۽ نتيجن ۾ سرمائيداراڻي ويڳاڻپ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي واٽ ڪڍي ڏني هئي پر اوهان نقل ۾ به عقل کان ڪم وٺڻ بدران ڊوڙون پائي نه صرف پاڻ انهن واٽن تي ڊُڪڻ شروع ڪيو پر اوهان پنهنجي لکيتن جي ذريعي انتهائي غريب ۽ ڏتڙيل سوسائٽي جي ٻين اڻڄاڻن کي به انهن واٽن تي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. انهن واٽن جي منزل جي اوهان کي به خبر ڪانه هئي پر اهو جديديت جي فيشن طور اوهان جي لاءِ لازم هو. پر جيڪي توهان کي معتبر سمجهي منزل جي حاصلات لاءِ اوهان پويان ڊوڙيا، اوهان انهن کي به سهڪائي سهڪائي بيحال ڪري ڇڏڻ کانسواءِ ڪجهه به کين پلئه نه وڌو.

    اوهان مان ڪيترن ماڻهن هيگل جي جدليات پڙهي هئي. اوهان کي ان جدليات جي روشنيءَ ۾ هي شعور حاصل هو ته هر تصور هڪ حد يا نسبت کان اڳتي وڌي پنهنجي نفي ڪندو آهي ۽ تصورن جي ٽڪراءَ مان هڪ نئون تصور پيدا ٿيندو آهي، ليڪن اوهان انهيءَ شعور کان عاري رهيا ته جدليات جو اهو عمل خودبخود جاري نه رهي سگهندو آهي، بلڪه انهيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شعور، فڪر ۽ ارادي جي ضرورت هوندي آهي. اوهان پنهنجي چوڌاري تصورات جي تصادم مان هڪ نئين تصور پيدا ٿيڻ جو ڪرشمو ڏسڻ جي انتظار ۾ رهيا، جيئن مذهبي ڌريون حالتن جي بدلجڻ ۾ امام مهديءَ جو انتظار ڪنديون رهيون، تيئن اوهان مان هڪڙا حالتن جي بدلجڻ لاءِ روس ۾ ٻيهر سوشلسٽ انقلاب جي امڪانن کي تڪيندا رهيا ۽ ٻيا وري بدلجندڙ عالمي ڊيموگرافڪ تبديلين جي آسري تي هڪ ٻئي کي خودبخود قسمت بدلجڻ جو دلداريون ڏيندا رهيا. سٺ سالن جي شڪست کائڻ جو عمل به اوهان جي هوش حواس کي اهو باور نه ڪرائي سگهيو ته اوهان زمان ۽ مڪان جي شعور ۽ صدين تي محيط پنهنجي فڪري روايتن سان پاڻ ۾ تبديليءَ جو عزم ۽ ارادو کڻي قوم جي سامهون وڃو.

    اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو!

    اوهان جي مت انهيءَ ڪري کسجي ويئي هئي جو اوهان پنهنجي ڏاهپ ۽ شعور جي بنيادن ۾ پنهنجي خلقڻهار کي پنهنجو ساڻي ۽ شريڪ نه بڻايو. اوهان پنهنجي خلقڻهار جي بخشيل انهيءَ سمجهه ۽ عطا کان پاڻ کي محروم رکيو جيڪا هن پنهنجي تڙپندڙ بندن جي لاءِ همت ۽عظمت جي طور تي انسان جي تحت الشعور ۾ محفوظ رکي آهي. نتيجي ۾ اوهان جي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگي، تڙپ ۽ جستجو انهيءَ منزل تي ئي نه رسي سگهي جو اوهان ۾ سماج جي لاءِ سڄڻ ۽ سڌارڪ هئڻ جي ديوانگي پيدا ٿي پوي. اهڙي امنگ ۽ ارپنا جيڪا هزارين سالن کان سماج جي سڄڻن ۽ سڌارڪن جو مرڪ رهي آهي. اهڙي ديوانگي جيڪا انسانيت جي ڪمن لاءِ انهن کي بيخود بڻائي رکندي هئي. اهڙي ديوانگي جنهن حق ۽ سچ جي ساٿ لاءِ سقراط کان زهر جو پيالو پيارايو. اهڙي بيتابي جنهن پنهنجي مشن جي تڪميل لاءِ حضرت عيسيٰ عه کي صليب تي پهچائي ڇڏيو، اهڙي امنگ جنهن انسانيت کي اعليٰ قدرن ۽ فلاحي معاشري کان سرفراز ڪرڻ جي ذميداريءَ ۾ حضرت محمد ؐ کي طائف جي بازارين ۾ پٿر کارايا . اهڙي حوالگي جنهن ملوڪيت ۽ آمريت کي چئلينج جي ڪري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ منصور بن حلاج کي تخته دار تي پڄايو هو. اهڙي وابستگي جنهن ڌارين جي تسلط لاءِ للڪار بڻجي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيسرايو هو. اهڙي قرباني جنهن هن ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ پيڙهيل هارين کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ شاهه عنايت کي شهادت جي مرتبي تي فائز ڪرايو.

    اوهان جي شخصي بحران جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته اوهان بحيثيت انسان پنهنجي شناخت جي تلاش ڇڏي ڏني.”مان ڪير آهيان؟ ڇو پيدا ڪيو ويو آهيان؟ منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“ اوهان جي زندگيءَ ۾ انهن بنيادي سوالن جي جواب جي نه ڪا تلاش رهي، نه ڪا اهميت رهي. نتيجي ۾ اوهان وٽ زندگيءَ جي روين ۽ حقيقتن ۾ وقت بوقت تضاد منظر تي ايندا ويا. جڏهن زندگيءَ جي باري ۾ نصب العين جو تصور ئي نه رهيو ته اوهان پاڻ مان اهو جوهر، استعداد، صلاحيت ۽ لقاءُ وڃائي ويٺئو، جنهن ۾ دنيا جي چٽاين ۽ حسناڪين کي قبول ڪرڻ جي خاصيت هوندي آهي. جڏهن اهو استعداد ئي وڃائجي چڪو ته پوءِ هيڏو ڊگهو تهذيبي ۽ علمي پسمنظر ۽ هيڏي ساري صوفي فڪر جي زرخيزي به اوهان کي بچائي اِن لائق نه بڻائي سگهي جو اوهان قومي بقا جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري سگهو.

    سنڌ جو محسن ۽ دانش جو جوهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان تي ڌارين غنيمن جي مسلسل يلغارن ۽ پنهنجي ڪمزور نظام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل خرابين جي سڌاري لاءِ گونجار بڻجي اڀريو. هن جي فڪر جي پرواز، هن جي تڙپ جي انتها، هن جي عمل لاءِ اتساهيت جي گهرائي ۽ انيڪ آزارن ۾ وڪوڙيل قوم جي نبض شناسي ڏسي، سڄي سنڌ هن جي مسيحائي جو اعتراف ڪري ويٺي. اوهان به نالي ماتر ته کيس پنهنجو رهبر ڪري ورتو، پر افسوس جو اوهان ڀٽائيءَ جا سڌڙيا عاشق ثابت ٿيو. اوهان ڀٽائي کي جيترو پنهنجي سوچ جي پيمانن تي پورو لڌو اوتري ان جي مسيحائي مڃي ۽ جتي اوهان جي نفسي خواهشن جو مسئلو هو، جتي آفاقي پيغام جي قبوليت جو مطالبو هو، جتي لوچ هئي، جتي جهد هئي ۽ جتي سورهيائپ سوڀ کي مرڻي هئي، اتي اوهانجي طرفان حيلا بهانا ۽ تاويلون هيون. ڀٽائي هڪ پختي عقيدي واري مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجي رسالي کي الاهي آيتن جو تفصيل ڪري پيش ڪيو، ليڪن اوهان پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ پالڻهار جي ضابطن جي پابنديءَ جا روادار نه رهيو. پالڻهار پنهنجي آفاقي ضابطن جو آخري ايڊيشن قرآن مجيد حضرت محمدؐ جي ذريعي انسانيت کي عطا ڪيو، اوهان ان سان وابستگيءَ جي ڪا نسبت ئي نه جوڙي. جيڪو ڪتاب ڏاهپ جو ڀنڊار هو، جيڪو ڪتاب انسانيت جي ڪامراني ۽ فلاح جي فطري اصولن جو سرچشمو هو، جيڪو ڪتاب انسان جي نصب العين ۽ منزل جو تعين ڪندڙ هو، اوهان پاڻ تي ان جو پاڇو پوڻ ئي ڪونه ڏنو.

    ڀٽائي سڄي دنيا جي سماج سڌارڪن وانگر پنهنجي ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ پنهنجي خلقڻهار کي شاهد بڻائي عمل ۽ اتساهيت جو ٽڪنڊو بڻايو ليڪن اوهان هميشه لڪيرن تي ڊوڙندا رهيا ۽ تشڪيل اوهان کان ڪابه ٿي ڪانه سگهي. نتيجي ۾ اوهان کان ڪنهن به وڏي ڪردار جي ادائيگي ۽ غيرمعمولي ڪارگذاريءَ جي توقع به ڪونه رهي.

    ڀٽائي هڪ نبض شناس سڌارڪ جي حيثيت ۾ هتان جي ماڻهن کي وحدت الوجودي فڪر جو پيغام ڏنو. ان فڪر جي روءِ سان خدا ۽ بندي ۾ تعلق جون ڇا ته نفاستون هيون! اوهان انهن نفاستن جي حاصلات لاءِ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان” جي هورا کورا مان ئي ڪونه گذريوئ.”ماڻهو الله جو عيال آهن“ ۽”سڀ ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن“، جهڙن وحدت الوجدي اصولن سان اوهان سنڌ ۾ ايڪتا ۽ ايثار جو شاندار سماجي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ سگهارا فڪري بنياد فراهم ڪري پئي سگهيو. ليڪن اوهان کي ڀٽائيءَ جي ڏسيل سڌي دڳ تي هلڻ بجاءِ ور وراڪن سان ڀانت ڀانت جي واٽن تي ڀٽڪڻ جي هير پئجي وئي هئي. اوهان اوجهڙ ۾ ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿاٻڙجندي ڪريا ۽ ٻيهر اٿي پلو ڇنڊي وري هلي پئي پيا. اوهان جي اديباڻي سرڪشي ۽ دانشوراڻي برتريءَ جي غرور اوهان کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ ايئن سالن جا سال وهامندا ويا.

    ايئن وقت وهامي وڃڻ جو اوهان جي صحت تي ڪو اثر پوڻو ڪونه هو. اوهان نالي ۾ هن سماج جا پُرجهيل چونڊ افراد هئا ۽ سماج سان لکيتن جي ذريعي اوهانجي پي آر هئي. ان پي آر جي ڪري اوهان کي مڃتائون حاصل رهيون ۽ پنهنجي سماجي اسٽيٽس جي ڪري اوهان کي سڻڀيون نوڪريون به ملنديون رهيون ۽ مجلسن جو صدارتون ۽ خاص مهمانيون به اوهان کي ريجهائي رکنديون رهيون. ليڪن اوهان جي لوچ ۽ لالائي کان دوريءَ اوهان کي ڪنهن به غير معمولي حاصلات کان محروم رکيو جنهن جو ڪيتو بهرحال هن سماج جي ڪروڙين غريبن، بي ڪسن ۽ ڏتڙيل ماڻهن ڀوڳڻو پيو. اوهان سماج جي انهن موثر طبقن مان هڪ موثر طبقو هئا جيڪي گورن جي غلاميءَ جي خاتمي کانپوءِ هن قوم کي ڪارن جي نئين غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عمل جي واٽ ٻڌائي پئي سگهيا. ديس واسين ۾ هن ڌرتيءَ جي مالڪي جي اهليت پيدا ڪرڻ جي تربيت ڪري پئي سگهيا. سندن مهارتن کي سگهارو ڪري انهن جي خون کي گرمائي پئي سگهيا. اوهان فڪري روين جي تاڃي پيٽي سان سماجي ترقيءَ جو وٿون نروار ڪري پئي سگهيا. اوهان انقلاب جون مشعلون ٻاري ٻاٽ کي لاٽ ڏئي پئي سگهيا. ليڪن اوهان هيڏن منصبن جي حق ادائيءَ جي بجاءِ وقتي مسئلن تي بيان بازيءَ جي مهم، قراردادن جي ڀرمار، هڪٻئي سان شامون ملهائڻ ۽ سيمينارن جي انعقاد سان قوم کان پنهنجيون مهانتائون مڃرائڻ جا روادار رهيا. ائين وقت وهامندو ويو ۽ غلاميءَ جا ڳٽ هن ديس جي ماڻهن کي گهٽيندا ۽ ٻوساٽيندا ويا.

    ان گُهٽ، ٻوسٽ جي سٺ سالن واري سڄي عرصي ۾ هن ديس جي ماڻهن کي رياست جي پنهنجائپ ۽ سڄڻائپ ميسر نه ٿي. انهن کي بنيادي حقن کان ظالماڻي حد تائين محروم رکيو ويو. کين روزگار جي جديد کان جديد موقعن کان بهره ور ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي، الٽو درياهه تي بئراج ۽ ڊيم اڏي هزارين سالن کان سندن جياپي جي آسري کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن جي مڊل ڪلاس کي ڌاڙن، اغوائن ۽ جڳاڙي سياسي ڪلچر جي ذريعي تباهه ڪيو ويو. سندن تعليم ۽ معاشرت کي هٿ وٺي بگاڙيو ويو. شهر، تجارت ۽ صنعت انهن جي لاءِ اوپري بڻائي وئي. ڪرب ۽ عذاب جا نوان نوان طريقا ڪڍي انهن جي روحن ۽ جسمن کي رهڙيو ويو.

    ڌرتيءَ جا وسيلا ڌارين جي حوالي ٿي ويا، ڌرتيءَ جي حاڪميت کسڪائي وئي! شهر ڌرتي ڄاون لاءِ اوپرا بڻايا ويا ۽ شهري حڪومتن تعليم ۽ نوڪرين تي بندشون وجهي ڇڏيون. امن ۽ انصاف کان به محروم ڪيو ويو ۽ ڪٿي به ڪنهن ڪمزور ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ تحفظ ۽ حفاظت جي ڪابه ضمانت نه رهي. نتيجي ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ سنڌين مان چند لکن کي ڇڏي باقي سنڌين جي مٿان رياستي اوپرائپ جي قيامت گذرندي رهي آهي. اهي امن، تحفظ، انصاف ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ ڊوڙائي ڊوڙائي ماريا ويا آهن. انهن جي ڌرتيءَ جي سيني ۾ کربين رپين جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات موجود آهي پر ان ڌرتيءَ جا ڄاوا ٽن ويلن جي مانيءَ جو اطمينان به حاصل ڪري نه سگهيا آهن.

    هتان جي ماڻهن کي اهڙين بدترين حالتن مان ڇوٽڪارو ۽ قسمين قسمين سنگهرن مان آزاديءَ جي رهنمائي فراهم ڪري ته ڪير ڪري؟ انهن ۾ محبت، اعتماد ۽ سرگرميءَ جا سلا ڪير اڀاري؟ انهن کي جهالتن جي ڌٻڻ مان ڪير ڇڪي ڪڍي؟ انهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ اميد ۽ امنگ جا ڏيئا ڪير روشن ڪري؟ انهن جي قابليتن ۽ مهارتن کي ڪير سگهارو ڪري ۽ کين مسابقت ۽ مقابلي جي لاءِ ڪير منظم ڪري؟

    اسان جا اديبو!

    هيستائين پُل جي هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي ۽ اسين بحيثيت قوم فيصله ڪن صورتحال تي بيٺل آهيون. اهڙي وقت دنيا جي قومن طرفان پنهنجي آجپي لاءِ ڪيل ڪامياب جدوجهد کي نظر ۾ رکندي اسان پاڻ بدلائڻ جو عزم ڪيون. قهاري جهالت ۽ ظالماڻي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي اڪاري ڪڍڻ جي لاءِ جنهن انقلاب ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي، ان لاءِ اسان کي سٺ سالن جون هٺ ڌرميون، ضديتون ۽ انائون ڇڏڻيون پونديون. اسان کي رسمي ادبي طريقن ۽ نالي جي دانشوريءَ جي رينگٽ کي ڇڏي هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جا بنياد وجهڻا پوندا. انهيءَ جي لاءِ فوري پيشرفت هيءَ آهي ته اسان ماضيءَ جي غلطين ۽ ناڪامين جو اعتراف ڪري پاڻ بدلايون ۽ پاڻ ۾ ترقي پسند خود شعوري پيدا ڪريون. اسان صدين کان سماج جي تبديليءَ جي لاءِ پتوڙيندڙ عملي سماج سڌارڪن ۽ مذهبن جي بانين جي واٽ وٺون. ظلم، توهم پرستي ۽ پستيءَ جي خاتمي لاءِ آخري پيغمبر محسن انسانيت حضرت محمد ؐ جي تبديليءَ واري طريقي کي پنهنجي لاءِ مثال بڻايون.

    انهيءَ عمل سان اسين نه صرف انسانيت جي لاءِ ابدي هدايت ۽ رهنمائي جي سلسلي سان جڙي تبديليءَ جي نون امڪانن کي تخليق ڪري وٺنداسون بلڪه مسخ ٿيل مذهبيت جي انهن ڪروڌن کان به پنهنجي ماڻهن کي آجو ڪري وٺنداسين، جيڪا ايامن کان کين ڀٽڪائي سندن سورن جو ڪارڻ بڻجندي رهي آهي.

    اي سنڌجا اديبو ۽ دانشورو!

    اوهان پاڻ بدلجڻ جو عهد ڪريو ۽ صرف هي پنج ڳالهيون نڀائڻ جو عهد ڪريو، پوءِ ڏسو ته تبديليءَ جا سوين امڪان ڪيئن ٿا تخليق ٿين:

    1- پنهنجي زندگي هڪ چٽي ۽ اعليٰ مقصد هيٺ گذارڻ جو عزم ڪريو ۽ سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجي اندر مثالي ماڻهن واري ارپنا ۽ ديوانگي پيدا ڪريو.

    2- اجاين بحثن ۽ تنقيد کي ڇڏي ترقي پسند خود شعوري ۽ عملي ڪردار سان تبديليءَ جي واٽ وٺو ۽ پنهنجي چوڌاري بگڙيل ادارن کي سنوارڻ ۽ نون ادارن جي قيام جو ذمو کڻو.

    3- سائنس، فلسفي ۽ رياضيءَ کي پنهنجي علمي ترقيءَ جو بنياد بڻائي عوام جي صلاحيتن ۽ مهارتن کي سگهاري ڪرڻ جون گهڻ رخيون ڪوششون ڪريو.

    4- انسان، ڌرتي ۽ خلقڻهار کي فڪر جو محرڪ بڻائي، پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ لاءِ ذميداراڻي ڪردار کي يقيني بڻايو.

    5- ڀٽائيءَ جي ٻڌايل فڪري واٽ تي دلين ۾ تبديليءَ جي چڻنگ ٻاري سنڌ جي ماڻهن جي ڪردار جي پختگي، اجتماعيت جي سوچ ۽ مزاحمت جي طريقن کي سگهارو ڪيو.

    اوهان سڄي انساني تاريخ جو گهرو مطالعو ڪري ڏسو! جنهن به دور ۾ اتان جي صاحبان علم ۽ دانش پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ته انهن پنهنجي روشن فڪريءَ سان مٿين ڳالهين ذريعي پنهنجي سماج کي واقعي تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. جڏهن اوهان ان تبديليءَ جي واٽ جا پانڌيئڙا بڻبو ته ان وقت اطمينان جي انهيءَ عظيم حاصلات کي اوهان به حاصل ڪري وٺندو جيڪا انقلاب فرانس جي ڪاميابيءَ کي اکين سان ڏسي ڪانٽ کي حاصل ٿي هئي ۽ هن انقلاب جي ڪاميابيءَ جي خبر ٻڌندي چيو هيو ته”منهنجا خلقڻهار! منهنجي اکين تنهنجي عطا ڪيل نجات جو منظر ڏسي ورتو آهي ۽ هاڻي پنهنجي هن بندي کي سرخروئي سان پنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو عطا ڪر!“
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم ميمڻ صاحب ۔۔۔ جيئن ته هن وقت سنڌ ٽي ويءَ تي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ منقعد ڪيل مشاعرو هلي رهيو آهي آءُ ڏسان ويٺو ۔۔۔ جنهنجو مقصد سنڌ ۾ ٻٽي نظام جي مخالفت ڪرڻ ۽ ان خلاف فڪري ڄاڻ پئدا ڪرڻ آهي ۔۔۔ آءُ سلام پيش ڪريان ٿو سنڌ جي اديبن کي جيڪي هميشه ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سنڌيت کي جاڳائڻ جا جتن ڪندا رهيا آهن ۔۔۔ پر جيئن ته غلام قومن جا شاعر به غلام هوندا آهن انڪري سندن آواز ايترو اثرائتو ناهي رهندو ۔۔۔ يا وري سندن تعداد ٿورو هوندو آهي ۽ قومي غلاميءَ سبب کين موٽ به نه ملندي آهي ۔۔۔۔ ان سبب گهربل نتيجا ترت ناهن نڪرندا ۔۔۔۔ ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارين ۔۔۔

    اوهانجو مٿي موڪليل ليک سوچ ۽ ويچار ڪرڻ وارن لاءِ وڏي وٿ آهي ۔۔۔۔

    واڌايون جو هي ليک حب الوطني جي جذبي سان سرشار آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جي موجودهه حالتن جي تمام پيرائتي منظر ڪشي ڪيل آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان مون پورو ناهي پڙهيو پر جيترو به پڙهيو آهي تمام سٺو فڪر آهي ۔۔۔

    لک قرب ان سهڻي ونڊ جا ۔۔۔۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين اوهان جو ڪالم بهترين ڪاوش آهي ۽ حقيقت تي مبني آهي،سنڌ۾ انيڪ لاپرواهين جو مظاهرو ٿيو آهي هر طرح سان تباهي جو سامان گڏ ڪيو ويو ۽ پنهجي عياشين کي اوليت ڏيندي هر ڪنهن سک جا پهلو ڳولي لڌا ،جتي جنهن کي جنهن جي ضرورت پئي اتي اها انهن حاصل ڪئي،سامراجين جي چال سنڌ مان اجتمائي قوت کي ختم ڪرڻو هو ان ڪري انفرادي طور هر ڪنهن کي الڳ الڳ مقام ۽ منسب ڏنا ويا،جنهن به آواز بلند ڪيو ان کي پهرين تڪليفون پوء آسائشون عطا ڪيون ويون ،تڪليفن جي وقت ۾ قومي يڪجهتي جو ڪو مظاهرو ڪو نه ڪيو ويو ۽ مالڪي نه ٿيندي ڏسي هرڪنهن انفرادي فائده وٺڻ شروع ڪيا ،هميشه جدوجهد ڪندڙن کي اصل حقيقت کان موڙيو ويو جنهن جي ڪري عام ماڻهو تائين ان رهبر جي اصل صورت واضع نه ٿي سگهي ،سنڌ جي ماڻهن جي سادگي ،ايمانداري ۽ امن پسندي جو پورو فائدو وٺندي پاڪستان جي هلائڻ وارن سنڌين کي پنهجي لاء نقصانقار سمجهندي انهن کي الجهائڻ لاء پورو زور لاتو،جنهن ۾ هنن پنهجي اختيارن کي استعمال ڪيو ۽ سنڌ جا اختيار پانهجي پگهاردار پالتو سنڌي ماڻهن کي ڏنا ويا ۽ اسان انهن کي پنهجو سمجهي ڦرجندا رهياسين ،جنهن جو مثال اٍڄ جي حڪومت مان لڳائي سگهو ٿا
    اسان ماڻهن انهن تي اعتبار ڪري انهن کي مان ڏنو ۽ ان جاء تي پهچي انهن ماڻهن پنهجا ذاتي فائده حاصل ڪرڻ شروع ڪيا جنهن جو اصل سبب دين ڌرم کان پري هجڻ هيو ،ڇو جو انهن منسبن تي انهن کي جيڪو ڪجه عطا ڪيو ويو اهو عام زندگي ۾ هنن لاء ممڪن ڪو نه هو،
    اهيو عطا ڪرڻ وارو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو هر طبقي هر کاتي ۾ اهي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا جيڪي انهن ڌارين جي استعمال جي لائق هيا،
    لائق ماڻهن کي پوئتي ڌڪيو ويو ۽ نالائق اڳيان اڳيان رهيا،
    سنڌ ۾ پرو چانڊيو هڪ ڌاڙيل طور مشهور هيو پر جڏهن اهو مري ويو ته ان جي جنازي تي 80 هزار اجرڪون پيون جيڪي وقت جي حاڪم تي به ڪڏهن ڪو نه پيون ،هڪ ڌاڙيل سان ماڻهن جي حب ڇو هئي ؟؟
    جڏهن هڪ ماڻهو ايتري سرسي رکي سگهي ٿو ته هيترا سارا وزير ٿي گزريا آهن اهي سنڌ جي ماڻهن کي ياد به ڪو نهن ڇو؟؟؟؟؟
    عملي طرح ڪڏهن به ٻاجهه جو ڪم سنڌ جي نمائيندن ڪو نه ڪيو،سنڌ جي ماڻهن تي شفقت جو هٿ ڪو نه رکيو بس ووٽ وٺڻ مهل انهن کي تعزيتون ياد اينديون آهن ۽ سنڌين جي سٻاجهڙي طبيعت ما فائدو وٺندي اگر گهڻو ڪو رنج هوندو ته ان جي پير مرشد کي گاڏي ۾ چاڙهي اچي مٿان بيهاريندا هاڻي اسان توهم پرست سيد ذات تي ساه ڏيڻ وارا،الله جي پيارن سان بيحد محبت ڪندڙ ۽ الله تي يقين رکندڙ ڪوڙ ڪيني فريب اٽڪل کان پري رهندڙ قوم وهم گمان ۾ به ڪو نه ته اسان سان ڇاٿي رهيو آهي يا اسان ڇا ڪري رهيا آهيونسائين کي ڪيئن موٽايون،موکي ياد آهي اڪثر ڪاوڙيل ماڻهن کي اليڪشن جي ڏينهن ۾ اهي لالچي بگهڙ ڪنهن ناراض شخص کي پرچائڻ لاء در تي هلي ايندو ۽ اچي هيٺ ويهي رهندو بابا مان تڏي تي هلي آيو آهيان ۽ اهيا ڳاله هن قوم کان برداشت ڪو نه ٿيندي آهي ان جو فائدو وٺندي اهي وري ان کي پنهجي چالاڪي يا حرفت سمجهندي پنهجو ڪم ڪڍيو ويندا هئا،
    مطلن چوڻ جو ته پنهجن ئي اسان جي قوم کي نابود ڪيو آ،انهن اسان جي قومي ثقافت ايتقاد،يقين۔کي ڌڪ رسايو آهي پنهجون چالون هلائي هن قوم کي پوئتي ڌڪيو آهي ،
    ليڪن هن وقت انهن جا سڀ عمل ظاهر ٿي چڪا آهن،پنهجي انڌ جي نظر هنن کان اهو به وساري ڇڏيو آهي ته انهن کي قبر لاء به جڳه کپي ،پورڻ لاء به ماڻهو کپن،قبر کوٽڻ لاء به ماڻهو کپن اهي ماڻهو جن سان جن جي اولاد سان هنن ويساه گهاتيون ڪيون آهن،
    اهي ماڻهو جيڪي پنهجي اولاد سان بيحد پيار ڪندڙ آهن،جڏهن پنهجي اولاد کي بي يارومددگار ڏسندا ته اهي هاڻي ڪو نه مڙندا ۽ اوچتو اهڙو ممڻ مچائيندا جو انهن غدارن کي خبر پئجي ويندي،
    اهي اديب شاعر هاڻي پنهجي قوم جو آواز بنجڻ لاء تيار آهن ڇو جو هاڻي قوم انهن کي موٽ ڏيندي نظر اچي ٿي،
    ياد ڪيو سرمد جي گيتن کي جڏهن سنڌ ۾ گونجندا هيا ته ڪيڏو جوش هوندو هو جوڌن ۾ ليڪن فقط چند آواز هئا،جن کي پاڪستان جي تعصب پرست اعلي عهديدارن يا ته جيلن ۾ ازيتون ڏنيون يا خريد ڪري ڇڏيو،يا شهيد ڪري ڇڏيو،
    تاريخ جي هن دور ۾ سڀ سوال ظاهر ٿي پيا آهن،انهن جو ثبوت بشير خان جڏهن سنڌ کي سڏ ڏنو ۽ هلي ويو دنيا ڏٺو ته سنڌ اٿلي پئي،۽سامراج قوتن ان کي پنهجي راه جي رڪاوٽ سمجهندي ڊپ ۾ پنهجو رستو صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ڪربلا ۾ يزيد جي صلاحڪارن مولا حسين عليه سلام کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ،بظاهر هو ڪري ته ويا پر سڄي عمر پنهجي ناڪامين کي تاريّخ ۾ لکرائي ويا،
    هنن کان به اهڙي حرڪت سرزد ٿي آهي،جنهن جو نتيجو ائين ئي ّظاهر ٿيندو،وقت جي وهڪري سان گڏ،
    اوهان جا سوال اوهان جو شڪوه شڪايتون 100 سيڪڙو صحيح آهن پر انهن ۾ به منزل جي جهلڪ نظر اچي ٿي،اهي به اهي سوال آهن جيڪي هر ماڻهو جي ذهن ۾ گردش ڪن ٿا جيڪي درد رکن ٿا سواء لالچي ۽ سڻڀي ٻوڙ کائڻ وارن جي ،
    اهيو آواز هر طبقي ۾ اسان کي پهچائڻو آهي انهن جي دل جي پڪار ٻڌڻي آهي جنهن کي ناهي خبر ان کي ڏيڻي آهي ،
    اسان کي بيگناه بيهٿيار سنڌي نوجوانن جي خون جو حساب به وٺڻو آهي جيڪا روايت هنن پاڻ وڌي آهي ڪشمور کان سيوهڻ تائين اها بدلي جي باه پکڙيل آهي جيڪا هنن ذاتين ۾ ورهائي لڳائي آهي ،جڏهن اهي ذاتيون قوم ۾ واپس اچي وينديون ته رهيو سهيو سڄو حساب چڪتو ڪيو ويندو،
    جڏهن پانهجا 100 ماڻهو ماري به دل جي ڀڙاس پوري نه ٿي ٿئي ۽ ماٺ ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي ته سوچيو جڏهن قوم بدلو وٺندي ته ڇا ٿيندو،
    پر اڃان اسان قوم هاڻي ٿيڻ وينداسين جڏهن ڪشمور کان ڪافلا نڪرندا ڪراچي انهن جو دنگ ٿيندو، ڪراچي ۾ مزاهمت ٿيندي ته باه ڪشمور کان ٻرندي،۽ ان باه ۾ ڪو به بچي ڪو نه سگهندو نئين تاريخ مرتڪب ٿيندي،بس ڪرڻو رڳو اهيو آهي ته غدارن کي معافي ناهي ڏيڻي اگر اهيو ڪم شروع ٿيو ته يقين ڪيو هاڻي ڪو به اهڙو هٿڪنڊو ڪونهي جيڪو سامراج هلائن،
    ڪڏهن ڪڏهن سياڻو ڪانء ٻِٽَنگو ڦاسي پوندو آهي،
    دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي قومي غلامي کان نجات ۾ مدد فرمائي ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ جي قوت عطا فرمائي
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ادب ۽ شعور سان رغبت رکندڙ سڀني دوست کي عرض ته هي ڪالم دل و جان سان پڙهي سمجهي پنهنجا ڪامينٽس ضرور رڪارڊ ڪرائين ته ملي جُلي اٻوجهه سنڌين کي ڪو گس ملي ۽ اونداهين مان نڪري هو ٻين قوم وانگر اڳتي جي سوچين ۽ خواب و خيال جي زندگي مان ٻاهر نڪري اچن۔
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا توهان کي ان جو احساس آهي ڪا روڪ ٽوڪ جي پلاننگ به آهي يا دٻي ۾ ٺڪريون.
    سنڌي صدين کان واحد جهموريت پسند ۽ قرباني ڏيندڙ آهن جن آخر جنرل ضاءَ جي حامي نوازشريف کي به جهموريت ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو. حالانڪ اڃا به نوازشريف جي پارٽيءَ ۾ غير جهموريت جا ساٿاري به ويٺاآهن. پر جهموريت جا سخت دعويدار آهن ڏسجن پيا. جيڪي بُلند بانگ جهموريت لاءِ وڙهن پيا سنڌين ۾ صرف ذوالفقار علي ڀُٽو، نصرت ڀُٽو ۽ بي نظير شهيد اڳيان ايندا هُئا. باقي جهمورت جا پولڳ ضرو آهن پر ظاهر ٿي نه پيا ٿين. سنڌين کين غربت، مهنگائي ۽ مفلسيءَ ۾ وجهي هميشه لالچن ۾ گهيريو ويندو آهي پوءِ مذهبي توڙي فرقابندي ، پيري مُريدي ۽ ٻين گروپ بازين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ڪاهل، اوتارن ۾ وهاري سست، ڪم چور بڻائئبو آهي ۽ سنڌي غلام بڻجي ويندو آهي. پر اڪثريت سنڌي اڃا به عقل سان آهي جنهنڪري سنڌي پاڻ بچائيندو اچي ۽ اڳيان بچڻ ممڪن تڏنهن رهندو جي سنڌيءَ کي نئين وچجندڙ بيماريءَ ۽ علت مان بچائڻ جي ڪوشش ڪبي ۽جيڪا هڪ رٿيل سوچ آهي ته پهرئين سنڌي قوم کي مُفت موالي ۽ نشائي بڻائي ڪمزور ذهن ڪجي، پوءِ ان ڪمزور ذهن کان علم ۽ عقل، غيرت ، قوم پرستي ۽ جذبو کسجي ۽ کيس بغير پڙهڻ جي ڪاپي ڪلچر ۾ آڻجي آڱوٺو ڇاپ اي گريڊ ڊگري ڏيارجي جي اُتان به بچي ٿو ته پوءِ علم کي ئي مهنگو ڪري کيس جاهل بڻائي رکڻ جو طريقو استعمال ڪجي پيو، جي اتان به بچي ٿو نڪري ته کيس سفارشي ڪلچر ۾ گهيري اپاهج ڪرڻ جي پلاننگ آهي. پوءِ اهو ڪمزور ذهن، بي عقل غلام ذهن، موالي ۽ نشائي سنڌي ڪن قوتن جي فائدي لاءِ ڪم ۾ قطب ايندا رشورت وٺي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ۽ زمينن جا ڪاغذ ٺاهيندا ۽ ان مذهبي ليڪيج ڪري بلڊر مافيا ۽ ٻيون قومون سنڌيءَ جي فطرت ۾ داخل ٿينديون ۽ کيس اندران ئي نشي ۾ سمهاري کوکلو ڪري ڇڏينديون. اچو ته هڪ عمل ڪريون اُهو آهي صرف ۽ صرف نشائي ۽ موالي سماج جي روڪ. جنهن ۾ هاڻ جاهل ته ٺهيو هڪ پڙهيل لکيل سکيو ستابو، اديبب ،شاعر، ليکڪ، اينڪر، پروگرام مئنيجر، ڏاهو، فلاسافر، اين جي او، سماجي تنظيمن جي واڳ کڻي هلندڙ، ڪارڪن مطلب ته گهڻي ڀاڱي هرڪو ان بيماريءَ ۾ وچڙجي چُڪو آهي ته پهرئين سنڌين کي موالي ۽ نشائي ٿيڻ کان بچايون. انهن کي بچايون ته سنڌ به غلام پئدا ڪرڻ کان بچي سگهي. ڇو جو نشو کين سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کسائي ڇڏيندو ۽ سنڌ مذهبي فرقابندي ءَ ۾ استعمال ٿيندي ۽ پوءِ هرڪو هڪ ٻئي اڳيان تلوار کنيو بيٺو هوندو. ۽ سنڌ غيرن جي تسلط ۾ اچي ويندي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    سنڌين کي 1947 کان مُسلسل اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن ۾ گهر جي مانهن جو گهڻو هٿ هو جن سنڌ ۾ ڌارين جي آمد کي پاڻ ويل ڪم ڪيو هو ۽ اعليٰ اختيار وارن کان حصيدار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڪن کي ملي ته ڪن کي نه. جيڪوگهڻو سياڻو هو سو ڦٻي ويو ۽ جيڪو نه ڦٻي سڳيو سو هاڻ اجايون دانهون ۽ واويلا پيو ڪري. سنڌ جي ڪنهن وڏيري، ڀوتار، ڪانڀو خان، پير، مير، جاگيردار، شاهه رئيس جي مدد کان سواءِ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو عمل بلڪل ناممڪن هو. جن صرف پنهنجي ذاتي بقاءَ لاءِ اختيارين سان ملي سازشون ڪيون ۽ ڪري به رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ مُسلسل اندروني پاڪستان ۽ دُنيا مان لاڏ پئي ٿئي جنهن ڪري هاڻ سنڌي مُڪمل اقليت ۾ اچي چُڪو اهي. ان لاڌ جو ذميوار نه صرف سنڌي ڪامورو يا وڏيرو آهي جيڪو اختياري وارن سان لاڳاپا ڪري پاڻ نمائي حاصل ڪري ٿو پر ان کان وڌ ته وڏو ظالم ۽ ذميوار ته خود اهو غريب ، مُفلس، ڪم چور، سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر جو بينيفشري سنڌي پاڻ آهي ، جيڪو ذهني علم کان اپاهج ٿي پو اهو غريب يا وچولو وائيٽ ڪالر سنڌي خود پاڻ ڇو نه آهي، جن پاڻ کي سڀ ڄاڻي ٻُجهي انهن طبقن جي غلاميءَ ۾ قيد ڪري رکيو آهي ۽ آشيروادن سان اڳتي وڌي آيو آهي۽ انهن جي پرورش لاءِ ئي استعمال ٿئي پيو ۽ ٻيون انهن طبقن جي غلاميءَ جي چنبي هيٺ رهندڙ سنڌ جون اهي سماجي، سياسي يا قوم پرست تنظيمون هڪ ٿي ٻڌي ڪرڻ بجاءِ هڪ منشور ۽ سنڌيت جو مقصد رکڻ ۽ هُئڻ جي باوجود ڇڙ وڇڙ ٿيل آهي ۽ طبقن ۾ ورهايل سنڌ جي بقاءَ لاءِ گڏ به صرف ڏينهن ملهائڻ تي ٿين ٿيون. هن وقت ڳالهين، نعرن، احتجاجن ۽ جُلوسن کان وڌ يڪتا، ايڪو ۽ عملي قدم جي ضرورت آهي ۽ عملي قدم تڏنهن کڻي سگهبو آهي جڏنهن ڪو پنجاب وانگُر پاورفُل اسٽيٽس هوندو جنهنجي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي يا جيوڊيشري ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا ۾ آهي يا هو ڪا حيثيت وٺي اسيمبلين ۾ اچي. جي هڪ نقاطي سوچ رکي قانوني مُنهن ڏبو ۽ سنڌ جي اشوز ۽ اقليت ڪرڻ جي سازشن ۾ رڪاوٽ بڻبي ۽ اهو ڇڙ وڇڙ ٿي رهبو ته سنڌ بچا ممڪن ئي ناهي جو سنڌ جو ووٽ تقسيم ٿيندو ۽ سنڌي ماڻهن جي بيڪ هُئڻ جي باوجود اسيمبليءَ جي سيٽ به حاصل نه ڪري سگهبي. جي عقل وارا پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ذاتي ۽ خودنمائيءَ جا ڦڏا ڇڏي جيسين ايمرجنسي طور فلحال پنهنجون تنظيمون ختم ڪري هڪ واحد ۽ هر وقت اسيمبلين ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ واري سياسي پارٽيءَ ۾ مرج ٿي اسيمبلين جو حصو نه بڻبا سنڌ جا مسئلا جنهن لا روئون پيا هرگز حل ڪونه ٿيندا. جيستائن سنڌ جي بقاءَ جون هڪ نقاطي منشورن تحت پاليسيون ڪونه ٺهنديون کڙ ڪونه نڪرندو. هن وقت سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ فلحال پاڻ مارڻو اهي ۽ سڀ ڪُجهه پوئتي ڇڏي اسيمبلين تائين ۽ اقتدار ۾ ڪنهن به صورت ۾ رسائي حاصل ڪرڻي اهي ۽ اُتي يڪ زبان ٿي قانون سازي ڪرڻي آهي ۽ ملي عملي قدم کڻڻا آهن ان لا پوءَ اقتدار واري ڪنهن پارٽي ۾ ڀلي ڪنهنجو به سياسي ڪنڌ ملي. جي عقل آهي ۽ سنڌ جي بقاءَ جو هَيقي درد آهي ته سنڌ اها قرباني ضرور گهُرندي. ان طرف سوچيو ڇو جو دُنيا ۽ دين به عقل وارن لاءِ آهي. (اوهانج فيصلو ۽ سمجهه ڪامينٽس ۾ ڏئي قوم جي رهنمائي ڪريو ۽ سنڌ بچايو)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    بهتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــرين فڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    سنڌي ڊرامان توهانجي معاشري، سوچ ۽ سماج جو مُڪمل آئنو آهن. اي سنڌ جا ڊرامان ليکڪو! اديبئو! شاعرئو! جيئن ته هن سنڌي سماج جي تباهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي رائيٽرس جو ئي حصو آهي ۽ جن پنهنجي لکت کي سماج سُڌار لکتن بجاءِ سماج تباهه لکتن سان مُڪمل ڊانا ڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو گس به نٿو ملي. گهربو اهو هو ته اسان سٺن نقطن ۽ پاسن کي کڻي هلون آ ۽ انهن ئي ڪريڪٽرن کي نروار ڪري پنهنجي هيءَ تباهه و برباد ٿيل سنڌي سوسائٽي بچايون ها، اسان جاهل، توهم پرست بي علمو ماحول پيش ڪيو ۽ خراب ڪريڪٽرن ۽ ناسورن کي پنهنجو هيرو ڪري پيش ڪيو ۽ جيڪي به سماجي بُرايون هُيون ،خراب عادتن ۽ ماحول کي اڳيان آندو ۽ ان جو اثر وٺي ۽ ان جي ڪاپي ڪري اسانجي اڄ جي جنريشن انهن بدڪرادرن ۽ انوائرنمينٽ جو اثر وٺي پاڻ کي ان ماحول ۾ مڪمل زم ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري اڄ جي سموري سنڌ ۽ ان غلط ماحول. جنهن ۾ چوري، ڪارو ڪاري، ونگار، ڌاڙيل گيري، مُنشي گيري، ڪمداري، رُشوت، جهالت، نا انصافي، ظلم، جبر، ڏاٺ مُڙسي ۽ زور زبردستيءَ کي بهترين ڄاڻي اپنايو ۽ صحيح علم کان پري پري رهي. جن علم حاصل ڪيو اُنهن به زبردستي ۽ ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر اپنائي ڪيو ۽ اهي بهتريون ڇڏي بُراين جي فروغ لاءِ اڳتي وڌيا ۽ هاڻ جيئن ته اسان سڀئي ڊرامان ليکڪ، اديب، شاعر ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي معاشري جي تباهيءَ جا مڪمل ذميوار آهيون ان ڪري اسان تي لازم آهي ته پاڻ چينج ڪريون ۽ پازيٽو سوچ کڻي اڳتي وڌون ۽ جهل ۽ بُراين وارا ڪريڪٽر، اسٽوريز، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇڏي بهترين لکتن کي فروغ ڪري سنڌي معاشري کي تباهيءَ ۽ جهالت جي انتها تائين پُهچڻ کان بچايون. ته اچو ته ٻيا بهترين مضمون کڻي اُنهن کي ڊراماٽائيز ڪريون ڇو جو اڄ جي ميڊيا دئور ۾ اڄ جي جنريشن هاڻ ٽي وي ڏسي پنهنجو معاشرو ٺاهي ٿي ۽ جيڪو انهن کي ڏيکاريو يا پڙهايو ويندو اُهو ئي گس وٺندا ته هاڻ قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي خراب لکت تي کُلي معافي وٺي نه صرف معاشرو بچائڻ لاءِ قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌون پر ٻولي به بچايون. ڇو جو اڻ پڙهيل يا معمولي پڙهيل رائيٽر، اديب، شاعر شوق پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي خراب لکتن سان ئي معاشري جي تباهي جو ڪارڻ بڻيا آهن. مثال سمجهائڻ لاِءِ اسان به پهل ڪريون ٿا ۽ توهان به. اچو ته پنهنجون پئدا ڪيل خرابيون پاڻ دور ڪريون ۽ ۽ ٻوليءَ ، تهذيب، ماحول ۽ ثقافت جي حفاظت ڪريون ۽ هڪ پڙهيل لکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر لڳائي لکت تي ايمرجنسي سينسر هڻي بهترين لکتون پاس ڪريون ۽ سنڌ، سنڌي معاشرو، سماج، تهذيب، ٻولي، تمدن،بچايون .! سنڌ بچايون ! پنهنجو ضمير بچايون! پنهنجو نسل بچايون!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهجيُن خامين کي سمجهي اُن جو تدارڪ ڪريو ن ته سنڌ جا سڀ مسئلا حل ٿيڻ جوڳا آهي. سنڌ تي مُڪمل ڪنٽرول ڪندڙ 5 سيڪڙو جاهل وڏيرو طبقو ۽ اُنهن جي غلاميءَ ۾ اڳتي وڌندڙ اُنهن جو 50 سيڪڙو آواره چيلا ئي حقيقت ۾ سنڌ لاءِ ئي مُصيبتن جو ڪارڻ بڻيل آهن. زهر کان بچڻ لاءَ زهر جي وُجود ۽ حاصليت کي ضايع ڪرڻ عقلمندي ڪانهين. عقلمندي اها آهي ته اُن جو ترياق ڳولجي ڇو جو اهو ساڳيو زهر ٻيون ڪيتريون زندگيون بچائڻ لاِ به ڪم ۾ آڻبو اهي. اسان کي پنهنجي وُجود کي تسليم ڪرائڻ لاِ ءِ پاڻ ۾ انقلاب آڻي اُهي ڪارڻ ڳولڻا آهن ته ڪيئن سنڌي پنهنجي سنڌي ٽيلنٽ جي ليڊنگ سان اڳتي وڌي سنڌ جو نالو رُوشن ڪري . جيڪو سنڌي ٻئي ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌيءَ جي ترقي ۽ اُٿ ڏسي سڙي ۽ پچرجي اُن جي رستي ۾ رُڪاوٽون ٿو وجهي ۽ جيڪو راشي ڪامورو يا وڏيرو اهڙن آواره گرد نشائي ،چيلن ۽ غلامن کان روڪائي ٿو ۽ ان ٽينٽ سان سڙي ٿو ۽ رُڪاوٽون ٿو وجهي اهو ڪنهن به قوم ۾ اتري قدر ناهي ۽ هر غير سنڌي قوم پنهنجي ٽيلنٽ کي اڳتي ڪري اُپنهنجي ٽيلنٽ جي رهبريءَ ۾ قدم وڌائي ٿي ۽ ترقي ڪري ٿي جڏنهن ته اسانجي انهن نشائي ۽ ٺرڪ جي عادتن عادتن ، اڻ ٻڌيءَ ۽ نا اتفاقيءَ ڪاڻ ئي ڪاڻ اُڙدو ميڊيا جا پنجابي اينڪر به اسان سان نفرت جو اظهار ڪن ٿا ڇو جو اهو سچ آهي ته جيڪي سنڌي وڏيرا شاهي ۽ ڪامورا شاهيءَ جي ڪري سامهون آندا وڃن ٿا اُهي واقعي ٽيلنٽيڊ به ناهن ۽ ٻٽاڪي، ڇوڙو، ڊاڙي ،بيشڪ ڪلف جا ڪپڙا ۽ هٿ ۾ سگريٽ جو سوٽو، هوٽلن تي ويهي ٽهڪڙا هڻي هڪ ٻئي تي غير اخلاق ۽ معيوب چٿرون ڪري داد وٺندڙ ، جن جون وري شامون ۽ راتيون ٺري ۽ شباب جي محفلن جنهن جا متوالا آهن. ته اهو ڌاريون ڪلچر ڪهڙي مُلڪمان اسان وٽ پُهتو. جڏنهن ته غريب ۽ ٽيلنٽيد ، محنت ڪش سنڌي ته نوڪريون داخلائون ڳولڻ ۾ ۾ پورو آهي ۽ اُگهاڙي آسمان هيٺان بُک ۾ راتيون پيو گُذاري. پوءِ ڀلا اُڙدو ميڊيا وارا اسانجي ڪلف ڪپڙن، پجارن ۽ سگريٽ ۽ نشن جي سوٽن ۾ غرق سنڌيءَ کي ويليو ڪيئن ڏين ۽ اهڙن سامهون نروار ٿيندڙ ن کي ئي سنڌ جي اصليت سمجهن ٿا ۽ جيڪي انهن آڱوٺي ڇاپ جاهل وڏيرن ۽ اُنهن جي پُڇ ۾ لٽڪي هلندڙ غلامن جي ڪري پوري سنڌي قوم کي جاهل سمجهي هلن ٿا.مُهنجي سمجهه ۾ آهي ته ڌارئين سان وڙهڻ بجاءِ شروعات پاڻ کان ڪرڻ گهُرجي ڇو جو هاڻ سنڌي قوم جي رت ۾ اها بيماري 90 سيڪڙو گهر ڪري ويهي آهي ۽ ان جو تدارڪ نه ڪبو ته سنڌ ۾ اچڻ لاِ اسانکي ئي ويزا وٺڻي پوندي. و اڄ جو وڏيرو۽ اُن جو غلام ڇاڙتو نانگ وانگر پنهنجا ٻچا (سنڌي ٽيلنٽ ۽ ميرٽ وارا) پاڻ کائيندو آهي ۽ ٻئي کي ڏوهاري ڪرڻ بجاءِ پهرئين پاڻ ۾ تبديلي آڻجي. ته اسان پهرين وچن ڪريون ته اسان پنهنجي ڪنهن سنڌيءَ جي ٽيلنٽ کي اڳيان وڌي اچڻ کان نه روڪينداسون، حسد ۽ تعصب جي باه کي سنڌي ٽيلينٽيڊ ۽ ميرٽ ڀاءُ لاءِ حرام تصور ڪنداسون. اسان وڏيرن ۽ راشي ڪامورن ۽ انهن جي پُڇ ۾ لٽڪي هلندڙ نشاين جي مدد سان خود غرضي ڪري ميرٽ کي اگنور ڪري ڪا به ڪنهن اداري ۾ نوڪري، خاص طرح سان جيڪو اسانجو پروفيشن ۽ ڪرت ئي نه هُجي ،ڪنهن وڏي اسڪول ، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ يا ادراي ۾ ڪورين ڊگرين سان ۽ سرٽيفڪيٽن سان ٻين علائقن جا ڪوڙا ڊوميسائل حاصل ڪري داخلا ۽ نوڪري حاصل ڪري بجاءِ پنهنجي علائقي جي سنڌي ميرٽ واري لاءِ حاصل ڪري اُن جو احتصال نه ڪنداسون. اسان وڏيرن جي رٿيل سازش تحت ته هو اسانجا جهڙن غلامنڪري جنهنکي مُفت جا نشا حاصل ڪري جيئڻ جي عادت پئجي وئي آهي جنهن ۾ نوجوان سنڌي نسل اڃا گهڻو غرق پيو ٿئي جهڙوڪ ڀنگ، سُلفي ۽ ٺرن جي عادت ڇڏينداسون جيڪا وڏيرن ۽ ڪامورن اسان کي پياري نشن ۾ غرق ڪري پنهنجو ذاتي غلام ڪري سُست ۽ ڪاهل ڪرڻ لاءِ رکي رکي آهي. اسان ڪاپي ڪلچر ڇڏي صحيح علم حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڏنداسون. اسان منسٽرن جي غلامِ ۾ اچي نوڪرين جي ڪوٽا علائقي جي غريب بجاءِ يا وڏيري ۽ سندن اولاد ۽ مٽ مائٽن لاءِ هوندي آهي يا اسان جهڙا ڇڏيل چيلا اُنهن کي وڪڻائي هڪ نوڪري پاڻ يا پنهنجي اولاد لاءِ جي آڌار تي وٺي ڪنهن اداري تي قابض نه ٿينداسون جنهن لاِ اڃا به گهڻي ٽيلنٽ جي ضرورت هوندي آهي لاِ احتجاج ڪنداسون. ۽ ٽيلينٽيد سنڌي ٿي اُڀرنداسون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 جولائي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو