منهنجو تعارف 1299 اٽيچمينٽ ڏسو 1299 اٽيچمينٽ ڏسو ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’ نيٽي جيٽي پل جي سانڀارو شهر جي ڏسا ڏانهن نيڻ نهار تائين کاري در جو لقاءُ ڏسڻ ۾ ايندو، آئون به کاري در جي باغ زهرا اسٽريٽ جي آخري ڇيڙي وٽ آڳاٽي زماني جي هڪ جهوني جاءِ ۾ رهان ٿو پنهنجي پريوار سان. پروفيشنل جرنلسٽ آهيان، مختلف اخبارن ۽ نجي ٽي وي چئنلز تي ڪم ڪري چڪو آهيان. هن وقت ”عوامي آواز “ ۾ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪريان پيو .سنڌي ادبي سنگت سان ماضي ۾ جنون جي درجي جو چاهه هو پوءِ واءُ اهڙو گهليو جو سنگت ڪڻو ڪڻو ٿي وئي. ڪهاڻيون لکيون پر تجريدي اسٽائل ۾، نيوز فارم اسٽائيل ۾ ڪهاڻي لکڻ جو پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مون تجربو ڪيو تيرنهن ڪهاڻيڪارن جي گڏيل ڪتابي ڳٽڪي ۾ منهنجون به چار کان پنج ڪهاڻيون شامل آهن، ان ڪتاب جو نالو ”کيرٿر تي صبح“ آهي جيڪو ڪجهه سال اڳ ڪنول پبليڪيشن پڌرو ڪيو .سمونڊ سان پراڻي ياري آهي، جهمپير جي شام، هن جا نيڻ ۽ پنهنجي ماءُ جو اداس چهرو مون کي روئارڻ لاءِ ڪافي آهن لاڙ جي لڄاريءَ سان لنئون لڳڻ بعد ان سان لانئون لهي جيون جوتيءُ جو ساٿ نڀائڻ جو سنهن ڪيو ڏهاڪو سال اڳ، منهنجي زندگي ۾ ٽي بهارون هميشه رهنديون، اهي منهنجا ٽي ٻار آهن، جيڪي سنڌ جي سوراج جو سپنو ضرور ساڀيا ڪندا. منهنجو شهر، ڌرتي، منهنجي سڃاڻپ مون کان کسجي چڪا آهن پاڻ کي ڪڏهن به فريب ۾ ناهي رکيو خبر آهي ته مان به دراوڙن جي ديس جو آدي واسي هئڻ باوجود ڌرتي ڌڪاڻو آهيان. اڄ ڏينهن تائين پاڻ وڻائڻ پاڻ پڏائڻ جو جنون ناهي جاڳيو. گمنام رهڻ يا گوشانشيني مون کي ناهي ايندي، مصلحت جي چادر تاڻي سمهي به نه ٿو سگهان، سنڌ جي ان لڙهندڙ نسل مان آهيان، جنهن کان سڀ ڪجهه کسجي چڪو آهي. معصوم سنڌي/لياري
سائين اهو پيڙآءُ هر سنڌي کي محسوس ٿئي ٿو اوهان قوم جي ترجماني ڪئي آهي ۔اهو به يقين آهي ته جتي پيڙاُءُ هجي اتي حق واپس ورڻو آهي ۔ انشاءِ الله هن فورم تي همت وڌائيندڙ موضوع اوهان جي قلم زريعي اسان تائين پهچندا ۔ائين اها لاٽ هڪ ڏينهن روشن ٿي ظلمتن جي انڌيري جو انت آڻيندي۔ وسلام
ڏاڏل! ڏاهو ٿي، پروفن تي ڌيان ڌر، اڳ به ٻڌايو هوم ته پروف ئي مواد جو حسن ٿين ٿا، منهنجي اڌمي جي اڇل کي پنهنجو درد سمجهڻ تي بس پيار ئي آڇي سگهان ٿو۔قرب تنهنجا را ڏنئي۔
معصوم سائين اوهان جو تعارف پڙهيو، اوهان جو لکڻ جو انداز پڙهي اوهان جي تعارف کي ٻيهر پڙهيم ۔۔۔۔ اوهان سنڌ جو درد سمجهو ٿا، سنڌي ماڻهن جو پيڙاء محسوس ڪيو ٿا ۽ يقينن ان درد ۽ پيڙاء ۾ اوهان به پيڙبا هوندا، بلڪل ايئن جيئن سنڌ جا سڄڻ اهو درد سمجهي ، درد پرائن ٿا۔ اوهان لاء دعائون آهن ته اوهان جو قلم اوهان جو ساٿاري بڻجي سنڌ جي ان درد کي وائکو ڪندي، ڪردارن جي پت وائکي ڪري ۔۔۔ شال سدا سُکيا هجو۔
پيارا معصوم اوهان جي لکڻ جي انداز واقعي صفا موهي وِڌو۔ هن فورم تي اهڙي تعارف لکڻ کان پوءِ اوهان کي پڙهڻ جو اتساهه وڌي ويو آهي۔ اوهان پنهنجي جِن لکڻين ۽ ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي اُهي هتي ونڊ ڪريو ته واهه واهه۔ ٿي سگهي ته ڪتاب کيرٿر تي صبح کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي زينت بڻايو۔
ڌراوڙ جي پويتر مِٽِي جي پنوڙي معصوم جي تعارف ونڊڻ جو انداز دل سميت من کي به موهي ڇڏيو، اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جا ڀاڳ جاڳي پيا جو معصوم سنڌي جهڙو ارڏو ساٿي اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيو آهي، سنڌ سموري هيرن جي کاڻ آهي ۽ سنڌ جو هرهڪ سنڌي هيرو آهي لعل آهي، ”ناز” سنڌ جا سپوت سارا حَسِينڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشااللهمان دل جي گهرائين سان معصوم سنڌي کي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀرڻ تي آجيان ڪندي کيس ڀليڪار چوان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته معصوم سنڌي پنهنجي ليکن ذريعي، پنهنجي ڏات کي ڏهوڻو بڻائي ، سنڌ جيجل جي سينڌ کي سدائين سائو رکندو ۔ شال سدائين سلامت هُجين منهنجا ڀا
ادا معصوم، مسڪين، بيوس، بيڪس، مون کي شروع کان اهڙا تخلص نه وڻيا آهن ، ادا توهان جا ليک ته مان فيس بڪ تي به پڙهندي رهندي آهيان، پر مٿين ڳالھ هتي تعارف ۾ چوڻ مناسب سمجھيم ۽ سنڌسلامت تي اچڻ لاء ٿورا ۽ ڀليڪار۔
```````````````````````` سنڌي نور ! پرنام: مسڪين، بي وس، بيڪس، مظلوم ۽ معصوم تخلصن سان دل –جوئي نه هئڻ اوهان جي پنهنجي ڪيفيتن تي منحصر آهي. پر ! مان هڪ نه پوري سنڌيت معصوميت سان سرشار آهي اها ئي معصوميت اسان کي زماني جي ٻين سفاڪ ٽولن، نسلن ۽ گروهن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي جو ان ئي معصوميت جو فائدو وٺي پرماري ٽولو اسان جي حق حاڪميت اسان کان ڇني ويو، مڙني وسيلن تي راتاهو هڻي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو. لفظ ڪڏهن دل-جوئي ڏيندڙ ٿين ته ڪڏهن بندوقون بڻجي لڳن، ڪڏهن چرس آفيم بڻجي ماڻهو کي مورڇا ۾ آڻيو وجهن ته ڪڏهن ڏائڻ بڻجي ماس ماڻهن جو پٽيو وڃن. اهو سڀ ڪيفيتن تي ٻڌل آهي، اوهان پنهنجي اظهار جو اعتراف ڪيو اهو به ته ڪيفيتي پهلو آهي.
ادا معصوم سندي۔ توهانجي تعارف ڪرائڻ جو انداز ٻين سڀني نوان ميمبرن کان مختلف ۽ اوهان جي ذهن جي زرخيزي، پنهنجن لاء فڪر۽ لڳاء جو مڪمل اڀياس ظاهر ڪري ٿو۔ توهان جو تعلق ادب سان آهي۔ اديب پنهنجي اندر جا احساسات مختلف ڪهاڻين جي روپ ۾ هن دنيا جي ڪينئوس تي ظاهر ڪندا آهن ۔جن کي پڙهڻيندڙ هر ذي شعور انسان ان ليک ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو آهي۔توهان جو هن اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي اسان سڀ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔ توهان کي گذارش آهي ته ادا عبدالحفيظ جن جي ڳاله تي توجه ڏيندا ۽ پنهنجي خوبصورت ليک جيڪي کيرٿر تي صبح جي نالي سان ڇپرايا ويا آهن کي هن اڱڻ جي زينت بنائيندا۔ ادا هڪ ڳاله ٻڌائيندا ته توهانجي نالي جو پويون الفاظ سنڌي آهي يا سندي۔
مصطفيٰ! منهنجي تعارفي ملاقات واري ليک کي پسند ڪرڻ تي مهرباني. منهنجي نالي پويان سنڌي آهي جيڪو شايد فونٽ ۾ سندي ٿي ويو آهي، ان جي درستگي ڪرڻ ضروري ڀانيان ٿو، پاڻ به مون کي عجيب ۽ کل جوڳو لڳيم ٿو. ٻيو ته: مان اديب ناهيان بس رندا روڙيان ٿو، هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ منهنجي لکڻ جو جيڪو انداز آهي، اهو ورلي گهٽ ماڻهن وٽ هوندو، اهو انداز جيتوڻيڪ مون کي نه ورثي ۾ مليو آهي ۽ نه وري ٻئي ڪنهن وٽان اڌار طور.بس ججهو اڀياس ۽ ٻاٻاڻي ٻولي سان دلي لڳاءَ منهنجي لکڻ واري انداز بيان کي منوهر بڻائي ٿو. ”سنڌ سلامت “ جي اڱڻ تي منهنجو اچڻ ۽ ڪٽنب جو ڀاتي ڀانئڻ واري اوهان جي اها اڪيرتا وڻي جنهن ۾ نمرتا نظر آئي. بس اوهان مون کي پنهنجو سمجهيو، ان کان وڌيڪ مون کي ٻيو ڇا کپي.
ادا معصوم سنڌي ،توهانجون مهربانيون جواب ڏيڻ تي۔ اوهان کي هڪ نماڻو عرض آهي ته اسان غلام مصطفي آهيون ان ڪري توهانجون اسان تي مهربانيون ٿينديون جيڪڏهن توهان اسان کي غلام مصطفي جي سڄي نالي سان مخاطب ٿيندا ۔
معصوم سنڌي! منهنجو سهيوڳي ۽ منهنجو دلبر دوست اسان ٻنهي گڏجي رولاڪيون ڪيون آوارگي جي موسم ۾ اسان سمونڊ کي ڏوراپا ڏنا ۽ سمونڊ اسان کي سنيهه جي جلا بخشي، جا اڄ به منهنجي ۽ معصوم جي من ۾ موجود آهي۔ ڪياماڙي جي برج کان چوڌهين جي چنڊ جو لقا ڏسڻ سمي، هڪ لڱا معصوم مون کي ايئن لڳو: ڀان چانڊوڪي رات ۾ يروشلم جي ڀٽ تي محمود درويش پار ڪڍي روئيندو هجي۔ بدر منهاف کي ڏنل محبوبا جي آخري چمي جو رنگ ڪنهن رچنا ۾ ڦولڻ لا، هن مون کي چيٽ جي چانڊوڪي ۾ ڊگها خط لکيا۔ آڌيگام واري ياترا ۾ هن جا پير جڏهن پٿون ٿي ويا هئا تڏهن هن چيو هو ”هڙڪ هلو ڌيما هلو۔“ سنڌي ادبي سنگت سان تهائين چاهه رکندڙ معصوم هاڻ سنگت کان بلڪل پاسائتو آهي، ان جو ڪارڻ هن جي صحافتي سرگرمي آهي۔ هن جي ڪهاڻي کي اڪهاڻي سان ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي، هي ماڻڪ جي ”لڙهندڙ نسل “ ناوليٽ جو ڪردار ۽ ملڪ آگاڻي جي ناول ”نيرولي جي ڪن“ وارو ”سريش“ ئي آهي۔ ڏند ڪٿا بڻجي ويل سنڌ جي شهرن تي لکڻ وارو هن جو انداز، مون کي رشڪ ڏياري ٿو ته آئون هن جهڙو ڇو نه ٿو لکي سگهان۔ منهنجي محبتن جو رازدار منهنجو دوست معصوم آهي، جنهن سان هاسٽل جي ڇت تي اڌ رات تائين، چنڊ کي تڪيندي ڏسڻ جي تمنا اڃا تائين رکان ٿو۔ هاسٽل جون راتيون ۽ ڪئمپس جا ڏينهڙا ياد ڪندي، معصوم منهنجي هردي ۾ لهيو اچي ٿو۔ ڪنهن زماني ۾ هو رولاڪ هو، ڪڏهن ڪراچي جي لياري مان اچانڪ الوپ ٿيو ويندو وڃي پو پتو پوندو ته يار! هنگلاج پهتل آهي۔ بنا ٻڌائڻ جي هو اسان جو اويلو مهمان هوندو هو، ڪڏهن سن ته ڪڏهن سمن سرڪار، ڪڏهن ڪشمور ته ڪڏهن ننگرپارڪر۔ عجيب ڪشمڪش ۾ ۽ سدائين کل مک هن کي ڏسي سمجهندو هئس ته شايد ڪو ڏند ڪٿا ڪردار آهي۔ پر قاسم آباد ۾ پنج سال گذارڻ بعد جڏهن هو واپس لياري هليو ويو، تڏهن مون تي دريافت ٿيو ته: هي ڇا آهي؟ هاڻ مان قمبر ۾ ۽ هي ڪراچي ۾۔ اسان سالن جا سال ملي ناهيون سگهندا پر روح جو رشتو اٽوٽ آهي اهو ته ٽٽڻو ئي ناهي۔
جيئن ته اوهان جي ڀليڪار ۾ سڀني دوستن جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو آءُ پنهنجي پاران اوهانکي ارپيان ٿو ۔۔۔ جيئن گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن جي ڳالهه سان سهمت ٿبو آهي ۔۔۔ جي آيا ۔۔ ڀلي آيا ۔۔۔ اکڙين تي آيا ۔۔۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جي اوطاق آهي جت ڏکن سورن جي ڳالهه ٿيندي آهي ۔۔۔ جيئن اوهان اندر جا سور سليا آهن، ۔۔۔۔ اسان سڀني جا سور ساڳيا آهن ۔۔۔ اوهان جيڪو سندي لکيو هو سو مون سنڌي ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ جيڪڏهن اوهانکي لاگ ان ٿيڻ ۾ تڪليف ناهي ته سمجهو منهنجو ڪم پورو ٿيو۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان۔ سنڌ سلامت جا دوست دوستين رکڻ جا پڪا ۽ پختا آهن ۔۔۔ اميد ته اوهان به ڀيرو نه ڀڃندا لک قرب ۔۔۔ سدا سلامت هجو۔
`````````````````` مسيح! مڃتا جي رڃ جو نه ڪي مان رابيل هان ۽ نه وري ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ويٺل ڪو ڪامورو.استاد بخاريءَ چواڻي:مان ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان“ساروپا سڀئي مون کي به ساريا پيا آهن، انهن ساروڻين کي ڪنهن سمرڻي جي داڻن جيان، مالها ۾ پوئڻ جو جنون جاڳ ۾ آهي، ان ڪري ئي هڙئي رولاڪيون ختم ڪري ڪنڊائتو ٿيو هان.جوانيءَ جي انهن ساعتن جو سنهن!هڪ هڪ سمو اڄ به ياد آهيم، جهمپير جون ڊونڊيون کجيون، پير هوندل شاهه جي آخري آرام گاهه ۽ نوري جي نمرتا، پير پٺي جي ڳاڙهي مٽي، شاهه بندر جي شام، کاري-ڇاڻ ۾ توسان جاڳي گذاريل رات.سڀئي منهنجي سار ۾ اڄ به آهن..پري ته پاڻ آهيون ئي نه! روز صبح شام فون تي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ ،ساري دوري ۽ وڇوٽي وهلور ڪرڻ لاءِ ڪافي ته آهن.ٿر، لاڙ، ڪاڇو، ڪوهستان، ڪچو ۽ اتر، ڇاڇولي هاڻ ٿانيڪو ٿي، تون قمبر ۽ آنءُ ڪراچي جي ڪن ۾ ڦاٿا آهيون
ڀا معصوم سنڌي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ممبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔