• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي جي ڀون تي ٿيا هن ڇتا وحشي ڪتا

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
وجنتيءَ سان ڏاڍائي ڪندڙ وڏيرا آهن


وجنتي سان جنسي ڏاڍائيءَ جي جوابدارن کي بچائڻ لاءِ غريب ميگهواڙن کي جوابدار بنائڻ واري پوليس جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، ميگهواڙن سان ٿيل زيادتي جي الزام ۾ ميگهواڙن کي ئي ان ڏوهه ۾ ڦاسايو ويو آهي، اهو ئي ته آهي ڏاڍائي به وڏيرو ڪري فيصلو به وڏيرو ڪري، سنڌ ۾ اهو ڪو پهريون واقعو نه آهي، اڻ ڳڻيون وجنتيون وڏيرن يا سندن لاڏلن جي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻجن ٿيون، پر انهن مان گهڻين جا واقعا لڪايا وڃن ٿا، اهڙا واقعا لڪائڻ جو هڪ سبب تهذيبي پستي ۽ جهالت آهي پر ٻيو سبب وڏيرن جو دٻاءُ هوندو آهي، ٽيون هڪ ڪارڻ هاڻي پيدا ڪيو ويو آهي، اهو سياسي ميدان جي چالاڪ رانديگرن جو پيدا ڪيل آهي، پر ان جو به نتيجو وڏيرن جي فائدي ۾ وڃي ٿو،
نان اشوز جي سياست ۾ عوام جا مسئلا نظر انداز ڪرڻ سبب سنڌ ۾ هاڻي وڏيرن کي سياست جي کير سان وهنجاري نئين سر پاڪ پوتر ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي وڏيرا اهو به جشن ملهائي رهيا آهن ته اڳ مٿن سياستدان الزام لڳائيندا هئا، هاڻي ان پاسي کان به اطمينان مليو آهي،
سنڌ جي ڪنهن به وجنتيءَ کي جنسي ڏاڍ جو نشانو بنايو ٿو وڃي ته اها وجنتي ۽ وارث احتجاج ۾ اڪيلا هوندا آهن، اين جي اوز آواز اٿارين ٿيون پر جيئن وجنتيءَ جا مٽ مائٽ سڙڪ تي اڪيلا احتجاج ڪري رهيا آهن، تئين اين جي اوز وارا سڙڪ تي نه ايندا آهن.
هي ڏاڍ ساڻن ناهي، وجنتي هڪ انسان بلڪ معصوم انسان آهي ۽ ميگهواڙ سنڌ جا غريب رهواسي آهن انهن سان اڳئيي سڀ کان وڏو ظلم هيءُ آهي ته صدين کان هن ڌرتيءَ جا رهواسي آهن، پر محتاج آهن، غريب طبقي جا آهن، اهو ڪو مذهبي مسئلو ناهي نه وري ڪنهن مذهبي برادري جو هجڻ ڪري ميگهواڙ نشانو پيا بڻجن، هيءَ ڏاڍائي هڪ بااثر جي غريب برادري ۽ هڪ معصوم نياڻي سان آهي ۽ سنڌ جون اڻ ڳڻيون نياڻيون ائين نشانو بڻجنديون رهن ٿيون، ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکندڙ هجن،
وجنتي گهايل آهي، ساڻس جنسي ڏاڍ جي تصديق ٿي آهي، عمر ڪوٽ جي علائقي غلام نبي شاهه جي ميگهواڙ پاڙي جي 6 سالن جي ٻارڙي وجنتي عرف ورجنا ڪماري شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته کيس کنڀيو ويو، وحشي پڻي جو نشانو بڻايل وجنتي پوءِ خالي عمارت مان هٿ آئي، سندس پيءُ منوهر اڌارا پئسا وٺي کيس عمر ڪوٽ پهچايو.
ان کان پوءِ ڇا ٿيو ! اهو هڪ وڌيڪ اذيتناڪ داستان آهي، غريب لاءِ اتي ڪو به ڊاڪٽر نه هو، هونئن به غريبن لاءِ نه ڪو ڊاڪٽر هوندو آهي، نه وري ڪا اسپتال سو عمر ڪوٽ ۾ هنن غريبن لاءِ نه ڪا اسپتال هئي نه وري ڪو ڊاڪٽر پوءِ منوهر مير پور خاص وڃڻ تي مجبور ٿي پيو، سول اسپتال ميرپورخاص ۾ منوهر سان هڪ وڌيڪ مسئلو نانگ وانگر ڪر کنيو بيٺو هو، اتي هن لاءِ هئين ٿيو جو ميڊيڪل رپورٽ نه هئڻ جو بهانو ڪري ڊاڪٽرن کيس ڏسڻ به پسند نه ڪيو، بعد ۾ پاپوليشن جي وزير علي مردان شاهه پاران خبر جو نوٽيس وٺڻ تي منوهر ۽ سندس معصوم ڌيءُ جي سنڀال ڪئي وئي ۽ ڏاڍائي جي تصديق ٿي آهي، اهو صحت کاتي ۾ به هڪ اسڪينڊل آهي، ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.
بي ڏوهه ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي عادت سبب پوليس هتي به اهڙي هڪ نوجوان کي سوگهو ڪيو، جنهن جو واقعي سان واسطو نه هو، هوڏانهن جنهن وڏيري جي اوطاق تي کوجي ڪتن جو پيرو پهچايو. تنهن کي پوليس بچائڻ لاءِ وس ڪري رهي آهي، جنهن خلاف وجنتيءَ جا وارث احتجاج ڪري رهيا آهن،
ڪيس واضح آهي، جوابدارن تائين پيرو به پهچي ٿو، ڏسون ته انتظاميا ڇا ٿي ڪري۔
 
ههڙآ هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾

سنڌ جي تهذيب جا تهذيب يافته انسان ۔۔۔ انهن جا اهڙا ڪرتوت۔ شرم سبب اکيون جهڪي ٿيون وڃن، هاء ڙِ انسان تون پوء به اشرف المخلوقات پيو سڏائين۔ مونکي ته هتي ڪيتي خونخوار بگهڙ نظر ايندا آهن پر ڪجهه عظيم انسانن جي بدلي انسان اشرف المخلوقات پيو سڏائي۔
 
Back
Top