• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 5 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 5 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

5 ڊسمبر 1860ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ٿيو.
5 ڊسمبر 1898ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آبادي جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1909ع سياستدان سوڀراج موٽواڻي (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1931ع آرٽسٽ پريم چند ٺاڪر (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1937ع شاعر الهڏنو سوز هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1959ع سماجي ورڪر نور محمد ڪانگو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1962ع شاعر غلام حسين مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1972ع ليکڪ يحيى منير جي پيدائش ٿي.
5 ڊسمبر 1980ع شاعر عبدالجبار ثاقب چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

5 ڊسمبر 1858ع سر جان جيڪب جو انتقال ٿيو.
5 ڊسمبر 1963ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي جو انتقال ٿيو.
5 ڊسمبر 1958ع اردو جي ناليواري ليکڪ ۽ مزاح نگار احمد شاهه پطرس بخاري جو نيويارڪ ۾ انتقال ٿيو.
_______

اڄوڪي ڏينهن 5 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

ibvIBhQndxV9P7.jpg



حواله:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
_________
 
5 ڊسمبر 1993 ع تي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن جو عهدو سنڀالي ورتو، ان کان اڳ بيگم نصرت ڀٽو چيئرپرسن جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو ڪو چيئرپرسن هيون۔
 
2yy8q44.jpg

5 ڊسمبر مرحوم و مغفور محمد امين خان کوسو جي ورسي ، بيحد احترام ۽ عقيدت سان خراج عقيدت . الله پاڪ سندن مغفرت فرمائي . آمين.
 
منهنجو پسنديده سلسلو......... ادا سليمان ٿوري مدد ڪندا مان سنڌ سلامت تي ڪجهه لکي رکڻ چاهيان ته مواد رکڻ جو آپشن ڪٿي رکيل آهي
 
منهنجو پسنديده سلسلو......... ادا سليمان ٿوري مدد ڪندا مان سنڌ سلامت تي ڪجهه لکي رکڻ چاهيان ته مواد رکڻ جو آپشن ڪٿي رکيل آهي
ان سلسلي ۾ هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو. جتي سڀني سوالن جا جواب آهن ته سنڌ سلامت تي ڪيئن لکجي، ڪيئن تصوير رکجي ... وغيره
 
Back
Top