اسلام عليڪم منهنجو نالو مهراڻ محمد ڪٽپر ۽ مان 8 ڪلاس جو شاگرد آهيان منهنجو شهر ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور آهي۔ منهنجو سنڌي ادب سان ناتو پراڻو آهي ڇو جو منهنجو بابا شاهين سنڌي، سنڌي ادب سان لاڳاپيل آهي ان جي ڪري سنڌي ڪتاب ، رسالا اڪثر پڙهڻ لاءِ ملندا آهن ۽ اڪثر شاعر يا ڪهاڻيڪارن سان ملڻ به رهندو آهي۔ وري سنڌسلامت پڻ منهنجي علم ۾ اضافي جو سبب آهي۔ سنڌ سلامت اهڙي لاجواب آهي جو ٻار توڙي وڏن لاءِ فائدي مند آهي۔ مون پاران سنڌ سلامت ۽ هن سان پيار ڪندڙن کي سڪ ڀريو سلام
پياري ڀاء مهراڻ ڪٽپر کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔خوشي ٿي جو اوهان به پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ هن اڱڻ تي پير پاتو۔ اوهان سنڌ جي سڄڻ ۽ سهڻي تخليقڪار شاهين جا فرزند آهيو ، اسان کي اهائي اميد آهي ته اوهان به سنڌي ادب جا ڏاها ۽ خدمتگار بڻبا۔ شاهين اسان جو پيارو دوست ۽ رهنما آهي، جس اٿس جو سنڌ جا موتي سهيڙي سنڌ سلامت تي آندا اٿس۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون ۽ نڪور خيال فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامتها هڪ ڳالهه، هڪ نصيحت ۔۔۔۔ هنن سڀني سرگرمين سان گڏ اوهان کي پهريان پنهنجي درسي ۽ نصابي ڪمن ڏانهن مڪمل توجهه ڏيڻو آهي۔
تارا زمين تي ۔۔۔ نه نه ۔۔۔ تارا سنڌ سلامت جي اڱڻ تي لهي آيا ۔۔۔۔ ادڙو مهراڻ ڪٽپر سنڌ سلامت جي آسمان تي شل هميشه وهائو تاري جيئان چمڪندو رهي ۔۔۔ ڪجهه ستارا اهڙا ته روشن هوندا آهن جو انهن جي روشني ۾ ڪئي راه ڀٽڪيل پنهنجي راه ڳولهي لهندا آهن ۔۔۔ اميد ته اسانجو هي مهراڻ به ايترو ته روشن ٿيندو جو سنڌ سموري سندس روشني ۾ چمڪي پوندي ۔۔۔ ۽ ها پنهنجي پڙهائي ۽ پنهنجي علم جي واڌاري لا ڏينهن رات محنت ڪندا ته جيئن سنڌ کي هڪ علمي شخصيت ملي وڃي ۔۔۔۔ اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ ۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ مٿي تي چميون قبول ڪندا سلام تنهنجي بابا ۽ سندس خون کي جنهن مان سنڌيت سان محبت جا مهراڻ ٿا وهن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوست مهراڻ ڪٽپر معصوم سنڌي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔