معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
1313 اٽيچمينٽ ڏسو ست مهينا اڳ ڌيءَ کي اغوا ڪندڙ وڏيري ۽ سندس ساٿين پورهيت پيءُ پٽ کي وڻ سان ٻڌي مٿو، مڇون، ڀرون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو. بااثر وڏيري پاران تذليل جو نشانو بڻايل سوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ نهال مشوري جي پورهيت ميهر حسين ۽ سندس پٽ اشرف مشوري سکر پريس ڪلب پهچي وڏيري جي ظلم خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت ميهر مشوري ٻڌايو ته ست مهينا اڳ 9 جولاءِ تي بااثر وڏيرو الطاف مشوري سندس 18 ورهين جي ڌيءَ سلميٰ کي اغوا ڪرائي گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي ٻه ڏينهن اڳ بااثر وڏيرو الطاف مشوري پنهنجي ساٿين اظهر. انتظار، قادر داد، صاحب ڏنو، فتح، غلام نبي، لالي ۽ ٻين سان گڏجي سندن گهر ۾ گهڙي کيس پٽ اشرف سميت وڻ سان ٻڌي سندن اڌ ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، حد جي پوليس بااثرن خلاف ڪيس وٺڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري سندس ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.