• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوڀي ديري لڳ وڏيري پي% پٽ کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
1313 اٽيچمينٽ ڏسو ست مهينا اڳ ڌيءَ کي اغوا ڪندڙ وڏيري ۽ سندس ساٿين پورهيت پيءُ پٽ کي وڻ سان ٻڌي مٿو، مڇون، ڀرون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو. بااثر وڏيري پاران تذليل جو نشانو بڻايل سوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ نهال مشوري جي پورهيت ميهر حسين ۽ سندس پٽ اشرف مشوري سکر پريس ڪلب پهچي وڏيري جي ظلم خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت ميهر مشوري ٻڌايو ته ست مهينا اڳ 9 جولاءِ تي بااثر وڏيرو الطاف مشوري سندس 18 ورهين جي ڌيءَ سلميٰ کي اغوا ڪرائي گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي ٻه ڏينهن اڳ بااثر وڏيرو الطاف مشوري پنهنجي ساٿين اظهر. انتظار، قادر داد، صاحب ڏنو، فتح، غلام نبي، لالي ۽ ٻين سان گڏجي سندن گهر ۾ گهڙي کيس پٽ اشرف سميت وڻ سان ٻڌي سندن اڌ ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، حد جي پوليس بااثرن خلاف ڪيس وٺڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري سندس ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
 
مطلب ته سنڌ ۾ اڃان اهي ظلم ۽ جبر پيا هلن ؟ پر سهڻ وارا جيستائين سامهون نه ٿيندا تيسين اهي ظلم به ٿيندا رهندا۔
 
ادا سنڌ ۾ هن کان به وڌيڪ اتياچار ٿئي پيو، غريبن سان۔اهڙا اڻ ڳڻيا واقعا رپورٽ ٿيا آهن ۽ ڪي ته مخفي آهن
 
Back
Top