”پنجين موسم جي پڄاڻي“ هن کي سمهڻ نه ٿي ڏي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ”پنجين موسم جي پڄاڻي“ هن کي سمهڻ نه ٿي ڏي
    معصوم
    1316 اٽيچمينٽ ڏسو 1316 اٽيچمينٽ ڏسو
    هن تي ڳچ لکيو آهيم، جيڪڏهن ويهي واکاڻ ڪندس ته لوڪ چوندو ته چمچا-گيري پيو ڪري ان ڪري جيڪو اڳ ڪيترن ئي ڪاڳرن تي هن بابت اپٽاريو هوم ان ۾ جيتوڻيڪ ترميم جي گنجائش ته آهي پر اڃا موڊ ۾ ناهيان ۽ مان انهن مان به ناهيان جيڪي کڳي ۽يکي هڻندا وتندا آهن.

    سعيد کي به سڌ آهي ته مان کڳي ناهيان هڻندو، چپ چپات ۾ بس چئي ويندو آهيان پر جيڪو چوندو آهيان، ان ۾ پاڻ وڻائڻي وارو پهلو بنهه ناهي هوندو.
    سعيد منهنجو هم-نوا، منهنجو سهيوڳي ۽ منهنجو گمنام سنگتي آهي. سندس گوشانشينيءَ تي جيتري چڙ مون کي آهي ايتري شايد ٻين کي گهٽ هجي.
    ”دانش جو گهر“ ۽ هن جا ”خواب“ ڄڻ جاڙا ٻار آهن. ”پنجين موسم جي پڄاڻي“ هن کي هاڻ سمهڻ به نه ٿي ڏي ان ڪري دماغي روڳ هن جو حافظو به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن به هن کي ”سپرين جي سار“ ستائيندي آهي ته هي اڪيلو گهر کان سنڌو وٽ پهچندو آهي جتي سنڌو-ڪناري اڀي پير بيهي هو درياءَ جي هن پار سکي ڏانهن سار جا پڻڇي اڏاريندو آهي. مون هن کي ويجهڙائي کان پڙهيو آهي، هو پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙو بي قرار شخص آهي،جنهن کي اساٽ ئي اساٽ آهي، اها اساٽ جيڪا ميرا جيءَ کي هئي، جيڪا وان گو کي هئي جيڪا ماڻڪ کي هئي.

    درياءُ هن جو رازدار آهي ۽ عاقل جو اهو ” سنتر “ هن جو سنگتي آهي، جتان هو هزارين ڀيرا گذريو آهي جنهن کي هن ايڪانت ۾ ”پرينءَ جو پارانڀو“ به ٻڌايو. اهو سنتر جنهن جي ٻنهي پاسي زيتونن جا باغ آهن، جتي هر وڻ هن سان ڪلام ڪري ٿو.
    ۽ لوڪو!

    ڪنهن زماني ۾ مان هن جو اويلو مهمان هوندو هوس، جڏهن رات جا نيڻ جاڳي پوندا هئا ۽ هن جو ڳوٺ ڳهر ۾ اچي ويندو هو تڏهن مان ”دانش-گهر“ جو در کڙڪائيندو هوس. هو نڪري ايندو هو ۽ امالڪ چئي ڏيندو هو: ” هن مهل“
    پر مون وٽ جواب نه هوندو هو
    پر جڏهن قبيلائي دهشتگردي هن جي ڳوٺ جو چين چٽ ڪري ڇڏيو، تڏهن هن جي من جو شانت پکي به ڀڙڪو کائي اڏاڻو. شهر مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو منهنجون رولاڪيون رڪجيون ويون ڀانءِ ان ۾ ونگ لڳي ويو.
    .هاڻي انيڪ ورهيه وهاميا آهن نه آئون عاقل ويو هان ۽ نه وري ڪراچيءَ جي ڪن منجهاران مان نڪري سگهيو هان.
    نه ملڻ جي باوجود به رابطو آهي مون کي ايس ايم ايس ذريعي ”صبح جو سلام “ ڪري پوءِ وڃي ٻئي ڪم سان لڳي. ٿو.
    مون کي هن جي حال تي ڏاڍو رحم ايندو آهي ۽ ڏک به ٿيندو آهي پر مان هن کي دوکو نه ٿو ڏيڻ چاهيان ان ڪري هن جي علاج لاءِ مون ارباب اختيارين سدان هن جي چوڻ موجب ”ٻولاچاري“ بند ڪري ڇڏي. جيترو هي سٺو ڪوي آهي ايترو منهنجو دل گهريو سنگتي آهي، ان ڪري مان نه هن جي شاعري تي ڳالهائي سگهان ٿو ۽ نه وري هن جي وڏماڻهپ تي، بس ايترو چوان ٿو ته هن جي علاج جو گڏجي ڪو بلو ڪريو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پر جڏهن قبيلائي دهشتگردي هن جي ڳوٺ جو چين چٽ ڪري ڇڏيو، تڏهن هن جي من جو شانت پکي به ڀڙڪو کائي اڏاڻو. شهر مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو منهنجون رولاڪيون رڪجيون ويون ڀانءِ ان ۾ ونگ لڳي ويو.
    سنڌ جي گهڻن علائقن جو حال هاڻي اهڙو ئي آهي.
    اوهان صحيح لکيو آهي ته هاڻي ڪراچيء جي هن ڪُن مان نڪرڻ اسان لاء به سولو ناهي رهيو۔ ان جا به ڪيئي سبب آهن۔

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو