معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
1321 اٽيچمينٽ ڏسو
معصوم سنڌي
قومي ورثا خاص طور ماڳ ۽ مڪان ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هجن ٿا. مصر کي قديم ترين تهذيب شايد نه چيو وڃي ها جيڪر مصر جا احرام موجود نه هجن ها . مصر جا احرام ئي آهن جيڪي مصر کي قديم ترين قوم هجڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿا. اهڙي طرح زنده قومون پنهنجي هجڻ ۽ وشال توڙي پراڻ هجڻ جا سمورا سامان ،ڪوٽ ۽ قلعا توڙي اتان کوٽائي دوران لڌل نوادراتن کي ساه ۾ سانڍي رکنديون آهن پر بدقسمتي سان س
نڌ اها قوم آهي جنهن جي وس وارن ادارن اهڙن پاسن ڏانهن ڪو ڌيان ناهي ڌريو. ايئن ڀاسي رهيو آهي جيئن سنڌ جا اهي ماڳ ۽ مڪان سندن لاءِ ڪا به اهميت نه ٿا رکن. سنڌ جي هزارين سال پراڻي تاريخ رکندڙ قوم جو ثبوت موهن جو دڙو جنهن جون ڀتيون آهستي آهستي ڪري ڀُرڻ ۽ ڪِرڻ لڳيون آهن. ڊي ڪي ايريا جي 10 فوٽ ڀت ڪري پٽ پئجي وئي آهي نه رڳو اها پر گذريل هفتي ساڳي ايريا جي 20 فوٽ ڀت پڻ ڪري پئي هئي. ان کان وڌيڪ افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي ته ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو اهڙا حڪم جاري ڪندي چيو هو ته پنهجن قومي ورثن کي محفوظ ڪيو ويندو،پر ٺيڪ هڪ هفتي کان پوءِ ساڳي ايريا جي ٻي ڀت ڪري پئي. سنڌ واسين کي گھرجي ته اهڙي بي حسي کي ختم ڪري پنهنجا قومي ماڳ ۽ مقام محفوظ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن)