گرافڪ ايڊيٽر ۽ اُن جون ڪيٽيگريز۔۔

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    گرافڪ ڊيزائين۔۔۔
    ڪوبه عڪس جيڪو اسان جي ذهن ۾ هُجي ٿو، ۽ اسان اُن کي ماڻهن جي سامهون تصويري صورت ۾ پيش ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ڊزائين جي ضرورت پوي ٿي۔ پوءِ ڀلي اُها ڪهڙي به طرح سان به ڊزائين ڪئي وڃي، ڪي مِٽيءَ جون مورتون ٺاهين ٿا ته ڪي وري ڪاٺ جي ذريعي پنهنجي عڪس کي حقيقت جو روپ ڏين ٿا۔ اهڙي طرح ڊجيٽل ورلڊ ۾ به ڪيترائي طريقا تخليق ڪيا ويا۔۔۔ جن سان ذهني عڪس کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪمپيوٽر تي اُتاري سگهون ٿا۔ اهڙا سافٽ ويئر جيڪي اُن سلسلي ۾ استعمال ٿين ٿا اُنهن کي گرافڪ ايڊيٽر چئجي ٿو۔
    گرافڪ ايڊيٽر اُهي سافٽ ويئر آهن، جن ۾ مُختلف ٽولز، نشانين ۽ اکرن جي مدد سان توهان ڪا ڊزائين ٺاهي سگهو ٿا، ڪنهن ڊزائين کي تبديل ڪري سگهو ٿا۔
    ڪمپيوٽر جي گرافڪس کي ٻن مُختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهائي سگهو ٿا۔
    هڪ ريسٽر ٻيو ويڪٽر گرافڪس۔۔
    ريسٽر گرافڪس اهڙا آهن جيڪي توهان هڪ وقت ۾ ٺاهي ڇڏيا، اُنهيءَ کان پوءِ توهان اُنهن جي پارٽ يا حصن تي ايڪٽوٽي نه ٿا ڪري سگهو، جيئن توهان بِٽ ميپ ايڊيٽر ۾ ڪا به تصوير ٺاهي اُن تي ڪم ڪندو ته ڪم ڪرڻ کان پوءِ وري اُنهيءَ لائن يا لڪير جي حصن کي توهان فقط ڊاهي سگهو ٿا پر مَٽائي نه ٿا سگهو۔۔ مشهور فارميٽ آهن بٽ ميپ، جي پيگ، گِف فارميٽ، پي اين جي۔۔۔
    ڪنهن به فلم جي ريل ۾ فريم جي اندر جيڪي اِسٽل ڦوٽوز هوندا آهن، اُهي هِن جو مثال آهن
    ويڪٽر گرافڪس اهڙا آهن جن ۾ موجود تصويرون ۽ سندن لائنون مُختلف ميٿاميٽڪل فارمولن جي ذريعي ڪن ٿيون، اِهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن توهان ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽو شاپ ۾ ڪنهن تصوير تي ڪم ڪريو ٿا ته اُن جي لائن کي مَٽائي به سگهو ٿا ۽ چينج به ڪري سگهو ٿا، ڀلي توهان اُن فائل کي ڪيترا دفعا به کوليو۔۔ جيئن، پي ايس ڊي، سي ڊي آر، ونڊو ميٽا فائلز، ايڊوب اليسٽريٽر فائلز۔۔۔
    ۽ اهڙي فائلز کي توهان ڪنهن به ويڪٽر گرافڪس ايڊيٽر ۾ اِمپورٽ ڪري اُنهيءَ تي ڪم ڪري سگهو ٿا۔
    اينيميٽڊ فلمز ۽ اُنهن جا اِفيڪٽس انهيءُ اُصول تي ڪم ڪن ٿا۔
    اسان جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪي گرافڪس ايڊيٽر سافٽ ويئر ٿين ٿا اُهي اِنهن ٻنهيءَ مان ڪنهن به هِڪ طريقي تي ڪم ڪن ٿا ۽ ڪي وري دلچسپ سافٽ ويئر اهڙا آهن، جن ۾ توهان ٻنهي طريقن کي استعمال ڪري سگهو ٿا۔
    ڪنهن به ويڪٽر گرافڪ کي ريسٽر يا رُکي اميج ۾ ڪنورٽ ڪرڻ سولو آهي پر ريسٽر کي ويڪٽر ۾ ڪنورٽ ڪرڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن عمل آهي، پر اڄ ڪلهه ڪُجهه سافٽ ويئر اُن تي ڪم ڪن ٿا۔۔
    wslamsindhsalamatsaathsal
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين سٺي معلومات اسان سان ونڊ ڪرڻ تي توهان کيرو لهڻو

    بهترين ادا اسد
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو