• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 7 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 7 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 ڊسمبر 1918ع ليکڪ گوبند پنجابي (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1924ع راڳي ڀيرومل ڀمڀاڻي گيهاڻي (هالاڻي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1925ع اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1934ع ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1937ع ڪوٽ مير محمد سان تعلق رکندڙ شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1944ع شاعر ولي محمد وفا پلي جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1947ع ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي (لاڙڪاڻي /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1948ع شاعر نقش ناياب منگي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1971ع شاعر غلام رسول پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1971ع شاعر منصور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
7 ڊسمبر 1984ع پاٽ سان تعلق رکندڙ ليکڪ مير ممتاز برهماڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 ڊسمبر 1868ع مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جي وفات ٿي.
7 ڊسمبر 1910ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر جي وفات ٿي.
7 ڊسمبر 1927ع فلاسافر، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ديارام گدومل شهاڻي جي ديهانت ڪري ويو.
7 ڊسمبر 1962ع صوفي، درويش، عالم ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
7 ڊسمبر 1978ع فريڊم فائيٽر مولانا محمد مدني (معروف ڀنڀرو) جو لاڏاڻو ٿيو.
7 ڊسمبر 2012ع ناليوارو ٽي وي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گذاري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


7 ڊسمبر 2009ع ۾ لاهور جي علائقي اقبال ٽائون ۾ ٻن بم ڌماڪن ۾ 45 ماڻهو مري ويا جڏهن ته 140 زخمي ٿيا۔
 
ناليوارو اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔ اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو سندس ڄمار 67 سال هئي۔ هو ڪافي عرصي کان ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويو، اداڪار رشيد صابر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي ٽي وي اداڪارن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي جڏهن ته ڪيترائي نالي وارا اداڪار فوري طور تي سندس گھر پهچي ويا۔ رشيد صابر پي ٽي وي تي ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو۔​
 
7 ڊسمبر 1970ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيل پهرين آزاد اليڪشن ٿي جنهن ۾ اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ جڏهن ته اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيون۔

7 ڊسمبر 1941ع تي جپان جي فوجين امريڪي بنرگاهه پرل هاربر تي فضائي حملو ڪيو جنهن ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو۔ هن حملي ۾ 2000 فوجي اجل جو شڪار ٿيا۔ ياد رهي ته ٻئي ڏينهن آمريڪا جپان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو۔
 
Back
Top