معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
بولٽن مارڪيٽ
هيءَ ڪراچيءَ جي مشهور مارڪيٽ هئي پر هاڻي ناهي رهي. هن عمارت جو نقشو ”اسٽريچن “ ٺاهيو ۽ اڏاوت جي لحاظ کان يورپي طرز تي اڏيل آهي . هن بازار کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪرنل ” بولٽن “ جي خدمتن عيوض سندس نالي تي سڏيو ويو . هن مارڪيٽ جي عمارت 100 فوٽ ڊگهي ۽ 80 فوٽ ويڪري هئي . هن ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا ڪيترائي دڪان آهن جڏهن به ڪراچي ۾ مذهبي جنوني مڇرجندا آهن. تڏهن اهي ڇتي ڪتي جيان شهر ۾ ڪاهي پوندا آهن پوءِ وتندا آهن باهيون ڏيندا. اجهن، علمي ادارن، تاريخي آسٿانن، ماڳ مڪانن کي باهيون ڏيڻ وارو غليظ ڪم ٻاهرين آيل ڌوتن جو آهي، سنڌي ماڻهن ڪڏهن به ان قسم جي اٻهرائي ناهي ڪئي، ڪجهه سال اڳ سازش تحت بولٽن مارڪيٽ کي آڳ لڳائي وئي مقامي وڻجارا ۽ پونجارا پريشان ٿي ويا سندن دڪان ۽ وکر ڦلهيار ۾ بدلجي ويا ، اها سازش هئي، جيئن مقامي وڻجارو ۽ پونجارو ڪراچيءَ مان ٽپڙ ٻڌي نڪري، ايئن ئي ٿيو، هن مارڪيٽ جا متاثر روئيندا ڏيساور هليا ويا ۽ ڪي ملير ۾ ٿانيڪا ٿيا، سندن جاين تي سوات، خيبرايجنسي، باجوڙ، وانا ۽ وزيرستان جا اهي ماڻهو اچي ويا، جن کي نراڙ تي اکيون آهن جيڪي گراهڪ کي ايئن ڏاڙهين ٿا جيئن ڇتو ڪتو.