بولٽن مارڪيٽ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    بولٽن مارڪيٽ

    هيءَ ڪراچيءَ جي مشهور مارڪيٽ هئي پر هاڻي ناهي رهي. هن عمارت جو نقشو ”اسٽريچن “ ٺاهيو ۽ اڏاوت جي لحاظ کان يورپي طرز تي اڏيل آهي . هن بازار کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪرنل ” بولٽن “ جي خدمتن عيوض سندس نالي تي سڏيو ويو . هن مارڪيٽ جي عمارت 100 فوٽ ڊگهي ۽ 80 فوٽ ويڪري هئي . هن ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا ڪيترائي دڪان آهن جڏهن به ڪراچي ۾ مذهبي جنوني مڇرجندا آهن. تڏهن اهي ڇتي ڪتي جيان شهر ۾ ڪاهي پوندا آهن پوءِ وتندا آهن باهيون ڏيندا. اجهن، علمي ادارن، تاريخي آسٿانن، ماڳ مڪانن کي باهيون ڏيڻ وارو غليظ ڪم ٻاهرين آيل ڌوتن جو آهي، سنڌي ماڻهن ڪڏهن به ان قسم جي اٻهرائي ناهي ڪئي، ڪجهه سال اڳ سازش تحت بولٽن مارڪيٽ کي آڳ لڳائي وئي مقامي وڻجارا ۽ پونجارا پريشان ٿي ويا سندن دڪان ۽ وکر ڦلهيار ۾ بدلجي ويا ، اها سازش هئي، جيئن مقامي وڻجارو ۽ پونجارو ڪراچيءَ مان ٽپڙ ٻڌي نڪري، ايئن ئي ٿيو، هن مارڪيٽ جا متاثر روئيندا ڏيساور هليا ويا ۽ ڪي ملير ۾ ٿانيڪا ٿيا، سندن جاين تي سوات، خيبرايجنسي، باجوڙ، وانا ۽ وزيرستان جا اهي ماڻهو اچي ويا، جن کي نراڙ تي اکيون آهن جيڪي گراهڪ کي ايئن ڏاڙهين ٿا جيئن ڇتو ڪتو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بولٽن مارڪيٽ شايد ڪراچي جي تمام وڏي بزنس مارڪيٽن مان سڀ کان وڏي آهي۔ تمام گهڻي سوڙهه هجڻ باوجود روزانو لکين ماڻهو بولٽن مارڪيٽ اچن ٿا ۽ خريدو فروخت ڪن ٿا۔ هي مارڪيٽ سڀ کان وڏي هول سيل مارڪيٽ آهي۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ها هي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي۔ هتي هزارين ماڻهو روز پُهچن ٿا ۽ شام جو واپسي ۾ ٽرئفڪ ۾ ڦاسن ٿا۔ بلڪه جيڪو شام جو بولٽن مارڪيٽ وڃي اهو ذهني طور تيار ٿي وڃي ته سندس واپسي جو سفر صبر آزمه هوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو