• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل ڳوٺ ۾ بئڊمنٽن

يار حفيظ ڪهڙيون ٿو يادون ڏيارين ۔۔۔۔ڪجهه سال اڳ سچل ڳوٺ ۾ بيڊمنٽن جا ٻه ڪلب هوندا هيا ۽ هر سال سياري ۾ تمام گهڻيون سرگرميون ٿينديون هيون۔ هر آچر تي ڪلبن جا مقابلا ٿيندا هيا ۽ هر 15هين ڏينهن ٽورنامينٽ ٿيندي هئي، جنهن کي ڏسڻ لاء گرائونڊ ۾ جاء نه بچندي هئي۔ اسان به ان ئي دور ۾ تمام گهڻي راند کيڏي ۔۔۔۔۔ مان سوچي رهيو آهيان ته جيڪڏهن اهي سڀ سٺا رانديگر ٻيهر فعال ٿيا ته پاڻ به سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهنداسين۔ باقي هنن دوستن کي به جس هجي جن شروعات ڪئي آهي۔

مان سندن راند ڪالهه به ڏٺي، اها بس ايڪسرسائيز جي حد تائين بهتر هئي۔ پر اهڙين سرگرمين ذريعي نوجوانن ۽ ٻارن کي به صحتمند سرگرمين ڏانهن لاڙي سگهجي ٿو۔
 
ادا عبدالحفيظ لغاري جن جڏهن فون تي گوگل ڊاڪ جي وڊيوز کي سنڌ سلامت لاءِ سڌو سئون ڏيکارڻ جو ذڪر ڪيو ته ڪم کي آسان سمجهيم پر جيئن ته هي ڪا وڊيو پروائيڊ ڪندڙ سائيٽ نه هئي ان ڪري ان جي سيٽنگ ايترو آسان به نه رهي ۔۔۔ ها البته ڪوششن سان جڏهن گوگل وڊيو ڊاڪ سڌو سئون ڏيکارڻ لاءِ ٿي ته ادا مرتضى جا گيم لڳايل جاٺا ڏسي جهڙوڪ محنت جو ڦل ملي ويو۔۔۔
 
دنيا ۾ اڄڪلهه هر ڳالهه ڦِري سِري وڃي ڪمپيوٽر تي بيهندي آهي۔ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ ڪم سنڌ سلامت کان وڌيڪ شايد ئي ڪنهن فورم تي ٿيندو هُجي۔ ۽ سنڌ سلامت تي وري ذيشان رشيد جي ڳالهه ئي نرالي۔ سو اسان سنڌين جو هي سرموڙ اهڙو ته جوڌو آهي جنهن کي بس ڪو ڪم ملڻ جي دير آهي۔ ۽ پوءِ اهو ڪم پاڻ پريشان هوندو آهي ته اصل ڪٿي ڦاٿو آهيان۔

زين فورو وارا پاڻ اڃان ايترو اڳتي نه ويا آهن جو هر وڊيو جي سپورٽ ڪندي هتي ايمبيڊ ڪرڻ جي سهولت ڏين۔ پر رشيد هڻي وڃي هنڌ ڪيو۔

گوگل ڊاڪ هڪ اهڙو هوسٽ آهي جيڪو اپلوڊنگ ۾ سڀ کان تِکو آهي سو بجاءِ انهي جي جو ٻي ڪنهن وڊيو هوسٽنگ تي وڊيو اپلوڊ ڪجن ۽ هتي لنڪ ڏجي گوگل ڊاڪ جي رستي اهو ڪم ڪجي ته بهتر۔ هڪ ته اپلوڊنگ آسان ۽ پرائيويسي بهتر ٻيو ته يو ٽيوب يا ٻي ڪا سائيٽ آئي ڏينهن بند به ٿي سگهي ٿي پر هن ۾ ايئن ناهي۔
 
ادا عبد الحفيظ لغاري توهان جي پوئين سال جي لڳايل وڍيو مان لڳي پيو ته مرتضي ته راند سان مزاق پيو ڪري يا ته هن کان پڄي ڪون ٿو يا سردي وڌي وئي آهي
 
Back
Top