يار حفيظ ڪهڙيون ٿو يادون ڏيارين ۔۔۔۔ڪجهه سال اڳ سچل ڳوٺ ۾ بيڊمنٽن جا ٻه ڪلب هوندا هيا ۽ هر سال سياري ۾ تمام گهڻيون سرگرميون ٿينديون هيون۔ هر آچر تي ڪلبن جا مقابلا ٿيندا هيا ۽ هر 15هين ڏينهن ٽورنامينٽ ٿيندي هئي، جنهن کي ڏسڻ لاء گرائونڊ ۾ جاء نه بچندي هئي۔ اسان به ان ئي دور ۾ تمام گهڻي راند کيڏي ۔۔۔۔۔ مان سوچي رهيو آهيان ته جيڪڏهن اهي سڀ سٺا رانديگر ٻيهر فعال ٿيا ته پاڻ به سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهنداسين۔ باقي هنن دوستن کي به جس هجي جن شروعات ڪئي آهي۔
مان سندن راند ڪالهه به ڏٺي، اها بس ايڪسرسائيز جي حد تائين بهتر هئي۔ پر اهڙين سرگرمين ذريعي نوجوانن ۽ ٻارن کي به صحتمند سرگرمين ڏانهن لاڙي سگهجي ٿو۔