• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ثقافتي ڏهاڙي جي هڪڙي تاريخ مقرر ڪئي وڃي .

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
531785_390514031028151_328204109_n.jpg
ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي​
سڀ کان پهرين ثقافتي ڏهاڙو 6 ڊسمبر تي ملهايو ويو ، پر بعد ۾ تاريخ تبديل ڪئي وئي ،​
5 ڊسمبر​
4 ڊسمبر​
هنن تاريخن تي اسان پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي چڪا آهيون ، پر هن ڀيري ڪا به هڪ تاريخ مقرر ڪري هر سال ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪجي .​
سنڌ جي ڏاهن ، اديبن ، دانشورن ۽ صحافين کي گهرجي ته هڪ ڪاميٽي ٺاهي ۽ فيصلو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سنڌي اسلامي مهيني جي ڪنهن به هڪ تاريخ تي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو وڃي ته بهتر آهي ، ڇاڪاڻ ته انگريزي تاريخن ۽ سنڌي تاريخن ۾ ڦير گير جي سبب اهو ڏهاڙو ڪڏهن محرم ۾ ايندو ته ڪڏهن رمضان ۾ ته ڪڏهن حج جي ڏهاڙن ۾ انڪري ان ڏهاڙي کي اهڙي نموني رکڻ گهرجي جو ڪنهن به مذهبي ڏڻ سان سامهون نه ٿئي . ۽ سنڌي ماڻهو هڪ ئي ڏينهن مقرر تاريخ تي اهو ڏهاڙو ملهائي سگهن .​
مجيب سنڌي ، نثار احمد ابڙو ۽ مظفر منگي​
 
آءُ هن راءِ سان 100 فيصد سهمت آهيان ... بلڪ مون ان راءِ تي هڪ ليک لکي گذريل سال ونڊ ڪيو هو ... پر جيئن ته اسان سنڌي کڙهه تي کير پيئڻ جا عادي ٿيندا وڃون انڪري مستقل ۽ لاڀائتا فيصلا ڪرڻ کان پري ٿيندا وڃون ...

اميد ته سڀ دوست هن تي پنهنجي راءِ سان گڏ هڪسنڌي/عربي تاريخ پڻ ٻڌائن جيڪا محرم جي مهني کانپوءِ جي هجي ...

جيئن آءُ صلاح ڏيانٿو ..... پهرين صفر .... ۽ ايندڙ سال پهرين صفر لڳ ڀڳ 3 يا 4 ڊسمبر تي آهي .... هر سال ائين پهرين صفر تي اهو ڏينهن ملهايو وڃي ....
 
جيڪو به سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائيندو اهو اسان پنهنجو سمجهي ملهائڻ لاء تيار آهيون پر دوستن سان سهمت ٿجي ٿو۔ جيڪڏهن ڪو هڪ ڏينهن هوندو ۽ سموري سنڌ هڪ آواز هوندي ته اهو ايڪتا ۽ ٻڌيءَ جو وڏو مظاهرو هوندو ۔۔۔
 
531785_390514031028151_328204109_n.jpg
ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي​
سڀ کان پهرين ثقافتي ڏهاڙو 6 ڊسمبر تي ملهايو ويو ، پر بعد ۾ تاريخ تبديل ڪئي وئي ،​
5 ڊسمبر​
4 ڊسمبر​
هنن تاريخن تي اسان پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي چڪا آهيون ، پر هن ڀيري ڪا به هڪ تاريخ مقرر ڪري هر سال ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪجي .​
سنڌ جي ڏاهن ، اديبن ، دانشورن ۽ صحافين کي گهرجي ته هڪ ڪاميٽي ٺاهي ۽ فيصلو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سنڌي اسلامي مهيني جي ڪنهن به هڪ تاريخ تي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو وڃي ته بهتر آهي ، ڇاڪاڻ ته انگريزي تاريخن ۽ سنڌي تاريخن ۾ ڦير گير جي سبب اهو ڏهاڙو ڪڏهن محرم ۾ ايندو ته ڪڏهن رمضان ۾ ته ڪڏهن حج جي ڏهاڙن ۾ انڪري ان ڏهاڙي کي اهڙي نموني رکڻ گهرجي جو ڪنهن به مذهبي ڏڻ سان سامهون نه ٿئي . ۽ سنڌي ماڻهو هڪ ئي ڏينهن مقرر تاريخ تي اهو ڏهاڙو ملهائي سگهن .​
مجيب سنڌي ، نثار احمد ابڙو ۽ مظفر منگي​
تمام بهترين صلاح آهي اوهانجي پر اسان جي ميڊيا واري سرد جنگ ۾ سنڌي عوام سڌي طرح متاثر ٿي رهيو آهي مان سمجهان ٿو ڪو ميڙ منٿ وارو ڪافلو ٺاهي انهن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوشش ڪجي
 
Back
Top