مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن

ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي
سڀ کان پهرين ثقافتي ڏهاڙو 6 ڊسمبر تي ملهايو ويو ، پر بعد ۾ تاريخ تبديل ڪئي وئي ،
5 ڊسمبر
4 ڊسمبر
هنن تاريخن تي اسان پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي چڪا آهيون ، پر هن ڀيري ڪا به هڪ تاريخ مقرر ڪري هر سال ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪجي .
سنڌ جي ڏاهن ، اديبن ، دانشورن ۽ صحافين کي گهرجي ته هڪ ڪاميٽي ٺاهي ۽ فيصلو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سنڌي اسلامي مهيني جي ڪنهن به هڪ تاريخ تي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو وڃي ته بهتر آهي ، ڇاڪاڻ ته انگريزي تاريخن ۽ سنڌي تاريخن ۾ ڦير گير جي سبب اهو ڏهاڙو ڪڏهن محرم ۾ ايندو ته ڪڏهن رمضان ۾ ته ڪڏهن حج جي ڏهاڙن ۾ انڪري ان ڏهاڙي کي اهڙي نموني رکڻ گهرجي جو ڪنهن به مذهبي ڏڻ سان سامهون نه ٿئي . ۽ سنڌي ماڻهو هڪ ئي ڏينهن مقرر تاريخ تي اهو ڏهاڙو ملهائي سگهن .
مجيب سنڌي ، نثار احمد ابڙو ۽ مظفر منگي