منهنجا مان وارا دوستو اسلام عليڪم هڪ وڏي عرصي کان پوء آڄ سنڌ سلامت جي هن محبتي آڱڻ تي هن تحرير سان شروعات ڪئي آٿم۔ ڇو جو سنڌ سلامت تي هن وقت ماشاالله سان ڪافي سارا نوان دوست شامل حال آهن۔ سو سوچيم ته تعارف واري سيڪشن ۾ اچي وري پنهنجو تعارف ڪرايان ته بهتر رهندو۔۔۔ سچ ته دل ڏاڍي خوش ۽ باغ بهارٿي ويندي آهي جڏهن به هن اڱڻ تي ايندو آهيان۔ تمام محبتي دوست آهن ڪيترا نالا کڻان؟ دوستوزندگي جي وهوار۾ اترو مصروف ٿي ويس جو وقت جي خبر ئي نه پئي ان سان گڏوگڏ ڪنهن حد تائين منهنجي پنهنجي به سستي ۽ ڪاهلي جو به عمل دخل هو۔۔ ان لاء پوري سنگت کان هٿ ٻڌي معافي جو طلبگار آهيان۔۔۔ اميد ته منهنجي ان اڻاين کي سنگت دل سان معاف ڪندي نالو : عبدالستارچنا پيدائش: ڳوٺ پاٽ شريف تعلقو ۽ ضلعو دادو سنڌ رهائش: گلشن حديد ڪراچي سنڌ اوهان جو نيازمند عبدالستارچنا
ادا وعليڪم سلام اوهان جا ڪروڙين قُرب جو اوهان هن مُحبتي اکڻ تي ڪَهِي آيا اهو اميد تهي ساٿ زندگي کان بعد به جاري رهندو۔جي اوهان تعارف ۾ پنهنجو شعبو وغيره ٻڌايو ها ته سماج جي حوالي سان يا ڪٿي اوهان اسان جي ڪم اچو ها ڪٿي اسان اوهان جي ڪم اچون ها ۔ وسلام
نٿو ڀانيان وڇــــوڙو ، تون ساهه سان گـــڏ آهيـن، منهنجي پيار جي دنيا، روشن ڪئي تو سدائين، واه واه هـــي قرب تنهنجـا، قربن جو سلامي ٿيان. محترم دوست اوهان کي ڀليڪار۔ خوشي ٿي جو اوهان ڪافي عرصي کانپوء ٻيهر ڀيرو ڀريو ۔۔۔ اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو۔۔۔۔ سدا سُکيا هجو
پيارا دوست شال آباد هجو وڏا وڙ اوهان جا ۔۔ ادا اصل ۾ هي ناچيز هن وقت ڪراچي ۾ هڪ پرائيوٽ اداري ۾ نوڪري ڪندو آهي مالڪ سائين جا وڏا احسان آهن۔
دوست عبدالستار چني کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔