جاويدجکرو
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم جئي لطيف
منهنجو نالو جاويد جکرو آهي منهنجو اصل شهر ڳڙهي ياسين آهي پر ڪم جي حوالي سان مان مير پور خاص ۾ رهندو آهيان سنڌي ادب سان ٿورو گهڻو تعلق آهي۔
شاهين سنڌي منهنجو ادبي ۽ ذاتي دوست آهي مان جڏهن به ڳڙهي ياسين ايندو آهيان ته پاڻ ۾ ڪچهريون رهنديون آهن
اڄ جڏهن مان ڪچهري لاءِ ادا شاهين وٽ آيس ته سنڌ سلامت جي ايتري ته تعريف ڪيائين جو مون چيو مانس ادا مون کي به رجسٽر ڪر ۽ هي ساري محنت ڪري مون کي سنڌ سلامت جو ديدار ڪرايون واقعي جهڙر نالو شاندار اٿس ته ڪم به اهڙو ٿيل اٿس
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت جو سٺو طريقو آهي۔
مون پاران سنڌ سلامت جي سٿ کي دل جي گهرائين سان جس هجي ۔
سنڌ سلامت،ساٿ سلامت