غزل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
عشق نيڻن جي سفر جو ڪو ڪشالو ٿو لڳ،​
پيار وارن پيچرن تي ئي نرالو ٿو لڳي۔​
وا ٿڌڙِي تي پيو احساس جاڳي عشق جو،​
زندگي جو هر پهر هاڻي اجيو ٿو لڳي۔​
غور سان پڙهان پيو ٿو عڪس مان هن جوائين،​
نقش جي ڄڻ ڪنهن مقالي جو حوالو ٿو لڳي۔​
عيش عشرت ۾ حياتي پنهنجي گذري وئي،​
عشق پنهنجي ئي گناهن جو ازالو ٿو لڳي۔​
من نسيرو ٿو ڪري تنها نگر ۾ روز شب،​
ڪين ساٿي ٿو ملي جذبو جيالو ٿو لڳي۔​
ڪانه عالم جي خبر محمور ايڏو ٿو رهان،​
پيار هن جو مئڪشي جوئي پيالو ٿو لڳي۔​
ڏڻ شهيدن ۽ سپوتن جو ملهايو سڀ گڏي،​
عظمن جي حق ادا جو حق نرالو ٿو لڳي۔​
سوچ هن جي ذهن کي بيدار آهي ائين ڪيو،​
ڄڻ ته ڪو علم و ادب وارو رسالو ٿو لڳي۔​
خواب فاتح ٿي پيا هن روشني عاجز ملي،​
۽ خيالن جو ذهن ۾ هو جمالو ٿو لڳي۔​
(عبدالجبار عاجز منگي)​
 
Back
Top