مسيح مگسي
سينيئر رڪن
ڌرتي منهنجي ماءُ
زاهده گوپانگ
اچ به هن جي ننڍڙي وجود تي اذيتن جا پهاڙ ڪريا هئا. وڏيري جي ڪمدار هنجي جسم تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. هو صرف اندر ئي اندر منجھ ڪڙهندوپڄرندو رهيو. ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. ڇو ته ڪمدار وڏيري جو پالتو هو.هونئن ته صبح جو ساجھر، هو اٿي اچي وڏيري جي اوطاق جي صفائي ڪندو هو۽ پاڻي پڻ ڀريندو هو پر اڄ ننڊ اهڙي وٺي ويس جو خبر تڏهن پيس جڏهنپنهنجي آڳر تي چمڪندڙ سونهري سج تي اوچتو نظر پئجي ويس. ڇرڪ ڀرياٿيو. ”مري ويس.“ هو چپن ۾ ڀڻڪندو اوطاق طرف وڌڻ لڳو. ڪمدار جي ڪرڙيناکين ڏانهن گھوريندي ئي کيس ڄاڻ پئجي وئي، ته اڄ سندس خير ڪونهي. اباڙيمري ويس. خدا جي واسطي سائين رب جي واسطي، اڄ مافي ڏيوم. اڳتي ساجھراٿندس. پڻس ۽ ماڻس هن جي ڄمڻ کان پوءِ ستت وڃي مقام ۾ آرامي ٿيا ۽ هيڇورو ڇنو ڳوٺ جي ماڻهن جي ٿڪن بجن تي پلجي اڍن نون سالن جو مس ٿيوجنهن جو ڪو به وارث نه هوندو آهي، ان جو وارث خدا، نه پر ڳوٺ جو وڏيروهوندو آهي ۽ پوءِ هو وڏيري وٽ نوڪرن وانگي ڪم ڪرڻ لڳو.
ٻن وقتن جي ماني ڳڀي سان گڏ، وڏيري وٽان لعنتون ۽ گاريون کوڙ ملنديونهيس. هيڏي ساري ڳوٺ ۾ ڪو به ته هن جو نه هو. جنهن سان هو انگل ڪري.جيڏي مهل رات جي ڪاراڻ هر طرف پکڙجي ويندي هئي ته هو پنهنجي گهر جيمنهه ۾ پيل ڇنل کٽ تي اڪيلو پاسيرو ستو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته خوفسڄي وجود کي وڻ ويڙهي وانگي وڪوڙي ويندو هوس. اوڏي مهل دل ۾ هلننڍڙي آس ڪر موڙي اٿندي هئس. ڪاش منهنجي به جيجل امڙ هجي ها ته ان جيهنج ۾ منهن لڪائي سمهان ها. مائرون ڪيئن ٿينديون آهن.
هن جي ننڍڙي ذهن ۾ سوال اڀري ايندا هئا. شايد رمون جي امڙ جھڙيون ٿينديونآهن. پر نه.... نه.... رمون جي ماءُ ته مون کي ڪاوڙ ڀرين نظرن سان ڏسنديآهي. اهڙيون کوڙ سوچون سوچيندي ننڊ وٺي ويندي هيس. وڏيري جي اوطاقجو ڪم ڪار لاهي هو سڌو روڊ جي پريان ٺهيل پڪين سرن واري اسڪول ڏانهنهليو ويندو هو. جتي هن جيترا کوڙ ٻارڙا هٿن ۾ ڪتاب ۽ سليٽون کنيو ويٺا لکندا ۽پڙهندا هئا. هي پري کان انهن کي حسرت وارين نگاهن سان بيٺو ڏسندو هو. اهوسندس ڏهاڙي جو معمول بنجي چڪو هو.
هڪ ڏهاڙي هن رمونءَ کي چيو، جيڪو هن جو گھاٽو سنگتي هو. رمون يارمنهنجي به دل چوي ٿي ته مان به پڙهان. رمون هن ڏانهن گول گول اکين سانگھورڻ لڳو، پر پڙهڻ لاءِ ڪتاب گھرجن تو وٽ ته ڪتاب به ڪونهن. هن جو ننڍڙوذهن منجھي پيو. هو پنهنجي پتڪڙي دل چندي هيس ته جيڪر مون وٽ به اهڙوڪتاب هجي ته مان رات جو بتي ٻاري دير تائين ويٺو پڙهان. پوءِ ته ڀو به ڪو نهٿيندو. رمون جا امتحان ٿيا ۽ رمون ٻي درجي ۾ پڙهڻ ويٺو. پهرين درجي جاڪتاب رمون هن کي ڏنا.
ڪتاب ۽ سليٽ هن کي ڇا ملي، ڄڻ خوشين جو خزانو ملي ويس. وڏيري جياوطاق جو ڪم ڪار لاهي اسڪول ويندو هو. هو هاڻي شام جو ڳوٺ جي ننڍڙيهوٽل تي به ڪم ڪندو هو. جنهن جا هن کي ڏهاڙي ٻه رپيا ملندا هئس، جيڪي هولڪائي رکندو هو. ڇو ته ٻي درجي جا ڪتاب به ته هن کي وٺڻا هئا.
وقت رڙهندو رهيو. هوريان هوريان وهندڙ ماٺيڻي ندي وانگي وڌندڙ وقت سانگڏ هو به وڌڻ لڳو. پنج درجا سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ڀر واري شهر جياسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين. ڪورس جي ڪتابن سان گڏ، هو پنهنجيجيجل جي سنڌي ٻولي ۾ نڪرندڙ سنڌي ٻاراڻا رسالا به پڙهڻ لڳو هو، رات جوهاڻي هو جيجل امڙ ڪاڻ نه سوچيندو هو، ڇو ته هن کي هاڻي ڄاڻ پئجي وئيهئي ته سنڌ ڌرتي ئي اسان جي ماءُ آهي.
— with