ڌرتي منهنجي ماءُ

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ڌرتي منهنجي ماءُ
    زاهده گوپانگ
    اچ به هن جي ننڍڙي وجود تي اذيتن جا پهاڙ ڪريا هئا. وڏيري جي ڪمدار هنجي جسم تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. هو صرف اندر ئي اندر منجھ ڪڙهندوپڄرندو رهيو. ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. ڇو ته ڪمدار وڏيري جو پالتو هو.هونئن ته صبح جو ساجھر، هو اٿي اچي وڏيري جي اوطاق جي صفائي ڪندو هو۽ پاڻي پڻ ڀريندو هو پر اڄ ننڊ اهڙي وٺي ويس جو خبر تڏهن پيس جڏهنپنهنجي آڳر تي چمڪندڙ سونهري سج ت
    ي اوچتو نظر پئجي ويس. ڇرڪ ڀرياٿيو. ”مري ويس.“ هو چپن ۾ ڀڻڪندو اوطاق طرف وڌڻ لڳو. ڪمدار جي ڪرڙيناکين ڏانهن گھوريندي ئي کيس ڄاڻ پئجي وئي، ته اڄ سندس خير ڪونهي. اباڙيمري ويس. خدا جي واسطي سائين رب جي واسطي، اڄ مافي ڏيوم. اڳتي ساجھراٿندس. پڻس ۽ ماڻس هن جي ڄمڻ کان پوءِ ستت وڃي مقام ۾ آرامي ٿيا ۽ هيڇورو ڇنو ڳوٺ جي ماڻهن جي ٿڪن بجن تي پلجي اڍن نون سالن جو مس ٿيوجنهن جو ڪو به وارث نه هوندو آهي، ان جو وارث خدا، نه پر ڳوٺ جو وڏيروهوندو آهي ۽ پوءِ هو وڏيري وٽ نوڪرن وانگي ڪم ڪرڻ لڳو.
    ٻن وقتن جي ماني ڳڀي سان گڏ، وڏيري وٽان لعنتون ۽ گاريون کوڙ ملنديونهيس. هيڏي ساري ڳوٺ ۾ ڪو به ته هن جو نه هو. جنهن سان هو انگل ڪري.جيڏي مهل رات جي ڪاراڻ هر طرف پکڙجي ويندي هئي ته هو پنهنجي گهر جيمنهه ۾ پيل ڇنل کٽ تي اڪيلو پاسيرو ستو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته خوفسڄي وجود کي وڻ ويڙهي وانگي وڪوڙي ويندو هوس. اوڏي مهل دل ۾ هلننڍڙي آس ڪر موڙي اٿندي هئس. ڪاش منهنجي به جيجل امڙ هجي ها ته ان جيهنج ۾ منهن لڪائي سمهان ها. مائرون ڪيئن ٿينديون آهن.

    هن جي ننڍڙي ذهن ۾ سوال اڀري ايندا هئا. شايد رمون جي امڙ جھڙيون ٿينديونآهن. پر نه.... نه.... رمون جي ماءُ ته مون کي ڪاوڙ ڀرين نظرن سان ڏسنديآهي. اهڙيون کوڙ سوچون سوچيندي ننڊ وٺي ويندي هيس. وڏيري جي اوطاقجو ڪم ڪار لاهي هو سڌو روڊ جي پريان ٺهيل پڪين سرن واري اسڪول ڏانهنهليو ويندو هو. جتي هن جيترا کوڙ ٻارڙا هٿن ۾ ڪتاب ۽ سليٽون کنيو ويٺا لکندا ۽پڙهندا هئا. هي پري کان انهن کي حسرت وارين نگاهن سان بيٺو ڏسندو هو. اهوسندس ڏهاڙي جو معمول بنجي چڪو هو.
    هڪ ڏهاڙي هن رمونءَ کي چيو، جيڪو هن جو گھاٽو سنگتي هو. رمون يارمنهنجي به دل چوي ٿي ته مان به پڙهان. رمون هن ڏانهن گول گول اکين سانگھورڻ لڳو، پر پڙهڻ لاءِ ڪتاب گھرجن تو وٽ ته ڪتاب به ڪونهن. هن جو ننڍڙوذهن منجھي پيو. هو پنهنجي پتڪڙي دل چندي هيس ته جيڪر مون وٽ به اهڙوڪتاب هجي ته مان رات جو بتي ٻاري دير تائين ويٺو پڙهان. پوءِ ته ڀو به ڪو نهٿيندو. رمون جا امتحان ٿيا ۽ رمون ٻي درجي ۾ پڙهڻ ويٺو. پهرين درجي جاڪتاب رمون هن کي ڏنا.
    ڪتاب ۽ سليٽ هن کي ڇا ملي، ڄڻ خوشين جو خزانو ملي ويس. وڏيري جياوطاق جو ڪم ڪار لاهي اسڪول ويندو هو. هو هاڻي شام جو ڳوٺ جي ننڍڙيهوٽل تي به ڪم ڪندو هو. جنهن جا هن کي ڏهاڙي ٻه رپيا ملندا هئس، جيڪي هولڪائي رکندو هو. ڇو ته ٻي درجي جا ڪتاب به ته هن کي وٺڻا هئا.
    وقت رڙهندو رهيو. هوريان هوريان وهندڙ ماٺيڻي ندي وانگي وڌندڙ وقت سانگڏ هو به وڌڻ لڳو. پنج درجا سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ڀر واري شهر جياسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين. ڪورس جي ڪتابن سان گڏ، هو پنهنجيجيجل جي سنڌي ٻولي ۾ نڪرندڙ سنڌي ٻاراڻا رسالا به پڙهڻ لڳو هو، رات جوهاڻي هو جيجل امڙ ڪاڻ نه سوچيندو هو، ڇو ته هن کي هاڻي ڄاڻ پئجي وئيهئي ته سنڌ ڌرتي ئي اسان جي ماءُ آهي.
    — ‎with
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    آئون جڏهن ستين يا اٺين جماعت ۾ هئس تڏهن کان ”گل ڦل “ رسالي ۾ زاهده گوپانگ جون ڪهاڻيون پڙهن شروع ڪيم۔هن جي لکڻين ۾ سماجي الميو حاوي نظر آيو۔باغي ليکڪا آهي خبر ناهي اڄ ڪلهه ڇو نه پئي لکي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڪهاڻي
     
  4. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين
     
  5. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    مهرباني زاهده گوپانگ جي جنهن هي ڪهاڻي سرجي
     
  6. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سائين لک قرب
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا مسيح مگسي صاحب اسلام عليڪم۔ توهانجي ليک واري ڪهاڻي جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔ علم جي افاديت تي لکيل ڪهاڻي پنهنجو حق ادا ڪيو۔
     
  8. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر

هن صفحي کي مشهور ڪريو