سنڌ ۾ ٿيندڙ سنڌين سان ويساهه گهاتيون

'مقالا' فورم ۾ جميل احمد عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2012۔

  1. جميل احمد عباسي

    جميل احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2010
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ ۾ ٿيندڙ سنڌين سان ويساهه گهاتيون
    (جميل احمد عباسي سيتاروڊ)
    جڏهن پاڪستان جو وجود ئي نه هيو ۽ نه ئي پاڪستان ٺهڻ جو ڪنهن کي تصور هيو تڏهن صدين کان سنڌ سدا شادآباد هئي ۽ هاڻي به سنڌ سکي ستابي سون آهي سنڌ ايتري ته ڀاڳن واري ڌرتي آهي جنهن لاءِ حضور صه جن فرمايو ته مون کي سنڌ مان خوشبو ٿي اچي پر افسوس سان اهي لفظ بيان ٿا ڪيا وڃن ته سنڌ ماءُ مان ملندڙ سون ۽ چاندي تي ڌاريا قبضا ڪري رهيا آهن سنڌ کي کپائي سنڌ جو سودو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڌرتي تي رهندڙ غريب سنڌي ماروڙا ۽ سنڌ امڙ جون نياڻيون سنڌ ماءُ لاءِ رو ئي رهيون آهن ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان بيحد ويساههگهاتيون ٿي رهيون آهن هڪ طرف ڪراچي ۾ نوجوانن جو بيگناهه رت وهايو ٿو وڄي ته ٻئي پاسي سنڌ جي عظيم عورت محترمه بينظيرڀٽو جهڙي ليڊر کي شهيد ٿو ڪيو وڃي، ڪڏهن ته پراسران نمومي بشير خان قريشي سنڌ جي ڏهيسر کي ماريو ٿو وڃي، ڪٿي ته پاٽ جي نياڻي غزالا صديقي تي گوليون هلايون ٿيون وڃن ۽ ڪٿي وري سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن کي ساڙيو ٿيو وڃي. ٻئي طرف نوجوان ويچارا پنهنجو تعليمي ڊگريون کنيون موجوده جهموري حڪومت جي چونڊيل نمائدن جي آفيسن ۽ اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندي نظر اچي رهيا آهن ڪٿي سنڌ جا نوجوان بي روزگاري سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ۽ لاچار آهن ته ڪٿي وري ڪيترين ئي نياڻين جا پيءُ پنهنجي نياڻين جون غربت ۽ بدحالي سبب شادي ڪرائڻ لاءِ بيوس بڻيل آهن ته ڪٿي وري معصوم ننڍڙا ٻارڙا جيڪي مستقبل جا معمار ۽ سنڌ جا گل آهن اهي پني رهيا آهن ڪي نوجوان ويچارا مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ايترا ته وسائل موجود آهن جو جيڪڏهن سنڌ جي هر ماڻهون کي ڪو روزگارڏنو وڃي ته به سنڌ جي وسائل ۾ ڪا به کوٽ نه اچي.. سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآبا، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهون سج لهڻ کان پوءِ امير طبقو ته خوف کان ٻاهر ئي نه ٿو نڪري ڇو ته هو سمجهي ٿو نڪرڻ سان اغوا نه ٿي وڃان ۽ پوءِ جان بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي لکن روپين جو ڀڱ نه ڀروڻو پوي پوءِ به ڪا پڪ نه هوندي اٿس ته ڪا جان بخشي ويندي ان سبب پنهنجي گهرن تائين محدود آهن پر افسوس جو ويلهو ويهنيدڙ غريب به ٻاهر نڪرڻ کان لهرائي ٿو ته ڪٿي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ نه ماريو وڃان !!!
    شهرن ۾ دهشتگردن ماريا ٻهراڙي جا مور سنڌيئڙا شهزور منهنجا ماروئڙا شهزور
    ديس ڌڻين جا گهرڙا ساڙيئون. بي ڪفنا ڪَري مارو ماريئون. ڪنهن نه لڌي پرگهور.
    سنڌيئڙا شهزور منهنجا ماروئڙا شهزور
    هتي مون کي پنهنجي مرشد دلبر سائين جي لکيل ڪتاب ترڪي جي سفر نامي ۾ لکيو آهي ته مان ترڪي ۾ پنجويهه ڏينهن رهيس ۽ ترڪي جا ڪيترائي شهر گهميس پر مون کي پنجويهه ڏينهن ۾ ڪو به پوليس وارو نظر نه آيو مون کي نه ڏينهن جو خوف هو نه ئي رات جو ايتري ۾ مون ڪنهن اتان جي سرڪاري ملازم کان پڇيو ته ترڪي ۾ پوليس نه آهي ڇا؟ ان ٻڌايو ته ترڪي پوليس آهي پر هتي ڪو اهڙو واقعو سالن ۾ ٿئي ته ٿئي جو ترڪي پوليس جي ضرورت پوي نت بس پوءِ دل ۾ خيال آيو ته اسان جي سنڌ ۾ ته هر ڏينهن حادثه معمول بڻيل آهن. اگر ڪو سنڌ جي حق جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي شهيد ڪيو ٿو وڃي. ڪاش سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعا بند ٿي وڃن ۽ هر سنڌي کي تحفظ ڏنو وڄي ۽ هر غريب پر سڪون زندگي گذاري .......................................

    جميل احمد عباسي سيتاروڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جا احساس ۽ خيال وڻيا ۔۔۔ سچ ۽ حق تي مبني لکيل مضمون آهي۔

    اميد ته اوهان جي لکڻ جو هي سلسلو جاري رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو