نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو، السلام عليڪم، پيش آهي هڪڙو مٺڙو آواز جنهن جي آواز مان مونکي هميشهه لاڙ پاسي کان ايندڙ ڏکڻ جي هيرُن جي هُڳاءُ محسوس ٿيندو آهي، سنڌ فنڪار محترم الهڏنو جوڻيجو، مهان شاعر مرحوم شيخ اياز جو گيت ”ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون“ چئي رهيو آهي ، هي گيت سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي شاعري ۽ گيت جي حوالي سان ستين پيش ڪش آهي، ساٿيو هن گيت کي فلمبندي اسان جي ڪئمرا مين دوست ماستر عبدالغفور سمون فرام هوسڙي شهر جن ڪئي آهي، هن وڊيو جي ايڊيٽنگ سنڌ سلامت جي ميمبر دوست محمد جمن شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته هن گيت کي مڪمل ڪرڻ واريون هدايتون مطلب ڊائريڪشن مُنهنجون آهن ، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي هن بهترين گيت کي فلمبند ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اسين ٿورائتا آهيون سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جي سيڪريٽري جناب سليم سنڌي سمون جن جا ، جن پنهنجي والد بزرگوار مرحوم نور محمد نُور سمون مرحوم جي ورسي ۽ ڪتاب ”سوچن جو سفر“ جي مهورت واري تقريب ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم کي انهن گيتن کي فلمبند ڪرائڻ ۾ تعاون ڪرڻ فرمايو۔
پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي ستين پيش ڪش سنڌ فنڪار محترم الهڏنو جُوڻيجو(گيت ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون ۔