گوگل طرفان ليڊي ادا لَوليس کي خراج

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄ صبح گوگل سرچ انجڻ کولي ڏٺم ته گوگل وارن جو ڊوڊل (doodle) * نظر آيو جيڪو گوگل طرفان ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace کي سندس سالگره تي خراج طور پيش ڪيو ويو.

    [​IMG]

    اڄ کان تقريبن 2 صديون پهريان ڊسمبر 10، 1815 تي جنم وٺندڙ ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي۔ 1843 ۾ هن چارلس بيبيج جي تجزياتي انجڻ لاء پهريون الگوردم (algorithm)** شايع ڪرايو۔ يعني پهرين ڪمپيوٽر جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ صدي پهريان هن محترمه ڏيکاري ڇڏيو ته مستقبل ۾ بيشمار ڪم هڪ مشين پروگرامرن جي تخليق جي زور تي اُڪلائيندي۔
    [​IMG]

    وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جو تجسس رکو ٿا ته هن گوگل جي بلاگ تي هيٺين لنڪ تي وڃو...
    http://goo.gl/zL9Ar

    ------

    * گوگل جي ويب سائيٽ تي گوگل جي logo جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن دلچسپ تصويرون نظر اينديون آهن. انهن کي گوگل ڊوڊل چئجي ٿو. جيئن هن پوسٽ جي شروع ۾ تصوير ڏني وئي آهي۔

    ** الگوردم algorithm : ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهڻ لاءِ ڪيل حساب ۽ عمل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان اڪثر ڪري شين کي نظر انداز ڪري ويندا آهيون يا ڪي ڪي شيون ته فضول به لڳنديون آهن (مثال طور اڪائونٽ وغيره ٺاهڻ وقت اميج ۾ ٽيڙها سيڙها اکر هيٺ لکڻ لاءِ چوڻ) پر انهن جي اهميت هوندي ضرور آهي۔ گوگل تي اهو ڪم به ايئن ئي ڏسبو آهي پر ايئن هوندو ناهي۔

    بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو جو اوهان اها قيمتي ڄاڻ مهيا ڪئي۔

    اسان ته بس گوگل تي تبديل ٿيندڙ تصويرون ڏسي به پنهنجي ڪم کي لڳي ويندا آهيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو