السلام عليڪم دوستو! اُميد آهي ته توهان سکڻ جي مضبوط ارادي سان، پهرين ڏنل لنڪس تان ڪورل ڊرا ڊائون لوڊ ڪري اُن کي رجسٽر ڪري ورتو هوندو ۽ جيڪڏهن رجسٽر نه پر تڏهن به ڪورل جو ٽرائيل ورزن به 15 ڏينهن تائين اوهان کي ڪورل سکڻ جي سهولت مهيا ڪندو۔ سڀ کان پهرين اڄ اسين ڪورل ڊرا کي اوپن ڪرڻ ۽ سندس مُختلف جُزن ( يعني حصن ) جي ڄاڻ مٿانهين نموني حاصل ڪنداسين، ڇو ته شروع ۾ هميشه هلڪو هٿ رکبو آهي، پهرين ڪورل ڊرا کي اوپن ڪريو، هن ريت اسڪرين سامهون ايندي ( ڏسو تصوير ) هن کي اسان ويلڪم اسڪرين چوندا آهيون، جنهن ۾ ڪورل ڊرا کي هَلائڻ جي لاءِ مُختلف ٽپس موجود هُجن ٿيون ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن فائل تي پهرين ڪم ڪري چُڪا آهيو ته اُن جو لِنڪ به هوندو آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان آسانيءَ سان اُها فائل کُلي ويندي۔ wslam
مٿين ونڊو بند ڪرڻ کان پوءِ توهان Control + N جو بٽڻ پريس ڪندا ته ڪورل ڊرا جي نئين فائل کُلي ايندي. ( ڏسو هي تصوير ) هن اسڪرين ۾ مون توهان لاءِ مُختلف پارٽس کي آئوٽ لائن ڪيو آهي جن جي مختصر ڄاڻ هن طرح آهي۔۔ 1) مينيو بار : جهڙي طرح ٻين سافٽ ويئرز جي اندر مينيو بار موجود هُجي ٿو، اهڙي طرح ڪورل ڊرا به مينيو بار رکي ٿو جنهن جو هر مينيو ڪورل ڊرا جي ورڪنگ جي حساب سان پنهنجي اندر مُختلف ڪمانڊس رکي ٿو۔ هن پوري بار تي تفصيل سان بعد ۾ ڳالهائبو۔۔ 2) اسٽينڊرڊ بار : هر سافٽ ويئر جي اسٽينڊر بار جي طرح ڪورل ڊرا ۾ به هڪ اسٽينڊرڊ بار آهي، جنهن ۾ نئين فائل کولڻ، پهرين ٺاهيل فائل کي کولڻ، ڪٽ، ڪاپي، پيسٽ، اِمپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جون ساڳيون ڪمانڊس آهن باقي هڪ ڪمانڊ لائونچ نيو پروگرام کي اسان ڪورل جي ٻين سافٽ ويئرس (ڦوٽو پينٽ، فونٽ نيوي گيٽر ) جي لائونچ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون
ادا ڄامشورائي، يار اوهان جا لکين قرب جو توهان سنڌ سلامت جي ساٿ کي ڪورل ڊرا پيا سکاريو الله سائين اوهان کي ان جو اجر عطا فرمائيندو ۔۔۔۔ باقي پاڻ آفيس جي ڪمن ۾ ايترو ته مشغول هوندا آهيون جو ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي۔۔۔۔ گهر ۾ پي سي آهي ڪونه ڇا ڪجي۔۔ بس هاڻي جيڪي اوهان سبق ڏيندا ويندا اهي پاڻ وٽ محفوظ ڪندا وينداسين۔ جڏهن سگهه سمجهي سين ته پوءِ پنهنجو پي سي وٺبو۔۔۔۔
3) پراپرٽي بار : هن بار جي اندر توهان مُختلف آئٽمس يا ٽُولس جي پراپرٽي ۽ پيراميٽر سيٽ ڪري سگهوٿا ۽ ڏسي سگهو ٿا، ڊفالٽ جي طور هي ورڪ اسپييس جون پراپرٽيز ڏيکاري ٿو، جيئن پيج سائز، اُن جي ويڪر، ڊيگهه، لينڊ اسڪيپ آهي يا پورٽريٽ، ڊاڪومينٽ سائز ماپڻ جو يونٽ ڪهڙو آهي؟ هن جي تفصيل ڊاڪومنٽ تي ڪم ڪرڻ کان بعد ڏبي۔۔۔ 4) : ٽُول بار: هن حصي ۾ مُختلف ٽولز آهن، جن جي مدد سان توهان ڊاڪومينٽ ۾ اميجز ۽ ڊرائنگ تي ڪم ڪري سگهو ٿا، سليڪشن، ايرو، پوائنٽ لائن، ويو وغيره ته ساڳيا آهن جيڪي ڦوٽو شاپ ۾ هُجن ٿا پر هن جا سڀ ٽُولز اهميت وارا آهن،۔ انشاءَ الله هر ٽُول جي لاءِ الڳ ڪلاس۾ ڪم ڪنداسين۔ 5) ڪلر پليٽ : جيئن ته ڏسڻ مان ئي خبر پوي ٿي ته هن سان اسان پنهنجي ڊاڪومينٽ جي اندر مُختلف ڪلرس ڀري سگهون ٿا۔۔ هي ڪا ننڍي شئي نه آهي، هن تي ڪيترا به سبق لکون پر گهٽ آهن۔۔ ان جي به تفصيل انشاءَ الله توهان اڳئين سبقن ۾ پڙهندو۔ 6 ) ورڪ اسپيس : هن ايريا ۾ توهان مُختلف اميجز ۽ ڊرائنگ جو ڪم ڪري سگهو ٿا، مُختصر طرح ته جيڪو اميج وغيره اسان ٺاهڻ چاهيون ٿا هن ئي ايريا ۾ ٺهي ٿو ۽ پرنٽ به فقط اِن ئي ايريا جي ٿئي ٿي جنهن جي چوڌاري بارڊر ڏنل آهن۔۔۔ اُميد ته توهان کي هن سبق مان بيسڪ ڳالهيون خبر پئجي ويون هونديون، انشاءَ الله اڳئين سبق ۾ اسان باقاعده ڪم ڪري سگهون ٿا۔۔
مهرباني زاهد صاحب ! اوهان دوستن لاءِ ئي هي ڪم ڪريون پيا۔۔ بس ڪلاسن ۾ حاضري ڀريندا رهو ۽ ڪمينٽس ڏيندا رهو باقي هَوم ورڪ جيڪي دوست ڪن اُهي پنهنجو نالو لکرائيندا وڃن۔۔wslam۔
Wah yar asad! Mhrbani jani jo tun asaan jahrran jadan jahazan khe coral pyo sekharin, mhnji halat bhi ade zahid jahrri ahe jahn khan tun change namune wakif ahin. Baqi dua kr.... Ta jald free thi vegas ware video tutorial jo dhamako kayun.
ادا ڄامشورائي صاحب تمام بهترين سمجھاڻي آهي اسان ته توهان جي ڪلاس ۾ باقائده شرڪت ڪندا سين اميد ته سلسله کي جاري رکندا تمام پياري شئيرنگ آهي مهرباني لک لائقshal judy hujeenshal judy hujeen
بس ادا مصروف ته هرڪو آهي، بس اسان ئي واندا آهيون۔۔ يار وڄائي ڇڏيئي، تون ڇڙو ماڻهو مصروف آهين بس انشاءَ الله هي سلسلو روڪبو نه۔۔ هن فورم تي هر بهترين سافٽ ويئر جو ٽيوٽرل رکڻو آهي
پر مٺا ڄامشورائي اسان جهڙا جهونا موڳا مٽر اسي مت کسي جيڪي ريٽائرمينٽ واري زندگي پيا گُذارين جن جي نه نظر صحيح ۽ نه وري ٻُڌڻ واري سگهه جاندار اهي بس 4 (فور) مائنس جو چشمو لڳائي آڏو ابتو توهان واري پوسٽ پڙهي صرف ” ٺران ، ٺران، ٺران جو ئي نعرو لڳائي سگهن ٿا۔ پنهنجي ڇوٽوئن کي سڏ ڪري چيم ته پُٽ هي ڪورل ڊرا سکي وٺو ڏاڍو بهترين ڪم واري شيءَ اٿو، پر چيائون ته ابُو اسان ته ٻار آهيون اسان کي سکڻ لاءِ گهڻي عمر آهي، توهان سکو، ۽ پوءِ اسان توهان کي سکي وٺنداسين۔ سو اچي نڪتا آهيون توهان جي ڪلاس ۾، ادا ابو واصف اهو ڪهڙو ٽيوٽرل شروع ڪيو هو ها ياد آيو ايڊوب يا ايڊوبي وارو ان جي به سڀ ڪلاسن ۾ حاضري ڀري سين پر مغز جاءِ تي نه هُجڻ جي ڪري سموري ٽيسٽن ۾ ڊبل زيرو کنيوسين۔ هاڻي آسرو مولا ۾ آهي، ڏسون ٿا توهان جي ڪورل ٽيسٽن ۾ ڪيتريون ٿيون مارڪون ملن۔ خير اسان جو خير آهي، پر سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست توهان جي انهيءَ ٽيوٽرل مان ڪافي سارو لاڀ حاصل ڪندا۔ اسان جون دعائون هيمشهه توهان سان گڏ آهن۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔
نثار سائين۔۔۔! توهان جهڙا سينيئر ماڻهو اسان جي لاءِ ڪنهن اداري جي حيثيت کان گهٽ نه آهن، HaqMojood باقي سائين منهنجا ٽيوٽرل به انشاءَ الله شروعات کان ئي هر ماڻهو کان سمجهه ۾ ايندا۔۔ مان ڪوشش ڪري بيسڪ ليول جون ڳالهيون ڏسي رهيو آهيان۔۔ نه ته مان چاهيان ته ڊائريڪيٽ ڪورل جي ٽولز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪريان ها۔۔
دير سان حاضري ڀرڻ لاءِ معذرت.... بهترين سمجهاڻي آهي، هاڻي ٻئي سبق جو انتظار آهي. ٻئين سبق سان گڏ هوم ورڪ ڏيڻ نه وسارجو..... هوم ورڪ لاءِ آئون پنهنجو نالو لکرايان ٿو.
توهان جي سبقن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڃان اسان ۾ گهڻي ڪمي آهي، جيڪا انشاء الله توهان جي سبقن مان پوري ٿيندي. مون واقعي هن پهرين سبق مان گهڻو لاڀ لڌو آهي. پاڻ اڃان سيکراٽ آهيون استاد سائين.....
سائين اسان جي غريباڻي ڪوشش آهي، نه ڪنهن نسٽيٽيوٽ تان سکيا آهيون، ۽ نه وري ڪورل ڊرا جي سلسلي ۾ ڪنهن کان اُستادي ورتي سين۔۔۔ بس جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته معاف ڪجو۔۔۔
سائين ماشآء تمام بهترين ڪوشش آهي اميد ته اسان کي به گهڻو ڪجهه فائدو حاصل ٿيندو ليڪن ادا عرض ته ٽائيم ڪڍي جلدي جلدي پيرڊ وٺندا نه ته اڳيون سبق وسري ويندو پوء ته ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ مقدر بنجي پوندو
ادا ڄامشورائي توهان جو هي ٽٽوريل پڙهي ڪري اصل دل باغ باغ ٿئي وئي ڇو جو پاڻ ڪورل مان ڄاڻو ئي ڪونه ان توهان جي سبقن مان فقير ڏاڍو لاڀ حاصل ڪندو ادا اسد توهان جي ٽٽوريل جي جيتري تعريف ڪجي سان گهٽ ٿيندي مهرباني ادا اسد
سائين توهان جي تعريف اسان جا سمورا ٿڪ لاهيو ڇڏي، مهرباني۔۔۔ بس انشاءَالله جلدي جلدي اهي ٽيوٽرل پوسٽ ڪندس، جن سان توهان دوستن کي ڪورل ڊرا جي وڌيڪ فيچرس جي خبر پوي