سبق پهريون: ڪورل ڊرا جي شروعات

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو! اُميد آهي ته توهان سکڻ جي مضبوط ارادي سان، پهرين ڏنل لنڪس تان ڪورل ڊرا ڊائون لوڊ ڪري اُن کي رجسٽر ڪري ورتو هوندو ۽ جيڪڏهن رجسٽر نه پر تڏهن به ڪورل جو ٽرائيل ورزن به 15 ڏينهن تائين اوهان کي ڪورل سکڻ جي سهولت مهيا ڪندو۔
    سڀ کان پهرين اڄ اسين ڪورل ڊرا کي اوپن ڪرڻ ۽ سندس مُختلف جُزن ( يعني حصن ) جي ڄاڻ مٿانهين نموني حاصل ڪنداسين، ڇو ته شروع ۾ هميشه هلڪو هٿ رکبو آهي،

    پهرين ڪورل ڊرا کي اوپن ڪريو، هن ريت اسڪرين سامهون ايندي ( ڏسو تصوير )
    [​IMG]
    هن کي اسان ويلڪم اسڪرين چوندا آهيون، جنهن ۾ ڪورل ڊرا کي هَلائڻ جي لاءِ مُختلف ٽپس موجود هُجن ٿيون ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن فائل تي پهرين ڪم ڪري چُڪا آهيو ته اُن جو لِنڪ به هوندو آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان آسانيءَ سان اُها فائل کُلي ويندي۔
    wslam
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مٿين ونڊو بند ڪرڻ کان پوءِ توهان Control + N جو بٽڻ پريس ڪندا ته ڪورل ڊرا جي نئين فائل کُلي ايندي. ( ڏسو هي تصوير )
    [​IMG]

    هن اسڪرين ۾ مون توهان لاءِ مُختلف پارٽس کي آئوٽ لائن ڪيو آهي جن جي مختصر ڄاڻ هن طرح آهي۔۔
    1) مينيو بار :
    جهڙي طرح ٻين سافٽ ويئرز جي اندر مينيو بار موجود هُجي ٿو، اهڙي طرح ڪورل ڊرا به مينيو بار رکي ٿو جنهن جو هر مينيو ڪورل ڊرا جي ورڪنگ جي حساب سان پنهنجي اندر مُختلف ڪمانڊس رکي ٿو۔ هن پوري بار تي تفصيل سان بعد ۾ ڳالهائبو۔۔
    2) اسٽينڊرڊ بار :
    هر سافٽ ويئر جي اسٽينڊر بار جي طرح ڪورل ڊرا ۾ به هڪ اسٽينڊرڊ بار آهي، جنهن ۾ نئين فائل کولڻ، پهرين ٺاهيل فائل کي کولڻ، ڪٽ، ڪاپي، پيسٽ، اِمپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جون ساڳيون ڪمانڊس آهن باقي هڪ ڪمانڊ لائونچ نيو پروگرام کي اسان ڪورل جي ٻين سافٽ ويئرس (ڦوٽو پينٽ، فونٽ نيوي گيٽر ) جي لائونچ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا ڄامشورائي، يار اوهان جا لکين قرب جو توهان سنڌ سلامت جي ساٿ کي ڪورل ڊرا پيا سکاريو الله سائين اوهان کي ان جو اجر عطا فرمائيندو ۔۔۔۔ باقي پاڻ آفيس جي ڪمن ۾ ايترو ته مشغول هوندا آهيون جو ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي۔۔۔۔ گهر ۾ پي سي آهي ڪونه ڇا ڪجي۔۔ بس هاڻي جيڪي اوهان سبق ڏيندا ويندا اهي پاڻ وٽ محفوظ ڪندا وينداسين۔ جڏهن سگهه سمجهي سين ته پوءِ پنهنجو پي سي وٺبو۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    3) پراپرٽي بار :
    هن بار جي اندر توهان مُختلف آئٽمس يا ٽُولس جي پراپرٽي ۽ پيراميٽر سيٽ ڪري سگهوٿا ۽ ڏسي سگهو ٿا، ڊفالٽ جي طور هي ورڪ اسپييس جون پراپرٽيز ڏيکاري ٿو، جيئن پيج سائز، اُن جي ويڪر، ڊيگهه، لينڊ اسڪيپ آهي يا پورٽريٽ، ڊاڪومينٽ سائز ماپڻ جو يونٽ ڪهڙو آهي؟ هن جي تفصيل ڊاڪومنٽ تي ڪم ڪرڻ کان بعد ڏبي۔۔۔
    4) : ٽُول بار:
    هن حصي ۾ مُختلف ٽولز آهن، جن جي مدد سان توهان ڊاڪومينٽ ۾ اميجز ۽ ڊرائنگ تي ڪم ڪري سگهو ٿا، سليڪشن، ايرو، پوائنٽ لائن، ويو وغيره ته ساڳيا آهن جيڪي ڦوٽو شاپ ۾ هُجن ٿا پر هن جا سڀ ٽُولز اهميت وارا آهن،۔ انشاءَ الله هر ٽُول جي لاءِ الڳ ڪلاس۾ ڪم ڪنداسين۔
    5) ڪلر پليٽ :
    جيئن ته ڏسڻ مان ئي خبر پوي ٿي ته هن سان اسان پنهنجي ڊاڪومينٽ جي اندر مُختلف ڪلرس ڀري سگهون ٿا۔۔ هي ڪا ننڍي شئي نه آهي، هن تي ڪيترا به سبق لکون پر گهٽ آهن۔۔ ان جي به تفصيل انشاءَ الله توهان اڳئين سبقن ۾ پڙهندو۔
    6 ) ورڪ اسپيس :
    هن ايريا ۾ توهان مُختلف اميجز ۽ ڊرائنگ جو ڪم ڪري سگهو ٿا، مُختصر طرح ته جيڪو اميج وغيره اسان ٺاهڻ چاهيون ٿا هن ئي ايريا ۾ ٺهي ٿو ۽ پرنٽ به فقط اِن ئي ايريا جي ٿئي ٿي جنهن جي چوڌاري بارڊر ڏنل آهن۔۔۔
    اُميد ته توهان کي هن سبق مان بيسڪ ڳالهيون خبر پئجي ويون هونديون، انشاءَ الله اڳئين سبق ۾ اسان باقاعده ڪم ڪري سگهون ٿا۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو

    مهرباني زاهد صاحب ! اوهان دوستن لاءِ ئي هي ڪم ڪريون پيا۔۔ بس ڪلاسن ۾ حاضري ڀريندا رهو ۽ ڪمينٽس ڏيندا رهو باقي هَوم ورڪ جيڪي دوست ڪن اُهي پنهنجو نالو لکرائيندا وڃن۔۔wslam۔
     
  6. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Wah yar asad! Mhrbani jani jo tun asaan jahrran jadan jahazan khe coral pyo sekharin, mhnji halat bhi ade zahid jahrri ahe jahn khan tun change namune wakif ahin. Baqi dua kr.... Ta jald free thi vegas ware video tutorial jo dhamako kayun.
     
  7. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڄامشورائي صاحب تمام بهترين سمجھاڻي آهي
    اسان ته توهان جي ڪلاس ۾ باقائده شرڪت ڪندا سين اميد ته سلسله کي جاري رکندا
    تمام پياري شئيرنگ آهي مهرباني لک لائقshal judy hujeenshal judy hujeen
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بس ادا مصروف ته هرڪو آهي، بس اسان ئي واندا آهيون۔۔ يار وڄائي ڇڏيئي، تون ڇڙو ماڻهو مصروف آهين :D
    بس انشاءَ الله هي سلسلو روڪبو نه۔۔
    هن فورم تي هر بهترين سافٽ ويئر جو ٽيوٽرل رکڻو آهي
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پر مٺا ڄامشورائي اسان جهڙا جهونا موڳا مٽر اسي مت کسي جيڪي ريٽائرمينٽ واري زندگي پيا گُذارين جن جي نه نظر صحيح ۽ نه وري ٻُڌڻ واري سگهه جاندار اهي بس 4 (فور) مائنس جو چشمو لڳائي آڏو ابتو توهان واري پوسٽ پڙهي صرف ” ٺران ، ٺران، ٺران جو ئي نعرو لڳائي سگهن ٿا۔ پنهنجي ڇوٽوئن کي سڏ ڪري چيم ته پُٽ هي ڪورل ڊرا سکي وٺو ڏاڍو بهترين ڪم واري شيءَ اٿو، پر چيائون ته ابُو اسان ته ٻار آهيون اسان کي سکڻ لاءِ گهڻي عمر آهي، توهان سکو، ۽ پوءِ اسان توهان کي سکي وٺنداسين۔ سو اچي نڪتا آهيون توهان جي ڪلاس ۾، ادا ابو واصف اهو ڪهڙو ٽيوٽرل شروع ڪيو هو ها ياد آيو ايڊوب يا ايڊوبي وارو ان جي به سڀ ڪلاسن ۾ حاضري ڀري سين پر مغز جاءِ تي نه هُجڻ جي ڪري سموري ٽيسٽن ۾ ڊبل زيرو کنيوسين۔ هاڻي آسرو مولا ۾ آهي، ڏسون ٿا توهان جي ڪورل ٽيسٽن ۾ ڪيتريون ٿيون مارڪون ملن۔ خير اسان جو خير آهي، پر سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست توهان جي انهيءَ ٽيوٽرل مان ڪافي سارو لاڀ حاصل ڪندا۔ اسان جون دعائون هيمشهه توهان سان گڏ آهن۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    نثار سائين۔۔۔! توهان جهڙا سينيئر ماڻهو اسان جي لاءِ ڪنهن اداري جي حيثيت کان گهٽ نه آهن، HaqMojood
    باقي سائين منهنجا ٽيوٽرل به انشاءَ الله شروعات کان ئي هر ماڻهو کان سمجهه ۾ ايندا۔۔ مان ڪوشش ڪري بيسڪ ليول جون ڳالهيون ڏسي رهيو آهيان۔۔ نه ته مان چاهيان ته ڊائريڪيٽ ڪورل جي ٽولز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪريان ها۔۔
     
  11. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    دير سان حاضري ڀرڻ لاءِ معذرت....

    بهترين سمجهاڻي آهي، هاڻي ٻئي سبق جو انتظار آهي. ٻئين سبق سان گڏ هوم ورڪ ڏيڻ نه وسارجو.....

    هوم ورڪ لاءِ آئون پنهنجو نالو لکرايان ٿو.
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني ادا ۔۔۔۔
    باقي مان پنهنجي اُستاد کي ڪيئن هوم ورڪ ڏيان۔۔۔ asul matt
     
  13. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    توهان جي سبقن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڃان اسان ۾ گهڻي ڪمي آهي، جيڪا انشاء الله توهان جي سبقن مان پوري ٿيندي. مون واقعي هن پهرين سبق مان گهڻو لاڀ لڌو آهي.

    پاڻ اڃان سيکراٽ آهيون استاد سائين.....
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اسان جي غريباڻي ڪوشش آهي، نه ڪنهن نسٽيٽيوٽ تان سکيا آهيون، ۽ نه وري ڪورل ڊرا جي سلسلي ۾ ڪنهن کان اُستادي ورتي سين۔۔۔ بس جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته معاف ڪجو۔۔۔
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ماشآء تمام بهترين ڪوشش آهي اميد ته اسان کي به گهڻو ڪجهه فائدو حاصل ٿيندو ليڪن ادا عرض ته ٽائيم ڪڍي جلدي جلدي پيرڊ وٺندا نه ته اڳيون سبق وسري ويندو پوء ته ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ مقدر بنجي پوندو
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بلڪل ادا۔۔۔ اڄ مان صبح ئي ٻيو سبق پوسٽ ڪريان ها پر ڪجهه ڪم ٿي ويو رات تائين ٻيو سبق پوسٽ ڪري ڇڏيندس
     
  17. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ٻيو سبق به پهرين سبق وانگر دلچسپ آهي.
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني سائين۔۔
     
  19. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڄامشورائي توهان جو هي ٽٽوريل پڙهي ڪري اصل دل باغ باغ ٿئي وئي ڇو جو پاڻ ڪورل مان ڄاڻو ئي ڪونه ان توهان جي سبقن مان فقير ڏاڍو لاڀ حاصل ڪندو
    ادا اسد توهان جي ٽٽوريل جي جيتري تعريف ڪجي سان گهٽ ٿيندي

    مهرباني ادا اسد
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين توهان جي تعريف اسان جا سمورا ٿڪ لاهيو ڇڏي، مهرباني۔۔۔ بس انشاءَالله جلدي جلدي اهي ٽيوٽرل پوسٽ ڪندس، جن سان توهان دوستن کي ڪورل ڊرا جي وڌيڪ فيچرس جي خبر پوي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو