کاهوڙي ڪردار مرحوم نور محمد زئور‎

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2012۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]کاهوڙي ڪردار مرحوم نور محمد زئور‎

    رسول بخش جوڻيجو

    هن ڌرتي جي گولي تي ڪيترن ئي هستين جنم ورتو ۽ هر ماڻهو پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري هليو ويو۔ جن ماڻهن هن ڌرتي تي عظيم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ جيڪي پنهنجي علائقي ۽ ديس واسين جي حقن جو آواز بڻيا انهن جو نانء تارخ جي سونهري اکرن ۾ سر فهرست آهي۔ انهن ئي ماڻهن ۾ ٽنڊي باگي جو مرحوم نور محمد زنؤرعرف لطيف بلوچ به هڪ بي مثال ڪردار آهي۔
    نور
    محمد زنؤر پهرين آگسٽ 1957ع ۾ ٽنڊي باگي ويجهو ڳوٺ حاجي احمد زنؤر ۾ جنم ٿيو ، ۽ سندس ٻاروتڻ جي وهي به اتي ئي گذاري۔
    پاڻ ماٺيڻي طبعيت جا مالڪ هئا، جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارا ۽ مظلوم طبقي جي ماڻهن ۽ دوستن سان پيار ۽ پاٻوهه پيش اچڻ ته سندس فطرت ۾ شامل هو۔ پر جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو هجي وطن ڪارڊ ۽ امداد لاء واجهائيندڙ ماروئڙن تي پوليس جو لٺيون وسنديون هجن ۽ پوڙهن ، بزرگن ضعيف عورتن ۽ معصوم بارڙا پوليس جا ڌڪا کائيندا هجن ته ان وقت سندس چهري تي وقت جي حڪمرانن لاء نفرت جي هڪ لهر ڇائنجي ويندي هئي ، هونهن تا نرم مزاجي وارو ماڻهو هو پر پنهنجي جزباتي تقريرن ۾ ماروئڙن هکي در در تي پنڻ تي مجبور ڪندڙ حڪمرانن کي نفرت جي اظهار ۾ حڪمرانن تي ڇوهه ڇنڊيندو هو۔

    https://fbcdn-sphotos-g-a.akamaihd.net/hphotos-ak-ash4/383810_318800098147526_289185733_n.jpg

    نور محمد زنؤر قومي ڪارڪن سان گڌ هڪ استاد به هو جنهن علائقي ۾ هن جو جنم ٿيو، اهو علائقو لاعلمي ۽ جاهلت جي اونداهي ۾ ٻڌل هو۔ جتي نياڻيون پڙهائڻ ته ڪفر سمجهيو ويندو هو، هن هڪ استاد جي حيثيت ۾ ان جاهلت واري رسم کي ختم ڪرڻ لاء ۽ علم جي روشني ڦهلائڻ جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي۔ جڏهن هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪيوته اتي جي ماڻهن طعنا ڏيڻ شروع ڪيا پر پوء به هن جا حوصلا هماليد وانگر بلند هئا ، هن ماڻهن جي ڳالهين تي غور نه ڪيو ۽ پوء ماڻهن ڏٺو آهستي آهستي ان علائقي ۾ تعليمي انقلاب اچي ويو۔ اتي جي انهن ماڻهن به پنهنجون نياڻيون اسڪول موڪلڻ شروع ڪيون جي نور محمد تي ٽوڪون ڪندا هئا ، پر پوء هنن ماڻهن کي به احساس ٿيو ته نياڻين جي تعليم پرائڻ کان بغير سماج جي ترقي ناممڪن آهي۔ آخرڪار نور محمد زنؤر جي ڪاوشن رنگ لاتو ۽ ٽندي باگو جو علائقو نياڻين جي تعليم جي زيور سان سرشار ٿي ويو۔
    سندس ئي ڀائيٽي ادي ثمرين زنؤر جي چوڻ مطابق ته جڏهن هنن جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ٺهيو پئي پر پلاٽ نه مليو ڳوٺ جي ٻين ماڻهن پلاٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هن ڇاتي تي هٿ رکندي پنهنجو پلاٽ پرائمري اسڪول لاء ڏيئي ڇڏيو۔
    نور محمد زنؤر سياست جي شروعات پاڪستان پيلز پارٽي کان ڪئي جڏهن ذولفقار علي ڀٽو پ پ جي چئيرمين هو۔ هن پ پ ۾ به شاندار جدوجهد ڪئي، ذولفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوء هن پ پ کي الوداع ڪيو ، ان وقت سنڌ ۾ زلفي ڀٽو کي ضيائي دؤر جي مارشل لا ۾ ڦاهي ڏيڻ جي اعلان کان پوء پ پ خاموشي ٿي ويئي ، ۽ سنڌ ۾ صرف عوامي تحريڪ جي اڳواڻن شهيد عوام فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي ڀٽو بچايو تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ۽ عوامي تحريڪ جي آيم آر ڊي جي تحريڪ ۾ شاندار جدوجهد ۽ شهيد عوام فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي جي اڻٿڪ محنت ، انهن جو پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاء لاء ڪوٽ لکپت جا قيد ، سنڌي قوم لاء بي انتها پيار ، محبت ڏسي ۽ پارٽي پاليسي کان متاٿر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو۔
    نور محمد زنؤر عوامي تحريڪ ۾ اچڻ کان پوء ڪالاباغ ڊئم خلاف بدين ۾ پرامن ڌرڻا هنيا ، ان کانسواء ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء ۽ ٻين بي شمار جدوجهد ۾ سٺو ڪردار ادا ڪرين سنڌ ڌرتي جو قرض چڪائي ويو۔ نور محمد کي جتي به سندس پارٽي ۽ قائد جو سڏ ٿيو ٿياتي مانجهي مڙس وانگر سڀ کان اڳ پهتو ٿي۔ ننگرپارڪر ۾ امر روپلو ڪولهي جي ورسي هجي يا ڪنڌڪوٽ يا غوثپور ۾ ٻوڏ ۾ ٽٽل بندن جي مرمت نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هجي يا بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج هجي ، جشن لطيف جا ڏهاڙا هجن يا پيادل لانگ مارچون هجن يا وري عوامي تحريڪ ۽ قومپرستن جون سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي هڙتالون هجن۔ انهن سمورين جدوجهدن ۾ مرحوم نور محمد زنؤر هڪ ذميوار اڳواڻ جي حيثيت ۾ پاڻ ملهايو۔
    هن شخص پاڙي وارن توڙي ڳوٺاڻن ، مزدورن ۽ پورهيتن جي کلي دل سان مدد ڪندو هو ۽ جڏهن هي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر ٻڻيو ته ان وقت هن مزدورن جي حقن لاء آواز اٿاريو مزدورن جون سڄي سنڌ ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائي سنڌي مزدورن کي منظم ڪيو ۽ انهن پنهنجن بنيادي حقن بابت اجاگر ڪيو۔
    بدين ضلعي ۾ مرحوم حڪيم هاليپوٽو ۽ نور محمد زنؤر اتي جي ماڻهن جو سهارو بڻيل هئا، حڪيم هاليپوٽو جي اوچتي وڇوڙي کانپوء حڪيم مرحوم جون ذميوريون به مرحوم نور محمد سنڀاليون۔ بدين ضلعي ۾ فاضل راهو ، حڪيم هاليپوٽو ۽ نور محمد زنؤر هن سفر سنڌين کي اڪيو ڇڏي وڃڻ کانپوء هڪ وڏو خال رهجي ويو آهي۔ هنن جي وڇوڙي کانپوء نه صرف هنن جي گهر وارن کي ۽ پارٽي ڪارڪنن کي پر انهن کي به صدمو مليو جن پرهيتن هارين جي حقن لاء سراپا احجاج بڻيل هئا۔ اهي اسان جا اڳواڻ انهن پرهيتن لاء هڪ وڏو سهارو بڻيل هئا۔ فاضل راهو ، حڪيم هالپوٽو ۽ نور محمد زنؤر جهڙا ڪردار سنڌ جي ماڻهن کي ڪڏهن به نه وسرندا ، هنن جو ڪيل تاريخي جدوجهدون سدائين ياد رهنديون ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي قوم پنهنجي اهڙِ محسنن کي ياد رکندي ۔۔۔۔ جيئن اوهان ياد رکيو آهي۔

    لک ٿورا اوهان سنڌ جي سڄڻ بابت تفصيل اسان سان ونڊ ڪيا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو