بلاگر جي لي آئوٽ جي باري ۾.

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مونکي انتهائي خوشي ٿي ٿئي جو ڪجهه ئي هفتن ۾ اسان دوستن کي سنڌي بلاگنگ لاءِ راغب ڪيو اهي۔ در اصل بلاگنگ جو مثال اسڪول جي نصاب ۾ پڙهيل سَهي ۽ ڪُميءَ واري ڪهاڻي جهڙو آهي يعني:
    slow and steady wins the race.
    اوهان هفتي ۾ ڀلي هڪ تحرير لکو۔ پر مستقل مزاجي سان لکندا رهندئو تڏهن ئي اوهان سٺا بلاگر ثابت ٿي سگهو ٿا۔ بهتر بلاگنگ لاءِ مشورا به وقت به وقت ڏبا پيا پر اڄ ڪجهه بلاگر ڊاٽ ڪام (blogger.com) جي لي آئوٽ (lay out) جي باري ۾ سکنداسين۔۔۔

    بلاگر جو لي آئوٽ انتهائي اهميت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته اوهان هتان ئي پنهنجي بلاگ جي مڪمل ڏيکاءَ ۾ پنهنجي مرضي موجب تبديليون آڻي سگهو ٿا۔ هيٺ ڏنل تصوير ۾ مون بلاگر جي لي آئوٽ کي 7 حصن ۾ ورهايو آهي هر حصي جي الڳ الڳ ڪمن کي هن ئي تحرير ۾ مختصر اوهان کي ٻڌائيندس۔۔

    blogger.com جي ذريعي بلاگر جي ڊيش بورڊ تي لاگ ان ٿيو، پنهني بلاگ تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ ساڄي پاسي موجود Layout واري لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔


    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    1۔ Favicon: فيوي ڪو، انگريزي لفظن favorite Icon جي مختصر صورت آهي۔ جڏهن ويب برئوزر تي بلاگ جي يا ويب پيج کي بوڪمارڪ ۾ محفوظ ڪجي ته اتي favicon نظر ايندو آهي۔ جيئن فيسبوڪ جي f وارو آئڪون، يا گوگل جو g وارو آئڪون۔
    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    2۔ Navbar: هتان اوهان بلاگر جي مٿئين حصي ۾ نظر ايندر Navigation Bar جي نموني کي هيٺ نظر ايندر نمونن سان تبديل ڪري سگهو ٿا۔
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    3۔ هي بلاگر جو Header آهي۔ هن حصي ۾ موجود edit واري لنڪ کي ڪلڪ ڪري بلاگ جو عنوان ۽ بلاگ جو تعارف لکي يا تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    [​IMG]
    بلاگر جي منجهان اوهان : (1) بلاگ جو عنوان تبديل ڪرڻ سگهو ٿا (2) بلاگ جو تعارف لکي سگهو ٿا۔۔۔ (3) اوهان چاهيو ته اوهان بلاگ جي عنوان ۽ تعارف جي جڳهه تي پنهنجي پنسد جو بينر به لڳائي سگهو ٿا جيئن سليمان وساڻ پنهنجي بلاگ تي لڳايو اهي (تصوير هيٺ ڏنل آهي)۔ (4)

    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    4۔ Pages: اسان گذريل موضوعن ۾ بلاگ تي پيج لڳائڻ جي باري ۾ پهريان ئي سکي آيا آهيون۔ هن جي ذريعي اوهان (A) بلاگ جي پيج منجهان منتخب ڪري سگهو ٿا ته اوهان جي ڪهڙا پيج ظاهر ٿين ۽ ڪهڙي عنوان سان۔ (B) بلاگ جي پيج يا صفحن کي مائوس جي مدد سان گِهلي (drag ڪري ) ترتيب ۾ تبديلي آڻي سگهو ٿا۔ (C) تبديليون محفوظ ڪريو، منسوخ ڪريو يا چاهيو ته بلاگ تان مورڳو ئي پيج ختم ڪري ڇڏيو۔
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    5۔ بلاگ پوسٽ : هن حصي ۾ اوهان بلاگ ۾ جيڪا به تحرير موڪليو ٿا انهي جي ڏيکاءَ ۾ مختلف قسم جون تبديليون آڻي سگهو ٿا۔۔۔
    [​IMG]
    پوسٽ واري حصي ۾ (I) اوهان جي بلاگ جي مين صفحي تي ڪيتريون بلاگ جون تحريرون يا پوسٽون ظاهر ٿيڻ گهرجن انهي (II) اوهان کي ياد هوندو ته بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ جي سکيا واري سلسلي جي گذريل تحرير ۾ اسان بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر ۾ موجود separator واري بٽڻ جي باري ۾ ٻڌايو هئو۔ جڏهن اوهان ڪنهن ڊگهي تحرير کي separator سان الڳ ڪيو ٿا ته اوهان پڙهندڙن لاءِ لنڪ ڇڏيو ٿا ته انهي لنڪ کي اوهان هن باڪس ۾ بيان ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جيئن ”وڏيڪ پڙهو“ وغيره۔۔۔ (III) اوهان جي بلاگ جي پوسٽ يا تحرير واري پيج جي هيٺان ظاهر ٿيندڙ سامان کي هتان ترتيب ڏئي سگهو ٿا، ته اوهان جي بلاگ جي تحرير جي هيٺان ڪهڙا ڪهڙا سامان موجود هجڻ گهرجن۔۔ اميد ته وڌيڪ تجربا ڪري سکي وٺندا۔ گهڻي تفصيل ۾ نه ٿو وڃان۔
    [​IMG]
    پوسٽ واري ئي حصي ۾ اوهان چاهيو ته بلاگ جي پوسٽ جي ڏيکاءَ کي تبديل ڪري سگهو ٿا۔ مائوس جي بٽڻ جي مدد سان مختلف آپشن گِهلي اڳتي پوئتي ڪري پنهنجي مرضي جي جاءِ تي مقرر ڪري سگهوٿا۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    6۔ Add widget بلاگ جي لي آئوٽ تي مختلف حصن تي موجود add gadget واري حصي کي ڪلڪ ڪري مختلف قسمن جا گيڊجيٽ يا آسان لفظن ۾ ائين چئجي ته مختلف قسمن جا سامان جهڙوڪ بلاگ جون تازيون تحريرون، مختلف قسمن جون تصويرون، مختلف جا ڪوڊ ۽ سوين ٻيون شيون لڳائي پنهنجي بلاگ کي وڌيڪ پرڪشش ۽ جاندار بڻائي سگهو ٿا۔ چاهيو ته اوهان مائوس جي مدد سان drag ڪري يا گِهلي Gadget جي ترتيب ۾ پڻ تبديلي آڻي سگهو ٿا۔

    [​IMG]
    ..............
    7۔ Attribution: هي بلاگ جي تري ۾ موجود powered by blogger واري لفظ جي ڀرسانبلاگ جي ڪاپي رائيٽ وغيره جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاء آهي۔
    ------------
    دوستو ٿي سگهي ٿو ڪافي شيون هن موضوع ۾ بيان ڪرڻ کان رهجي ويون هجن ان ڪري مونکي اميد آهي اوهان انهن شين تي پاڻ تجربا ڪري عبور حاصل ڪندئو۔ سدائين گڏ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انهن مان ڪافي شين تي ته پاڻ ڄاڻي ڪم ڪيو هو ، پر اوهان آسان طريقي سان سمجهائي اسان لاء وڌيڪ سهولت ڪري ڇڏي آهي۔

    باقي تجربا به هاڻي ئي شروع ٿا ڪيون۔ لک ٿورا

    هڪ سوال ته ڀلا پنهنجي بلاگ کي گوگل ڳولا ۽ گوگل بوٽس لاء ڪيئن قابل عمل بڻائجي؟

    ٻيو ته گوگل اينالائسس جي باري ۾ به ڪا ٽپ ڏجو ؟
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اهي تجربا ڪرڻ گهُرجن۔ جيئن ڪتاب جي ٽائيٽل جي اهميت هوندي آهي تيئن بلاگ جو ڏيک به اهميت جو حامل آهي۔ جيتوڻيڪ منهنجو اهو نظريو پهريان ڪمزور ۽ هاڻي وڌيڪ پُختو ٿيو جو انهي لاءِ وڪالت ڪنهن عام ماڻهو نه پر ذيشان رشيد ڪئي۔

    پر اصل ڳالهه آهي ايمبيڊ فونٽس جي۔ جيئن اڳي هڪ ليک ۾ به اهو ذڪر ٿيو هو ۽ احمد علي مڱريو جن پيرائتي ڳالهه ٻڌائي جواب به ڏنا پر منهنجي هڪ سوال جو تسلي بخش يا نتيجو ڏيندڙ جواب وري به نه مليو۔

    ڇا اهو ممڪن ناهي ته اوهان ايم بي سنڌي ويب کي ڪنهن ڀروسي قابل هوسٽ تي اپلوڊ ڪري انهي جو ايمبيڊ لنڪ دوستن کي ڏيو ۽ کين ٻڌايو ته هو بلگ جي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪٿي لڳائين ته ڪم پورو ٿي وڃي؟
    جواب: اهو بلڪل ممڪن آهي پر انلاءِ ضرورت آهي هڪ هوسٽ جي جيڪو تازه ترين ۽ سڀ فونٽس هوسٽ ڪري۔ پر ان هوسٽ سرور تي ويب سائيٽن جو تعداد وڌڻ سان اُن تي ڪم جو بار وڌندو۔ تنهنڪري ڪم(بلڪه صفا نه) خرچ ۽ بالا نشين حل اهوئي آهي ته ڪو اهڙو فونٽ سرور هجي جيڪو فونٽ فائل رکڻ به ڏئي ۽ انهنجو سڌو لنڪ به ڏئي ۽ بينڊورٿ جو مسئلو به نه ٿئي۔ جنهنجي تلاش جاري رهڻ گهرجي۔

    اهي فونٽ ڪافي سٺا آهن ۽ رشيد صاحب اهي پنهنجي ٽيمپليٽ ۾ به ڊفالٽ طور رکيا آهن ۽ سنڌس سلامت جا به ڊفالٽ فونٽ آحن۔ جيڪڏنهن ايمبيڊ فونٽ وارو ڪم بلاگ لاءِ به ٿي وڃي ته دنيا جي ڪهڙي به ڪمپيوٽر تي بلاگ کلندو ته اهي فونٽ نظر ايندا۔ يا وري انهن آفيسن ۾ جتي ڪو به فونٽ ايڊمن ريسٽرڪشن جي ڪري لڳائي نه ٿو سگهجي هُتي به مسئلو نه ٿيندو بلاگ ڏسڻ ۾۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين آهستي آهستي انشآء الله سڀ ڪم ٿي ويندو ڪافي دوست ان جستجو ۾ رڌل آهن نيٺ هڻي هنڌ ڪندا ۽ جيئن انگريزي فانٽ سليڪٽ ڪري پنهنجي تحرير کي مختلف روپ ڏئي سگهجن ٿا ائين سنڌي فانٽ ڏيڻ به بلاگ جو حصي ۾ شامل هوندا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو