اڄوڪو ڏينهن 12 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 12 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    12 ڊسمبر 1886ع فريڊم فائيٽر تاراچند گجرا جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1895ع فريڊم فائيٽر ۽ صحافي وشنو شرما (دادو/انڊيا) جي پيدائش ٿي.
    12 ڊسمبر 1912ع شاعر حاجي علي بخش جمالي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1922ع ليکڪ رام نولراء گيان ڀاڳچنداڻي (سکر/احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1923ع تي راز بلڙائي اصل نالو عبداللطيف راز ولد عبدالستار ڪوريجو ڳوٺ درويش تعلقي گهوڙا ٻاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس اٿس.
    12 ڊسمبر 1928ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1929ع ليکڪ چوئٿرام گانڌي (دادو/احمدآباد) جي پيدائش ٿي.
    12 ڊسمبر 1929ع لاڙڪاڻي جي صحافي غلام تقي جعفري جو جنم ٿيو.
    12 ڊسمبر 1931ع شاعر سيد عبدالرحمان اظهر جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1932ع تي مشھور اديب پريشان خٽڪ جو جنم ڏينھن آهي.
    12 ڊسمبر 1948ع اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخاري محمد چوڌري جي پيدائش ٿي.
    12 ڊسمبر 1948ع پٿوري جي صحافي لونگ خان مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1952ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ محقق، مترجم ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءَالله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1962ع شاعر گوهر گُل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    12 ڊسمبر 1971ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ بهزاد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    12 ڊسمبر 1048ع سائنس جي دنيا ۾ ابو سڏجندڙ ابو ريحان البيروني غزني ۾ وفات ڪري ويو.
    12 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر قاضي مينو عبدالباقي جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب لغاري جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1914ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ راڳي ۽ سوشل ورڪر ڀاڳت روپچند ديهانت ڪري ويو.
    12 ڊسمبر 1942ع حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1955ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه گُل جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1957ع نوابشاهه سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر محمد عثمان شيخ جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1960ع حڪيم قاضي شمس الدين (نوشهروفيروز) جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1964ع بزرگ خواجه عبدالغفار پير مٺا سائين جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم شڪارپوري جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 1968ع تي تحريڪ آزادي ڪشمير جو رهنما چوڌري غلام عباس جو وڇوڙو ٿيو.
    12 ڊسمبر 1983ع صوفي الهه بخش سهڻا سائين جو انتقال ٿيو.
    12 ڊسمبر 1985ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 2000ع سياستدان بيگم شائسته اڪرام الله جي وفات ٿي.
    12 ڊسمبر 2007ع اداڪار الياس ڪاشميري جي وفات ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 ڊسمبر 1896ع تي ڪراچي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو ويو۔

    ٿياسافيڪل سوسائٽي: ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو بنياد 17 نومبر 1875ع تي، نيويارڪ ۾ وڌو ويو. سوسائٽيءَ جو پهريون صدر ڪرنل ايڇ--ايس- او ڪاسٽ ۽ خط ڪتابت جي سيڪريٽري ميڊم اي. پي. بلئوٽسڪي هئي. سنڌ ۾ -ٿياسافيڪل سوسائٽي- جو سڀ کان -اول- رشي ڏيارام ڄيٺمل ميمبر ٿيو؛ 1895ع ۾ انهن ڪارڪنن جو گروهه هر هفتي ڏيارام جي رام -باغ- واري گهر ۾ ٿياسافيڪل مطالعي لاءِ گڏ ٿيندو هو، جنهن ۾ ڏيارام جو -ڀاءُ- ديوان دولت رام ڄيٺمل پڻ شامل هو. 1896ع ۾ مسز -ايني بيسنت- کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني وئي. مسز -ايني بيسنت-، دعوت قبول ڪري، ڊسمبر 1896ع ۾ سنڌ جو دؤرو ڪيو ۽ پارسي ٿيئٽر ۾ ڇهه ليڪچر ڏنا. سنڌ -ٿياسافيڪل سوسائٽي-، سنڌ ۾ سکر -بئراج- کي جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي پڻ عرضداشت موڪلي هئي. سائين جي. ايم. سيد، جڏهن 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو نائب صدر ٿيو ته پاڻ ڪراچيءَ جي فلاحي جماعتن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ -ٿياسافيڪل سوسائٽي- پڻ -ان- وقت عروج تي هئي. دنيا جي مختلف ملڪن مان دانشور ۽ ماهر اچي -ٿياسافيڪل سوسائٽي- هال ۾ مختلف موضوعن تي تقرير ڪندا هئا. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مقصد اهو هو ته رنگ، نسل، مذهب، قوم جي فرق ۽ ويڇن کي مٽائي -انسان- ذات جي خدمت ڪئي وڃي. جنهن وقت ۾ دولت رام مهتاڻي، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو نائب صدر هو، تڏهن هن ٻڌايو ته 1938ع کان وٺي جي. ايم سيد، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ ايندو رهندو هو ۽ مختلف تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوانن کي ”سنڌ جي -تصوف-“ جي -باري- ۾ ٻڌائيندو هو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هڪ شاخ حيدرآباد ۾ پڻ هئي، جنهن جي آفيس -بيسنت هال- ۾ هئي ۽ اتي ئي ٿياسافيڪل مطالعو ٿيندو هو. -بيسنت هال- اڄ به موجود آهي، جنهن جو 1917ع ۾ -ايني بيسنت- سنگ بنياد رکيو هو. حيدرآباد ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۽ عهديدارن ۾ محمد -ابراهيم جويو-، آپا ڊاڪٽر شمس عباسي شامل آهن.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ذڪر اڪثر ڪري مون سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ان کان علاوه سنڌ جي دانشور اديب امر جليل صاحب پنهنجي آٿم ڪٿا جي باب ڪراچي جون ڳاهيون ۾ پڻ ڪيو آهي جنهن جو ٽڪرو هت پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تاج محل سينيما سان لڳو لڳ ٿيا سافيڪل هال ۽لائبريري هوندي هئي. ٿيا سافيڪل هال ۽ سندس لائبريري سياسي اٿل پٿل ۾تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن. ٿيا سافيڪل هال سعيد منزل ڀرسان اسان جي فليٽکان تمام ويجهون هونديون هو. وچ ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارتايندي هئي. اين جي وي هاءِ اسڪول منهنجي ابتدائي يادن جو مرڪز آهي. پهريندرجي کان ميٽرڪ تائين مان پنهنجين غير معمولي يادن جي مرڪز ۾ پڙهيو آهيان. تفصيل ۾ هليو ويس ته پوءِ آتم ڪٿا جا اٺَ باب لکي ويندس.ٿيا سافيڪل هال سان منهنجيون بيشمار يادون وابسته آهن. 1961ع کان 1963عوارا ٽي سال مان ڪڏهن وساري نه سگهندس. جڏهن به لکيم منهنجي آتم ڪٿا جا اهمباب انهن سالن جي باري ۾ هوندا هئا. هتي فقط هڪ ٻن ڳالهين جو حوالو ڏيندس. ننڍي وهيءَ کان مان ٿياسافيءَ تي هفتيوار ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿيا سافيڪل هالويندو هوس. اُهي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي پريزيڊنٽ مسز گلمينوالا سادي، سليس ۽ سمجهه ۾ ايندڙ انگريزيءَ ۾ ڏيندي هئي. انهن ليڪچرنمذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجو ذهن صاف ڪري ڇڏيو. هال جي اسٽيج مٿان وڏناکرن ۾ لکيل ايني بسنت جي هڪ سٽ جو مفهوم مون کي سمجهه ۾ اچي ويو. ”ڪو مذهبسچ کان مٿاهون ناهيمذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجا مونجهارا ختم ٿي ويا. مون کي هميشه لاءِمڪتي ملي ويئي مان آزاد ٿي ويس. ٿيا سافيڪل هال ۾ نيشنل ٿيٽرس پاران منهنجوپهريون ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. اتي ئي مون ٻه ٽي اسٽيج ڊراما ڊائريڪٽ ڪياهئا. اهي ڊراما اردو ۾ هئا. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس سان ڪم ڪندي مونزندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن کي هر رنگ هر روپ ڏنو. زندگي کي مون روشني ۾ ڏٺوزندگيءَ کي مون تاريڪيءَ ۾ غرق ڏٺو. ڪلوز اپ (Close Up) ۾ زندگيءَ مون کيڏاڍي ڀوائتي محسوس ٿي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قيمتي معلومات، ٿورا۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ وڏو عالم، اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    سنڌ جي سرزمين ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن.انهن جي علم ۽ ڪمال جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ واسي ڇڏي آهي. اهڙن عالمن ۽ فاضلن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هڪ هو۔۔۔ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي انگريزي دَور جو هڪ وڏو عالم، اديب ۽ سياستدان ٿي گزريو آهي. هن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ سياست جي ميدان ۾ عظيم خدمتون سر انجام ڏنيون.حڪيم صاحب جي ولادت 1882ع ۾ سنڌ جي مشهور شهر سيوهڻ ۾ ٿي. قديم معزز عباسي خاندان سان سندس تعلق هو. سندس والد جو نالو حڪيم حافظ غلام محي الدين هو. عربي ۽ فارسي جي مڪمل تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو. جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن حڪيم صاحب پنجن ورهين جو ٿيو ته کيس مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريائين. هو ڏاڍو ذهين هو. ان ڪري ٿوري وقت اندر نه رڳو قرآن شريف پورو ڪيائين پر عربي ۽ پارسي ٻولين ۾ به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين. پوءِ دادو ضلعي جي سيتا نالي ڳوٺ ۾ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتي مولوي ميان محمد صديق سيتائي جهڙي لائق استاد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. سن 1321هجري ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ موٽي آيو. سال کن کان پوءِ هن ڪراچي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو دواخانو کوليو ۽ حياتي جو باقي وقت اتي گذاريائين. وٽس مريضن توڙي ملاقاتين جا ميڙ لڳيا پيا هوندا هئا. کيس شعر ۽ شاعري سان ڏاڍي دلچسپي هئي. شعر ۾ سندس استاد مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ هو. مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ محمد هاشم ”مخلص“ سندس همعصر شاعر هئا. ان وقت ٽکڙ ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا حڪيم صاحب انهن ۾ به بهرو وٺندو هو. ان کان سواءِ حيدرآباد جي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن ۾ به حصو وٺندو هو. سيکڙاٽ شاعرن جي ڪافي رهبري ڪندو هو. هن پنهنجي شعر جي ذريعي ماڻهن کي اتحاد، امن ۽ آزادي جو پيغام ڏنو آهي. حڪيم صاحب جا نثر ۾ لکيل ڪتاب اڄ به ادبي ميدان ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ”الجامع“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هئائين. جيڪو ڪيترن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ۾ مسلم قوم جي مفلسي، جهالت ۽ اڻڄاڻائي تي ڪيترائي مضمون لکيائين. ان ۾ هن کولي ٻڌايو ته مسلمانن جي پوئتي پوڻ جو سبب سندن غلط ريتون رسمون ۽ بي علمي آهي. هن هڪ هفتيوار اخبار” الاصلاح“ به جاري ڪئي. جيڪا اڳتي هلي روزاني اخبار ٿي. مرحوم هڪ پڪو مسلمان ۽ ديندار انسان هو. ڪراچي جا مدرسا مظهر العلوم، جامع اسلاميه سندس ڪوشش سان برپا ٿيا. کيس انگريزن کان سخت نفرت هوندي هئي. هو چوندو هو ته ”اسان کي غلامي اسان جي عملن جي نتيجي ۾ ملي آهي“ آزادي جي جدوجهد ۾ پاڻ ڪافي حصو ورتائين. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان داستان، قوم، حيات النبي، اخلاق محمدي، ڪمال ۽ زوال ۽ آفتاب ادب گهڻو مشهور آهن. ماڻهو اڄ به انهن کي چاهه سان پڙهن ٿا. حڪيم صاحب ملڻو جلڻو، خوش اخلاق ۽ کلمک انسان هو. ان ڪري جيڪو به ماڻهو ساڻس هڪ ڀيرو ملاقات ڪندو هو اهو سندس قرب ۾ ڪڙجي ويندو هو. سنڌ جو هيءُ بلند پايا اديب، شاعر ۽ مسلمانن جو گهڻگهرو ۽ هڏ ڏوکي 1942ع ۾ سنڌ جي مسلمانن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هو مختلف قومي، سياسي، مذهبي ۽ ادبي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو، جمعيت العلماءِ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. حڪيم صاحب دستار بندي ڪري عالم ٿيو. علم طب ۾ اڳي ئي تربيبت ٿيل هوس .حڪيم صاحب 1908ع ۾ شادي ڪئي. کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. حڪيم صاحب ڪل 21 کن ڪتاب لکيا. ان کان علاوه عربي ۽ فارسي ۾ ڪجهه رسالا لکيا. آفتاب ادب سندس مشهور ڪتاب آهي.
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت
    ماسٽر چندر ۽ سندس گهرواري

    [​IMG]
    ماسٽر چندر سنڌ جو اهو راڳي آهي جنهن کي نوجوان توڙي عمر رسيده ماڻهون اڄ به ٻڌندا آهن ماسٽر چندر
    12 ڊسمبر 1907 ۾ پيدا ٿيو، سنڌ جي شهر ٺارو شاه ۾ جنم ورتو سندس والد هڪ غريب هاري هو ماسٽر چندر ننڊ پڻ کان ئي راڳ رهاڻ ۽ موسيقي جو شوقين هو جڏهن ته هن جي خاندان ۾ راڳ سان واسطو رکندڙ ٻيو ڪو ماڻهون به موجود نه هو۔
    جڏهن سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور راڳي ڪنور رام ( جنهن کي سنڌ ۾ مذهبي ڪٽر پڻي تحت قتل ڪيو ويو هو ) صاحب هن ٻارڙي کي ڏٺو ته چيائين ته هي ٻارڙو وڏو ٿئي ۽ هڪ مشهور راڳي ٿيندو ۽ ڪنور رام جي اها ڳالهه سو فيصد صحيح ٿئي ۽ ماسٽر چندر سنڌ جو هڪ مشهور راڳي بڻيو۔
    ماسٽر 1933 ۾ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو ۽ 1934ع ۾ هن جو نالو جهر جهنگ ۾ گونججي ويو۔ ماسٽر چندر ايڪٽر طور فلم ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي۔ ۽ ان کان علاوه ماسٽر چندر فلم لاء تقريبن ست گانا پڻ ڳايا آهن ماسٽر چندر نه صرف هڪ بهترين راڳي هو مگر هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هو پنهنجن ڪيترن ڪلامن جون ڌنون پڻ پاڻ تيار ڪندو هو وڏي ڳالهه ته اهيا آهي ته شاعري به پاڻ ڪندو هو ، ڌن به پاڻ تيار ڪندو هو ۽ ڳائيندو به پاڻ هو۔ اهي سڀ صلاحتون هن هڪ شخص ۾ موجود هيون۔ ۔ سندس شاعري سولي سهڻي ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ ڪيل آهي۔ سندس شاعري جو انداز اهيو آهي جو هر ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته اهيا چندر ڄڻ مون سان مخاطب ٿيندي شاعري ڪئي آهي۔ ۽ مون کي ئي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي۔
    سندس جڳ مشهور ڪلام ( رٺائي رهن پر هجين حياتي ) ٻچي ٻچي کي ياد آهي۔ ۽ سندس اهيو ڪلام سدابهار ڪلام آهي جنهن کي سنڌ جي ڪيترن فنڪارن پڻ ڳايو آهي۔توهان پاڻ ڏسو هن درويش صفت راڳي جو انداز۔ جيڪي ساٿ پيا ڏين انهن لاء ته هرڪو پيو دعا ڏيندو آهي مگر هي صاحب ته رٺلن کي ڪاوڙ ڪندڙن کي به پيو دعا ڏئي۔ماسٽر چندر سان گڏ ڪيترن فنڪارن سنڌ ۾ پئي ڳايو جن ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور رام، ڀڳت موٽن داس، وغيره ۽ اهي پڻ پنهنجي دور جا مشهور راڳي هئا مگر ماسٽر چندر انهن مڙني فنڪارن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو۔ ۽ سندس نالي کان سنڌ ۽ هند جو هر سنڌي واقف ٿيو۔ کيس اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ دل سان ياد ڪيو ويندو آهي۔
    منهنجو ڏاڏا ماستر محمد اسمعاعيل وگهيو ٻڌائيندو هو ته ماسٽر چندر دادو ۾ چاندني چونڪ تي هر چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي راڳ جي محفل ڪرڻ لاء ايندو هو ۽ سڄو چاندني چونڪ ڀرجي ويندو هو۔۽ خوب مزو پيو ايندو هو هڪ چانڊوڪي رات ٻيو ٺريل رات ۽ مٿان چندر جو مٺڙو آواز سهڻي شاعري سان گڏ، مطلب ته دل کي سڪون ۽ ڪرار اچي ويندو هو۔ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي وراست ٿئي ته ماسٽر چندر به پنهنجو اباڻو وطن سنڌ ڇڏي هميشه لاء هندستان هليو ويو۔ ۽ عمر جي آخر تائين پنهنجي اباڻي وطن کي ياد ڪندو رهيو۔ ۽ سنڌ کي ياد ڪندي هڪ ڪلام پڻ ڳايائين وڃڻ کانپوء به هن کي سنڌ جي ياد ستايو ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ 1955ع ۾ سنڌ گهمڻ آيو ۽ هن کي ماڻهن خوب عزت ڏني۔ ان آجيان هن جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيو۔ ۽ کيس سنڌ لاء اڃان تڙپ وڌي وئي۔
    آخرڪار سنڌ جو هي مشهور راڳي هندستاب بمبئي ۾ 1984ع ۾ وفات ڪري ويو پر سندس آواز شاعري ۽ انداز سنڌ جي ماڻهن کي هميشه هميشه ياد رهند
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو